بلاگنئون

ايران آمريڪا سرد جنگ: ائٽمي الزام، سياسي مفاد ۽ جنگ جا بادل‎

عالمي سياست جي ميدان ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر اهڙو منظر جڙندي نظر اچي رهيو آهي جتي طاقت، ڌمڪي ۽ مفادن جي راند انساني جانين کان مٿي رکي پئي وڃي. وقت جي هن نازڪ گهڙي ۾، جڏهن دنيا اڳ ئي جنگين، معاشي بحرانن ۽ سياسي بي يقينيءَ جي ور چڙهيل آهي، وچ اوڀر کي ٻيهر باهه جي ڪنڊ تي آڻي بيهارڻ جا اشارا ملي رهيا آهن. فيبروري 2026 جو مهينو، جيڪو عام حالتن ۾ سردي ۽ سڪون سان جڙيل هوندو آهي، هن ڀيري خطي لاءِ هڪ اهڙي باهه جهڙي گرميءَ جو پيغام بڻجي ويو آهي، جنهن جا اثر رڳو ايران يا ان جي پاڙيسري ملڪن تائين محدود نه رهندا، پر سڄي دنيا کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي سگهن ٿا. آمريڪي صدر جي لهجي ۾ تازو جيڪو سختي ۽ جلد بازي نظر اچي ٿي، اها رڳو سفارتي دٻاءُ ناهي، پر هڪ اهڙي حڪمت عملي جو حصو لڳي ٿي، جنهن جو انجام جنگ جي صورت ۾ نڪري سگهي ٿو. ايران کي محدود وقت جو الٽيميٽم ڏيڻ، ايٽمي معاهدي کي بنياد بڻائي سخت نتيجن جون ڌمڪيون ڏيڻ ۽ ساڳي وقت خطي ۾ فوجي موجودگيءَ کي غير معمولي حد تائين وڌائڻ، اهي سڀ قدم گڏجي هڪ خطري واري تصوير پيش ڪن ٿا. هي منظر نئون ناهي؛ تاريخ گواهه آهي ته جڏهن به ڪنهن وڏي طاقت اهڙي ريت بيانيو ٺاهيو آهي، تڏهن ان جي پويان تباهيءَ جو داستان لڪل رهيو آهي. طاقتورن رياستن جي اها پراڻي روايت رهي آهي ته جڏهن به جنگ مڙهڻي هجي، تڏهن اخلاقيات، قانون يا انساني حقن جو سهارو ورتو وڃي. حقيقت ۾، اهي قدر رڳو نعرا بڻجي وڃن ٿا، جڏهن مفادن جو سوال سامهون اچي ٿو. ايران بابت موجوده بيانين ۾ به اهڙو ئي تضاد صاف نظر اچي ٿو. هڪ پاسي انساني حقن جي ڳالهه ڪئي وڃي ٿي، ٻئي پاسي اهڙا انگ اکر پيش ڪيا وڃن ٿا، جن جي تصديق عالمي سطح تي مشڪل بڻجي وڃي ٿي. جڏهن ڪنهن ملڪ تي الزام هنيا وڃن ٿا ته هزارين ماڻهو ماريا ويا ته قدرتي طور سوال اڀري ٿو ته انهن دعوائن جا ثبوت ڪٿي آهن؟ ۽ جيڪڏهن سامهون ملڪ انهن انگن کي چئلينج ڪري سرڪاري ڊيٽا پيش ڪري ته پوءِ عالمي ضمير کي فيصلو ڪرڻو پوندو ته ڪهڙي ڳالهه حقيقت جي ويجهو آهي.

هيءَ صورتحال ڪيترن کي ماضي جي انهن تلخ تجربن جي ياد ڏياري ٿي، جتي ڪوڙن دعوائن ۽ وڌايل خطرن جي بنياد تي مڪمل رياستن کي تباهه ڪيو ويو. جڏهن حقيقتون سامهون آيون، تڏهن دير ٿي چڪي هئي، ملڪ کنڊرن ۾ تبديل ٿي چڪا هئا ۽ لکين زندگيون اجڙي چڪيون هيون. اڄ به ساڳيو خطرو موجود آهي ته جيڪڏهن جذبات، سياسي مفادن ۽ هڪ طرفي معلومات جي بنياد تي فيصلا ڪيا ويا، ته ان جا نتيجا ناقابلِ واپسي ٿي سگهن ٿا. اصل مسئلو رڳو ايران جو ايٽمي پروگرام ناهي، بلڪه اهو آهي ته عالمي طاقت توازن کي پنهنجي مرضيءَ سان سنڀالڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. جڏهن هڪ ملڪ کي پنهنجي دفاعي صلاحيت وڌائڻ جي اجازت هجي، پر ٻئي کي ساڳئي حق کان محروم رکيو وڃي، تڏهن انصاف جي ڳالهه بي معنيٰ بڻجي وڃي ٿي. ايران جو موقف رهيو آهي ته ان جا ايٽمي قدم دفاعي ۽ توانائيءَ جي ضرورتن سان لاڳاپيل آهن، جڏهن ته ٻاهرين دنيا ۾ ان کي خطري طور پيش ڪيو وڃي ٿو. اهڙي صورتحال ۾ شفافيت، ڳالهه ٻولهه ۽ بين الاقوامي معاهدن جي پاسداري ئي واحد رستو ٿي سگهي ٿو، پر جڏهن ڌمڪين ۽ فوجي دٻاءُ کي اوليت ڏني وڃي، تڏهن سفارتڪاري پوئتي رهجي وڃي ٿي. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته هن سموري تڪرار ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ شايد ايران جي فوجي طاقت نه، پر آمريڪا جا پنهنجا اندروني مسئلا آهن. ملڪ اندر سياسي ورهاست، معاشي دٻاءُ ۽ ايندڙ چونڊون، اهي سڀ عنصر اهڙا آهن، جيڪي ڪنهن به وڏي جنگي فيصلي کي مشڪل بڻائي ڇڏين ٿا. آمريڪي عوام اڳ ئي ڊگهي عرصي تائين هلندڙ جنگين کان ٿڪجي چڪو آهي. غير ملڪي مداخلتن تي ٿيندڙ وڏا خرچ، جڏهن ملڪ اندر روزگار، صحت ۽ مهانگائي جهڙا مسئلا موجود هجن، تڏهن عوامي حمايت حاصل ڪرڻ ڏکيو ٿي وڃي ٿو. سياسي حڪمت عملي ساز به خبردار ڪري رهيا آهن ته ڪنهن به نئين جنگ جو اثر رڳو ٻاهرين محاذ تي نه، پر اندروني سياست تي به پوندو. حڪمران پارٽين لاءِ اهو خطرو موجود آهي ته جنگي فيصلا سندن اقتدار کي ڪمزور ڪري سگهن ٿا، جيڪي ووٽر امن، استحڪام ۽ معاشي سڪون چاهين ٿا، اهي غير ضروري جنگين جي حمايت ڪرڻ لاءِ تيار ناهن. اهڙي ماحول ۾، جنگي پاليسيون سياسي خودڪشيءَ برابر سمجهيون وڃن ٿيون.

عالمي سطح تي به صورتحال آمريڪا لاءِ گهڻي سازگار نظر نٿي اچي. روايتي اتحادي، جيڪي ماضي ۾ آمريڪي قدمن سان گڏ بيهندا هئا، هاڻي وڌيڪ محتاط نظر اچن ٿا. يورپ اڳ ئي اوڀر ۾ هڪ وڏي تڪرار سان منهن ڏئي رهيو آهي ۽ ان جي ترجيح پنهنجي سرحدن جي سلامتي ۽ معاشي استحڪام ۾ آهي. وچ اوڀر ۾ ڪنهن نئين محاذ کولڻ جي خواهش يورپي ملڪن ۾ گهٽ نظر اچي ٿي. اهو رويو واشنگٽن لاءِ هڪ واضح پيغام آهي ته عالمي حمايت بغير سوچيل سمجهيل فيصلا خطري کان خالي ناهن. هي سڀ ڪجهه ان ڳالهه ڏانهن اشارو ڪري ٿو ته دنيا هڪ نازڪ موڙ تي بيٺي آهي. جيڪڏهن طاقتور ملڪ پنهنجي پاليسين ۾ لچڪ، حقيقت پسندي ۽ انصاف کي جاءِ نه ڏيندا، ته نتيجا رڳو هڪ خطي تائين محدود نه رهندا. جنگين جو اثر هميشه سرحدن کان ٻاهر نڪري ٿو، توانائي مارڪيٽن کان وٺي عالمي معيشت تائين سڀ ڪجهه متاثر ٿئي ٿو ۽ سڀ کان وڌيڪ قيمت عام انسان ادا ڪري ٿو، جنهن جو هن سياسي شطرنج سان ڪو سڌو واسطو ناهي. ان ڪري ضروري آهي ته ڌمڪين بدران ڳالهه ٻولهه کي موقعو ڏنو وڃي، الزام تراشيءَ بدران ثبوتن کي سامهون آندو وڃي ۽ طاقت جي مظاهري بدران سفارتڪاري کي ترجيح ڏني وڃي. تاريخ بار بار سيکاري ٿي ته جنگ شروع ڪرڻ آسان هوندي آهي، پر ان جا زخم نسلن تائين رهجي ويندا آهن. جيڪڏهن عالمي اڳواڻ هن سبق کي نظر انداز ڪندا ته فيبروري 2026 شايد رڳو هڪ مهينو نه، پر هڪ اهڙي دور جي شروعات بڻجي سگهي ٿو، جنهن جا نتيجا دنيا گهڻي عرصي تائين ڀوڳيندي رهندي.