تاريخ 26 فيبروري 2026ع تي افغان طالبان پاڪستان جي بارڊر تي چوڪين مٿان حملو ڪري پاڪستان کي عسڪري ڪارروائي جو جواز مهيا ڪري ڇڏيو. هن وقت خطي ۾ ايران مٿان آمريڪا ۽ اسرائيل جي حملي جنهن ۾ ايران جي سپريم ليڊر جي شهادت سبب سخت ڇڪتاڻ وارو ماحول آهي. پاڪستان ۽ افغانستان جي جنگ واري صورتحال اڃان به خطي کي وڌيڪ دٻاءُ جو شڪار بڻائي ڇڏيو آهي. پاڪستان پنهنجي پاڙيسري ملڪن سان هميشه امن ۽ دوستيءَ جو خواهشمند رهيو آهي، پر اها جنگ افغان طالبان پاڪستان مٿان زبردستي مڙهي آهي جنهن جي جوابي ڪارروائي “آپريشن غضب للحق” طور ڪئي وئي آهي. هيستائين 352 افغان طالبان ۽ شدت پسند ماريا ويا آهن ۽ 80 کان وڌيڪ ٽي ٽي پي جا دهشتگرد ماريا ويا آهن. جڏهن ته افغان اختياريون ان انگ کي مڃڻ کان انڪاري آهن. هيستائين پاڪستان طالبان جون 27 سرحدي چوڪيون مڪمل طور تي تباهه ۽ ڪيترن ئي اسلحه خانن ۽ لاجسٽڪ بيسز کي نشانو بڻايو آهي. آءِ ايس پي آر مطابق پاڪستان فورس جا 12 فوجي شهيد ۽ 27 زخمي ٿيا آهن ۽ هڪ اهلڪار جي گم ٿيڻ جو اطلاع پڻ آهي. جنگ ڪنهن لاءِ به فائديمند ناهي هوندي، پر ان جي باوجود به قومون پنهنجن مفادن لاءِ هڪ اهڙي نهج تي پهچي وينديون آهن جو انهن وٽ جنگ کانسواءِ ڪوبه رستو ناهي بچندو. اها ئي صورتحال هينئر پاڪستان سان لاڳو آهي. جنهن جي نتيجي ۾ پاڪستان کي هر مهيني تقريبن 177 ملين ڊالر، روزانو 50 ارب رپيا نقصان ٿي رهيو آهي.
سرحدن جي بندش سبب وچ ايشيائي رياستن تائين تجارت جو سلسلو معطل آهي. جنگ واري صورتحال سبب خيبر، مهمند، باجوڙ ۽ چمن ۾ مقامي آبادي جي لڏپلاڻ پڻ ٿي رهي آهي. ڪجهه اطلاعن مطابق افغانستان جي مرڪزي ترجمان ذبيح الله هڪ اهڙو بيان ڏنو آهي جنهن ۾ جنگ کي ختم ڪرڻ جو پيغام نظر اچي ٿو. هن تازو ئي ڪابل ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته افغانستان پنهنجي پاڙيسري ملڪ سان جنگ نٿو چاهي. پاڪستان کي يقين آهي ته افغانستان ۾ موجود بدامني پويان ٻاهرين هٿ جو وڏو ڪردار آهي جيڪو افغانستان کي پاڪستان خلاف هڪ پراڪسي طور استعمال ڪري رهيو آهي. هن وقت خطي ۾ جيڪا ويڙهه وڙهي پئي وڃي ان ۾ سي پيڪ جي ڪامياب تعمير کي روڪڻ هڪ وڏو مقصد آهي. مستقبل ۾ پاڪستان جي سيڪيورٽي ۽ معيشت جو دارومدار سي پيڪ جي ڪاميابيءَ تي آهي. سڀني کي خبر آهي ته چين جو سي پيڪ منصوبو آمريڪا لاءِ مستقبل ۾ موت برابر آهي. ان ڪري انجنيئرنگ ڪري مختلف طريقن سان ڪڏهن ڪراچي ۽ گوادر ۾ چيني شهرين تي حملا ٿيندا رهيا ۽ بلوچستان ۾ بدامني پيدا ڪري گوادر بندر گاهه کي مڪمل طور فعال ٿيڻ کان روڪيو ويو آهي. ان سان نه صرف چين جو اهو منصوبو سست رويءَ جو شڪار ٿيو آهي، پر پاڪستان جي مستقبل جي ترقي جو سفر به سست ٿيو آهي. آمريڪا هن گيم کي وڌائي ڀارت کي به پاڻ سان شامل ڪيو آهي. هاڻي اهو کليل راز آهي ته افغانستان ۾ دهشتگرد انهن طاقتور ڌرين جي پراڪسي طور وڙهي رهيا آهن جيڪي هن معاشي سفر کي نشانو بڻائڻ چاهين ٿا. هن وقت خطي ۾ هڪ نئون منظر نامون اڀري آيو آهي، ڀارت جي پرڏيهي پاليسيءَ ۾ هڪ اهم موڙ آيو آهي ۽ تازو ئي نريندر مودي اسرائيل جو دورو ڪيو، جنهن کانپوءِ افغان طالبان پاڪستان مٿان حملو ڪيو ۽ جلد ئي ايران مٿان حملو ڪري ان جي قيادت کي منظر تان هٽايو ويو آهي.
پاڪ افغان ويجهڙائي ڀارت جي حق ۾ ناهي. ڀارت هن وقت افغانستان ۾ اربين ڊالر خرچ ڪري ترقياتي منصوبا مڪمل ڪري رهيو آهي. اسرائيل ۽ ڀارت جو ويجهو اچڻ هڪ اسٽريٽيجڪ پارٽنرشپ آهي. جنهن ۾ دفاعي ٽيڪنالاجي، خفيه معلومات جو شيئر ٿيڻ ۽ وري افغانستان جو ان اتحاد ۾ شامل ٿيڻ پاڪستان لاءِ ڳڻتيءَ جوڳو آهي. خطي ۾ آمريڪا، اسرائيل، يو اي اِي ۽ ڀارت جو هڪ نئون اتحاد جنهن کي “مڊل ايسٽ ڪواڊ” چيو وڃي ٿو، چين جي سي پيڪ جو متبادل رستو ڳولڻ لاءِ ٺاهيو ويو آهي. اهڙي صورتحال پيدا ڪئي وئي آهي جو ڀارت کي اسرائيل جي ويجهو آڻي چين خلاف استعمال ڪري سگهجي. افغانستان ۾ بدامني آمريڪا جي حق ۾ ۽ چين جي منصوبن لاءِ هاڃيڪار آهي. آمريڪا جي خواهش آهي ته پاڪستان چين جي ڪئمپ مان نڪري مڪمل طور آمريڪن ڪئمپ ۾ شامل ٿئي، پر هو پاڪستان کي ناراض به نٿو ڪري سگهي. ڇو ته افغانستان ۾ پير وجهڻ لاءِ آمريڪا کي ڪڏهن به پاڪستان جي ضرورت ٿي سگهي ٿي. هن وقت پاڪستان کي اندروني طور مضبوط هجڻ جي ضرورت آهي. ان لاءِ پاڪستان کي هڪ مضبوط وفاق بنائڻ لاءِ صوبن کي ڪمزور ڪرڻ ۽ صوبن جي ٻانهن مروٽڻ واري پاليسيءَ کي ترڪ ڪرڻو پوندو. اين ايف سي ايوارڊ ۾ صوبن جو حصو گهٽ ڪرڻ ۽ ارڙهين ترميم کي رول بيڪ ڪرڻ يا وري نوان صوبا ٺاهڻ جون ڳالهيون وفاق ۽ صوبن جي وچ ۾ شڪ پيدا ڪن ٿيون ۽ وفاق ڪمزور ٿئي ٿو، عوام ورهائجي وڃي ٿو. ان سڄي سياسي انجنيئرنگ جو سلسلو ختم ٿيڻ گهرجي. پاڪستان کي مضبوط ڪرڻ جو واحد ذريعو صوبن کي وڌيڪ مضبوط، خود مختيار ۽ طاقت فراهم ڪرڻ آهي. جڏهن صوبا مضبوط هوندا ته وفاق مضبوط ٿيندو ۽ رياست مضبوط ٿيندي ۽ پوءِ ڪنهن به اهڙي صورتحال ۾ جتي وفاق کي صوبن جي مدد جي ضرورت هوندي ته اهي هميشه مدد لاءِ موجود هوندا.