عوام پنهنجي حقن جي لاءِ جڏهن به پاڻ ۾ گڏجي هڪ آواز ٿي پنهنجي ڏکن جو اظهار ڪيو آهي ته پوءِ انهيءَ آواز جي سامهون طاغوتي طاقتن گوڏا کوڙيا آهن. اهو ئي سبب آهي ته اهي طاقتون عوام کي پنهنجن ڏکن تي دانهون ڪرڻ لاءِ گڏجڻ نه ڏينديون آهن ۽ عوام کي اهو سمجهايو ويندو آهي ته اوهان ڪمزور آهيو اوهان جي آواز ۾ طاقت نه آهي، انهيءَ ڪري توهان پنهنجي مٿان مڙهيل فيصلن کي نصيب سمجهي قبول ڪندا رهو. اهي طاقتون گهڻي قدر انهيءَ هٿيار کي استعمال ڪندي ڪامياب ٿيون آهن ته هنن عوام کي اهو مڃرائي ورتو آهي ته عوام ڪمزور آهي جيڪو دراصل ائين آهي ڪونه. عوام جڏهن به گڏجي پنهنجو آواز بلند ڪيو آهي ته ان جي آواز حڪومتي ايوانن کي لوڏي ڇڏيو آهي.
هينئر به ايئن ٿئي پيو، مهانگائي خاص طور تي مهانگي بجلي ۽ ان جي نتيجي ۾ عوام کي ملندڙ ڳاٽي ٽوڙ بل ماڻهن کان دانهون ڪڍرائي ڇڏيون آهن، پر هن وقت جڏهن اهو آواز پوري ملڪ مان آهستي آهستي بلند ٿي رهيو آهي ته ان جو اثر نه صرف ميڊيا اندر نظر اچي پيو، پر هن وقت سينيٽ ۾ توانائي جي قائمه ڪميٽي پڻ ان تي ڌيان ڏنو آهي. سينيٽ جي قائمه ڪميٽي براءِ توانائي آءِ پي پيز جو ڪارڊ 1992ع کان وٺي 2024ع تائين طلب ڪري ورتو آهي. آءِ پي پيز جا مالڪ ڪير آهن؟ انهن جي نالن کي پڻ طلب ڪيو ويو آهي. انهن کي ڪيترا پئسا في يونٽ جي حساب سان ڏنا وڃن ٿا؟ انهن سان جيڪي ايگريمينٽ ٿيون آهن، مطلب هر قسم جو رڪارڊ حڪومت کي قائمه ڪميٽي جي سامهون پيش ڪرڻو آهي. هڪ طرح سان اها عوام جي هڪ ننڍي ڪاميابي ضرور آهي. جيڪڏهن سندس آواز انهيءَ سگهه سان بلند ٿيندو رهيو ته اها قائمه ڪميٽي مجبور ٿي سندس سامهون آيل دستاويز ميڊيا جي آڏو پڌرا ڪندي، جنهن ۾ اڇا ڪارا، شريف بدمعاش سڀ پڌرا ٿي ويندا، جن گذريل 32 سالن کان عوام جو رت چوسيو آهي، پر جيڪڏهن آواز خاموش ٿي ويو ته پوءِ اها ئي ڪميٽي خانا پوري جي لاءِ ٻه ٽي اجلاس گهرائيندي، پر ورندو ڪجهه به نه. آءِ پي پيز جي نالي سان گذريل دور جي سڀني حڪومتن جيڪو ظلم پاڪستان جي عوام سان ڪيو آهي، جيڪڏهن عوام کي انصاف ملي ته انهن سڀني پاور پلانٽ جي مالڪن کي سرِ بازار چهبڪ هڻي انهن کي مليل مفت خوري واري رقم واپس وٺي عوام تي خرچ ڪري عوام جي اهنجن جو ازالو ڪيو وڃي، پر ايئن ٿيندو ڪونه. ڇو ته انهيءَ وهندڙ گنگا مان سڀني هٿ ڌوتا آهن، پر گهٽ ۾ گهٽ هي قائمه ڪميٽي انهن کي وائکو ضرور ڪندي. انهن پاور پلانٽس سان اهڙي قسم جا معاهدا پڻ ٿيا آهن ته اهي هلن يا نه هلن، بجلي پيدا ڪن يا نه ڪن، پر انهن کي هر مهيني اربين رپين جي ادائگي ضرور ڪئي ويندي.
هن حڪومت کي جيڪڏهن عوام جو احساس آهي ته انهن معاهدن کي پارليامينٽ ۾ کڻي اچي ۽ پوءِ سپريم ڪورٽ ۾ آڻي جيڪي معاهدا ڪينسل ٿي سگهن ٿا انهن کي ڪينسل ڪيو وڃي ۽ جن معاهدن تي نظرثاني ڪري انهن کي آسان بڻائي سگهجي، انهن کي آسان بڻايو وڃي. اهو ڪيئن ممڪن آهي ته سرڪار جنهن وٽ عوام جي ٽيڪسن جو پئسو آهي اها ساڍا 7 سئو رپيا في يونٽ خريد ڪري. اشرافيه ۾ ويٺل سڀئي ماڻهو انهيءَ ظلم واري ڪلور ۾ شامل آهن، جيڪڏهن انهن مان ڪي عوام دوست ماڻهو آهن ته انهن کي هڪدم ميدان ۾ اچڻو پوندو، پر اهي نٿا اچن جيڪو نظر به مشڪل ٿو اچي. ڇو ته اهي پئسا سڌيءَ طرح يا ان سڌيءَ طرح انهن جي کيسن ۾ وڃن ٿا ته پوءِ عوام کي سندرو ٻڌي ميدان ۾ اچڻو پوندو. جهڙي نموني سان آزاد ڪشمير جو عوام ميدان ۾ آيو ۽ بجليءَ جي في يونٽ جي قيمت صرف 3 رپيا مقرر ڪرائي. هاڻ اهو پاڪستان جي عوام جي مٿان آهي ته دانهون گهر ۾ ويهي ٿو ڪري يا ٻاهر نڪري پنهنجي آواز جي سگهه حڪومتي ايوانن تائين پهچائي ٿو.