بلاگخاصنئون

آزاد ڪشمير جي عوام لاءِ بجلي ۽ اٽو سستو، پر سنڌ جي عوام کي به گئس سستي ڏيو

ڪجهه ڏينهن اڳ آزاد ڪشمير اندر مظاهرا، هڙتالون ۽ جلاءُ گهيراءُ جو بازار گرم رهيو. پاڪستان جي ميڊيا هميشه وانگر ڪنٽرولڊ ڪوريج ڏيندي رهي. انهن مظاهرن ۾ هڪ پوليس انسپيڪٽر ۽ ٽي شهري موت جي منهن ۾ هليا ويا. بهرحال اهو مسئلو ڳالهين جي ذريعي حل ٿيو، جنهن ۾ احتجاج ڪندڙ ڪشمير جوائنٽ ايڪشن ڪاميٽي پنهنجا مطالبا مڃرائڻ ۾ ڪامياب ٿي. پهريون مطالبو بجلي سستي ڪئي وڃي، هاڻي طئي اهو ٿيو آهي ته ڪشمير جي ماڻهن کي بجلي 3 رپيا في يونٽ جي اگهه تي ملندي. ٻيو مطالبو اٽو سستو ڪيو وڃي، اهو به مڃيو ويو، هاڻي ڪشمير جي ماڻهن کي 50 رپيا في ڪلو اٽو ملندو. جڏهن ته ملڪ جي ٻين حصن ۾ بجلي ۽ اٽو انهيءَ کان گهڻو مهانگو آهي. ڪجهه سندن ٻيا مطالبا به مڃيا ويا، جنهن ۾ اتان جي اشرافيه جو خرچ گهٽائڻ جي لاءِ هڪ جڊيشل ڪاميٽي پڻ مقرر ڪئي وئي آهي. ڇو ته عوام سمجهي پيو ته سندن ٽيڪسن تي ڪجهه ماڻهو زبردستي راتاهو هڻي عياشي ڪري رهيا آهن.
ملڪ اندر مسئلا ٿيندا رهندا آهن، پر انهن جو حل ڪڏهن به طاقت جو استعمال ڪري نه ڪيو ويندو آهي، ڳالهين ذريعي سندن مطالبن کي مڃتا ڏيئي مسئلن جو حل ڪڍيو ويندو آهي. هتي به ايئن ٿيو آهي، پر ڪجهه بيگناهه ماڻهن جون جانيون وڃڻ کانپوءِ. جيڪو هڪ افسوسناڪ عمل آهي. پاڪستان جو قانون ۽ آئين چوي ٿو ته جنهن علائقي جا وسيلا آهن انهن وسيلن تي پهريون حق ان علائقي جي ماڻهو جو آهي. منگلا ڊيم مان جيڪا بجلي ٺهي ٿي ڪشميري ان تي پنهنجو حق سمجهن ٿا ۽ اهو ئي حق سنڌ صوبي جا ماڻهو آئيني طور گهرندا رهيا آهن، جنهن ۾ پاڻي هجي، گئس هجي يا ڪوئلو هجي يا بندرگاهن جي مالڪي هجي، پر کين نٿو ملي. ان ۾ ڏوهه سنڌ حڪومت جو آهي، جيڪا عوام جو ڪيس مرڪز جي آڏو اهڙي نموني سان نٿي رکي ته جيئن صوبي کي پنهنجو آئيني حق ملي سگهي. سنڌ ۾ ٻارڻ واري گئس گهڻي مقدار ۾ موجود آهي. لڳ ڀڳ ملڪ جي 70 سيڪڙو گئس جي پيداوار سنڌ مان ٿئي ٿي، ٿيڻ ته ايئن گهرجي ته جن علائقن مان گئس نڪري ٿي ان علائقي کي مفت ۾ گئس ڏني وڃي، جنهن جو حق آئين ڏئي ٿو، اتي جي ماڻهن کي انهن گئس فيلڊن ۾ روزگار ڏنو وڃي ۽ سنڌ صوبي جي ماڻهن کي سستي اگهه تي 24 ڪلاڪ گئس مهيا ڪئي وڃي، پر ايئن ٿئي نٿو. شهرن ۾ 12 ڪلاڪ گئس جي لوڊ مئنيجمينٽ آهي ۽ ٻهراڙين ۾ ته گئس ٻه ڪلاڪ کان مٿي نٿي ڏني وڃي. اگهه به تمام گهڻو مهانگو آهي. هاڻي جي ٽيرف سليب کانپوءِ هڪ وچولي طبقي جي ماڻهو لاءِ گئس جو بل به آزار بڻجي چڪو آهي، ان جو ازالو به ٿيڻ گهرجي. ٿر جي ڪوئلي تي جيڪا بجلي ٺهي ٿي ان جو فائدو پوري ٿر جي عوام کي نٿو ملي.
اسان جو سنڌ حڪومت کان مطالبو آهي ته اوهان سنڌ جي عوام جي نمائندگي ڪريو ٿا، جيڪو پاڪستان جي آئين ۾ لکيل آهي انهيءَ مطابق سنڌ جي عوام کي پنهنجو آئيني حق وٺي ڏيو. جيڪڏهن اوهان ايئن نه ڪندو ته پوءِ سنڌ جي عوام وٽ به صرف هڪ رستو باقي بچندو احتجاج، ڌرڻا، هڙتالون. ڇو ته سنڌ جي ماڻهو جي هينئر معاشي حالت انتهائي ڪمزور آهي، جيئن چيو ويندو آهي ته “تنگ آيد به جنگ آيد” سو عام ماڻهو کي ايترو تنگ نه ڪريو جو هو مجبور ٿي انتهائي قدم کڻي پاڻ کي به نقصان ۾ وجهي ۽ حڪومت لاءِ به هاڃيڪار ثابت ٿئي.