ڪراچي: شاگردياڻيءَ جي اسڪول جي عمارت تان ٽپو ڏئي آپگهات جي ڪوشش
ڪراچي جي علائقي بلديا ٽائون جي مدينه ڪالوني ۾ ستين جماعت جي شاگردياڻي اسڪول جي عمارت تان ٽپو ڏئي آپگهات جي ڪوشش ڪئي، جنهن کي ناڪام بڻايو ويو. پوليس موجب واقعو بلديا ٽائون جي علائقي مدينه ڪالوني ۾ ڪريسنٽ پبلڪ اسڪول ۾ پيش آيو، ستين جماعت جي شاگردياڻي لائبه فاروق اسڪول جي عمارت تان ٽپو ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن کي علائقي واسين بچائي ورتو، آپگهات جي ڪوشش ڪندڙ ٻارڙي ڪريسنٽ اسڪول ۾ ئي پڙهندي آهي. پوليس موجب 13 ورهين جي ٻارڙي مبينا طور تي گهر ۾ به آپگهات جي ڪوشش ڪئي هئي، سومر تي هوءَ اسڪول آئي ۽ شام ۾ هن ٻيهر آپگهات جي ڪوشش ڪئي. علائقي واسين جو چوڻ آهي ته اڻڄاتل سببن جي بنياد تي ٻارڙي اهو قدم کنيو، جڏهن ته پوليس طرفان معاملي جي جاچ ڪئي پئي وڃي.