خاصنئون

ملازمتن جي تحفظ لاءِ اسٽيٽ بينڪ روزگار اسڪيم جي حد ۽ دائرو وڌائي ڇڏيو.

اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان ڪورونا جي معاشي اثرن سبب نجي شعبي جي ورڪرن جي ملازمتن جي تحفظ لاءِ قرضن جي سھولت جي روزگار اسڪيم جي حد ۽ دائري ۾ اضافو ڪري ڇڏيو آھي. ھاڻ ڊپازٽ جمع ڪرائڻ وارا مالياتي ادارا به روزگار اسڪيم مان فائدو وٺي سگھندا. انشورنس ڪمپنيون، انويسٽمينٽ ٽرسٽ، ميوچوئل فنڊ ۽ ھائوس بلڊنگ فنانشل ادارا به پنھنجن ملازمن جي 3 مھينن جي پگھارن لاءِ قرض وٺي سگھندا. اسٽيٽ بينڪ پگھارن لاءِ قرضن جي حد ۾ اضافو ڪري ڇڏيو آھي. 3 مھينن لاءِ 50 ڪروڙ رپين جي پگھارن لاءِ روزگار اسڪيم مان 100 سيڪڙو سرمايو حاصل ڪري سگھجي ٿو. ان کان پھرين 50 ڪروڙ رپين جي پگھارن لاءِ اسٽيٽ بينڪ ادارو 20 ڪروڙ يا 75 سيڪڙو سرمايو فراھم ڪري رھيو ھو