لاڪ ڊائون ڪورونا وائرس خلاف وقتي عمل آھي، وزير اعظم

وزير اعظم عمران خان جي صدارت ھيٺ ملڪ ۾ لاڪ ڊائون ۾ نرمي بابت فيصلي تي عملدرآمد جو جائزو وٺڻ لاءِ اجلاس ٿيو. اسلام آباد ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ وفاقي وزير اسد عمر، حماد اظھر، شبلي فراز، خسرو بختيار، عبد الحفيظ شيخ ۽ واپار واري صلاحڪار عبد الرزاق دائود سميت ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ وزير اعظم کي ڪورونا جي مجموعي صورتحال تي بريفنگ ڏني وئي ۽ نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) جي انگن اکرن کان آگاھ ڪيو ويو. ان موقعي تي وزير اعظم جي قومي سلامتي واري خصوصي مددگار معيد يوسف پرڏيھ مان واپس ايندڙ پاڪستانين بابت بريفنگ ڏني. اجلاس ۾ لاڪ ڊائون بابت فيصلن تي عملدرآمد جو ۽ ڪورونا پکيڙ جي شرح جو جائزو ورتو ويو. وزير اعظم چيو ته وينٽيليٽرن جي بھترين استعمال ۽ ان جي آساني سبب ميسر ايندڙ مربوط حڪمت عملي تيار ڪئي وڃي. معاشي صورتحال، عوامي مسئلن ۽ ٻين ملڪن جي صورتحال کي نظر ۾ رکي لاڪ ڊائون ۾ نرمي ڪئي وئي، ته جيئن معاشي سرگرمين ۽ حفاظتي قدمن ۾ توازن برقرار رکي سگھجي. عالمي طور تي چيو پيو وڃي ته لاڪ ڊائون ڪورونا خلاف وقتي عمل آھي. ڪورونا کان بچڻ لاءِ حفاظتي قدمن کي ڪنھن صورت ۾ نظرانداز نٿو ڪري سگھجي. عمران خان ھدايت ڪئي ته ڪورونا ٽيسٽ جي حوالي سان ڪجھ حلقن جي خدشن کي ختم ڪيو وڃي. عوام کي ترغيب ڏني وڃي ته ھو پاڻ علامتن جي صورت ۾ ٽيسٽ ڪرائين. گھر ۾ ڪورنٽائن اختيار ڪرڻ جي حوالي سان ماڻھن کي ڄاڻ ڏني وڃي