اين ڊي ايم اي ڪورونا ۽ ماڪڙن لاءِ ھيلپ لائنون قائم ڪري ڇڏيون.

نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي ڪورونا ۽ ماڪڙن لاءِ الڳ الڳ ھيلپ لائنون قائم ڪري ڇڏيون آھن. اھي ھيلپ لائنون اين ڊي ايم اي جي آپريشن روم ۾ قائم ڪيون ويون آھن. اين ڊي ايم اي جي ترجمان موجب ڪورونا ھيلپ لائن 61-01-111-0304 آھي، جڏھن ته ماڪڙ ھيلپ لائن 62-01-111-0304 آھي. ان حوالي سان ترجمان چيو ته ماڻھو 24 ڪلاڪ انھن نمبرن تي رابطو ڪري شڪايتون داخل ڪرائي سگھن ٿا. ڊاڪٽرن لاءِ ڪورونا ھاٽ لائن رابطو نمبر 157-157-111-051 اڳ ۾ ئي موجود آھي. ترجمان وڌيڪ چيو ته آبادگار ماڪڙن بابت شڪايتن لاءِ اين ايل سي سي جي ھاٽ لائن 999-222-111-051 تي پڻ رابطو ڪري سگھن ٿا. ٻئي طرف اين ڊي ايم اي جي چيئرمين چيو آھي ته اين ڊي ايم اي ملڪ مان ڪورونا وبا ۽ ماڪڙن جي خاتمي لاءِ ھر ممڪن قدم کڻي رھي آھي