جتي ڪم هوندو، اتي راند ضرور هوندي. جيئن رات کانپوءِ ڏينھن يا گرميءَ کانپوءِ سردي ايندي آهي، ائين سڀ شيون ھڪٻئي جي پٺيان ٿينديون آهن. هڪ قديم ڪهاوت هر ڪنھن ٻڌي هوندي ته “راند روند کانسواءِ رُڳو ڪم، ٻار کي جڏو يا موڳو بڻائي ڇڏيندو آهي.” جيڪڏهن مرد ۽ عورت پنھنجو سڄو وقت رڳو ڪم ڪار ۾ گذاري ڇڏين يا سندن ٻار سڄو وقت مرڳو ئي پڙهائي ڪن، کاڌي ۽ ننڊ جي کين سمڪ ئي نه پوي ته هوند اهي جلد ٿڪجي پوندا، پر جيڪڏهن هُو پنھنجو ڪجھه وقت راند روند ۾ صرف ڪن ته سندن ذهن ۽ جسم تازا توانا رھندا ۽ اهي اڳي جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ بهتر ڪم ڪري سگھندا. قديم زماني ۾ ڪم ۽ راند ۾ ڪو به فرق نه ھوندو هو، پر هاڻ ماڻھو پنهنجي ڪم جو ڪجھه حصو ادا ڪن ٿا ۽ ساڳيون ساڳيون ننڍيون شيون ڪن ٿا ۽ گهڻو ڪري مشينن سان ڪم ڪن ٿا ۽ اھي چاهين ٿا ته ڪي نيون شيون ڪجن، جيڪي تازگي بخشين ۽ تسڪين ڏين. جانور به راند کيڏڻ کي پسند ڪن ٿا. جانورن جا ٻچا راند روند کي جام پسند ڪندا آھن. ڪُتيءَ جي ٻن گُلرن يا ٻليءَ جي ٻلونگڙن/پونگڙن کي پاڻ ۾ ٺينگ ٺپا ڏيڻ، قلابازيون کائڻ يا آڳنڌ ۾ سُٽ جي بال سان حرڪت ڪرڻ کي توهان ڏٺو ھوندو. اڄ عورت، مرد ۽ ٻار هر قِسم جي راند کيڏن ٿا. اوائلي دور ۾، ٻين روايتن جيان، راند جي روايت ڏاڍي سادي هوندي هئي. ماڻھو راند ان لاءِ کيڏندا هئا، ڇاڪاڻ جو اھي اڪيلائيءَ کي پسند نه ڪندا هئا. اهي اسان جيان صُحبت ۾ رهڻ کي پسند ڪندا هئا. ڏينھن جو ڪم ڪار لاهڻ کانپوءِ، اهي رات جو گڏجي رقص ڪندا هئا ۽ گيت ڳائيندا هئا. انھن جا ٻار رساڪشي، لڪ لڪوٽي ۽ ڏوريءَ واري راند کيڏندا هئا. ڏينھن جو انھن جون ڇوڪريون گُڏين سان راند کيڏنديون هيون ۽ انهن جا ڇوڪرا تير ڪمان جي رانديڪن سان شڪار ڪندا هئا. تاريخ جي هر دور ۾ ٻارن راند کي پسند ڪيو آهي. اسان تاريخ ۾ پوئتي نِهار ڪنداسين ته اسان کي خبر پوندي ته قبيلن ۾ رهندڙ ماڻھو مختلف قِسمن جون رانديون کيڏندا هئا. بال اُڇلائڻ ۽ پَڪڙڻ قديم راندين ۾ هڪ اهم راند رهي آهي. ان قسم جي راندين جو فائدو اھو آھي، جو راند کيڏندڙ جو ذهن، اکيون ۽ ڪَن کُليل رهن ٿا. ان بال واري قديم راند مان ٻيون ڪيتريون ئي رانديون اُسريون آهن. مثال: هٿ وارو بال، بيس بال، فوٽ بال، باسڪٽ بال ۽ ٽينس. اڄ انھن راندين کي نوجوان بيحد پسند ڪن ٿا. ھر اسڪول ۽ ڪاليج ۾ شاگردن جون ٽيمون ٺهيل هونديون آهن، جيڪي انهن راندين کي کيڏندي، لُطف اندوز ٿينديون آهن. اسڪول جو ڪو به ٻار، جيڪو راندين ۾ دلچسپي رکي ٿو ۽ انھن ۾ حصو وٺي ٿو، اهو ڪيتريون ئي ڪارائتيون شيون سکي ٿو، جي اهي اڳتي هلي سندس عملي زندگيءَ ۾ ڏاڍو ڪم اچن ٿيون. راند کيڏڻ سان ان ٻار ۾ خود غرضيءَ جو عنصر جھڪو ٿي وڃي ٿو، ٽيم جي ٻين ميمبرن سان تعاون ڪرڻ سکي ٿو، جو اهو جذبو سندس ٽيم کي جيتڻ لاءِ اتساهي ٿو. صاف سُٿري راند جا اُصول کيس اپنائڻا پون ٿا، ان سان بي ايمانيءَ جو اوگڻ يا عنصر ختم ٿي وڃي ٿو. هُو ڪجھه مختلف ۽ بهتر کان بهترين ڪرڻ جي خاطر ٻين سان گڏجي ڪم ڪرڻ سکي ٿو. ڪرڪيٽ آمريڪا جي ڀيٽ ۾ برطانيا ۾ مشهور آهي. فٽبال جي راند کي ڏسڻ لاءِ عوام جو سمنڊ اُٿلي پوي ٿو. آمريڪا ۾ بيس بال راند مشھور آھي. ٽينس راند به مختلف ملڪن ۾ کيڏي وڃي ٿي. بزرگ ماڻهو گولف راند کي ڏاڍو پسند ڪندا آھن. گولف راند جو تحفو دنيا کي اسڪاٽ لينڊ ڏنو. آمريڪا جي دريافت کان به گھڻو اڳ، گولف راند اسڪاٽ لينڊ ۾ کيڏي ويندي هئي. جڏهن بادشاھه ڪنگ جيمس، اسڪاٽ لينڊ کان انگلستان جي مٿان حڪمراني ڪرڻ آيو هو، تڏهن هن پاڻ سان گولف راند آندي. هاڪي راند به دنيا جي مختلف حصن ۾ گهڻي کيڏي وڃي ٿي. ان کان علاوه شطرنج راند کي بادشاهن جي راند چيو ويندو آهي.
هڪ ٻي روايت، جنھن مان قديم قبيلا لطف اندوز ٿيندا هئا، ۽ هاڻ به دنيا جي سڀني حصن ۾ جيئن جو تيئن موجود آهي، اها رقص جي روايت آهي. نيم وحشي قبيلن کان ويندي تهذيب يافتا قبيلن ۾ رقص جا مختلف قِسم موجود ملندا. اوائلي دور جا انسان ڪيترن ئي ڪارڻن جي ڪري رقص ڪندا هئا. اھي خوشيءَ جي موقعن يا تهوارن تي رقص ڪندا هئا. ديوتائن جي خوشنودي حاصل ڪرڻ يا سندن پوڄا پاٺ طور رقص ڪندا هئا. جنگ جي صورت ۾ قبيلي جي بهادر مڙسن کي ميدان ۾ لاهڻ کان اڳ يا جنگ جيتڻ جي خوشيءَ ۾ رقص ڪيو ويندو ھو. ٻار جي بالغ ٿيڻ تي پڻ شادمانا ڪيا ويندا هئا. آمريڪي ريڊ انڊين رقص جا ڏاڍا شوقين مڙس هوندا هئا. انھن جا جنگي رقص مشھور هئا. جنگ جي موقعن تي اهي پنهنجي جسمن تي ڳاڙهو رنگ هڻائيندا هئا ۽ مٿي تي بازن جا کنڀ چنبڙائيندا هئا. برسات جي وسڻ لاءِ، اهي ديوتائن جي آڏو رقص جو نظرانو پيش ڪندا هئا. آسٽريليا جي ڪارن انسانن جي لاءِ رقص هڪ اهم روايت رهي آهي. اهي پنهنجن جسمن کي اڇو رنگ هڻائيندا هئا ۽ عجيب انداز سان باھه جي چوڌاري رقص ڪندا هئا. قديم مصري ۽ عبراني سماجن ۾ رقص اهم ڪردار ادا ڪيو هو. قديم يونان ۾ رقص کي خوبصورت آرٽ جو درجو مليل هو. ٻار جي ڄمڻ، شادين مرادين توڙي موت پوت تي رقص ادا ڪيو ويندو ھو. هر جاءِ تي چاهي جهنگ يا زمينون هجن يا مقدس مندر يا گرجا هجن رقص جي حڪمراني هوندي هئي. ٻارڙن کي رقص جي خاص سکيا ڏني ويندي هئي. يوناني لوڪ، ديوتائن جي تقدس ۾ رقص ڪندا هئا. هُو لاباري جي مند ۾ رقص ڪندا هئا. سندن باغات ۾ ميون جي پچڻ مهل پڻ رقص ادا ڪيو ويندو ھو. رقص کي ڌرمي معني’ ملڻ لڳي. رومن لوڪ پڻ رقص جي ڪيترن ئي قسمن کان واقف هئا. رومن لوڪ ته رقص کي روزانو جي بنياد تي اڄ جيان ٿيٽرس ۾ ادا ڪندا هئا. بهار جي مند ۾ چين جي ڪيترن ئي حصن ۾ فصل کي “خراب روحن” کان بچائڻ خاطر چيني لوڪ خاص قسم جا لباس پهريندا هئا ۽ پنھنجن چهرن کي جانورن جي کلن سان ڍڪي، رقص ڪندا هئا ته جيئن اھي “بدروح” فصل کي ڪو به نقصان پهچائي نه سگهن. هندستان ۾ دلچسپ رقص ٿيندا رهيا آهن. اتي ڇوڪرين جو هڪ پروفيشنل قِسم آھي، جن کي “ناچ ڪندڙ ڇوڪريون” چيو وڃي ٿو. انهن کان مندرن ۾ رقص ڪرايو ويندو آهي، ته جيئن ڀاڳ جا ديوتا راضي رهن. ان کان علاوه اهي شادين مرادين ۽ ميڙاڪن ۾ پڻ رقص پيش ڪن ٿيون. جاپان ۾ اهڙين تربيت يافتا ڇوڪرين جي گروپ کي “گيشا” ڇوڪريون چيو وڃي ٿو. سعودي عرب ۽ ان جي ڀر وارن ملڪن ۾ هڪ مذهبي طبقو آهي، جنھن کي “درويش” چيو وڃي ٿو. اهي نهايت ئي عجيب نموني رقص ڪندا آهن. اهي لاٽون جيان چوڌاري ڦيريون پائيندا آهن. اهي ڪڏهن ڪڏهن ته رقص ۾ ايترا ته محو هوندا آهن، جو رقص ڪندي ڪندي، بيهوش ٿي ڪري پوندا آهن. آفريڪا جي شيدين ۾ گوريلا رقص مشھور آھي. اهي خطرناڪ گوريلن جو شڪار ڪرڻ کان اڳ، گوريلن کي مارڻ وارو رقص اشارن ۽ ڪِناين ۾ پيش ڪندا آهن. آخر ۾ ٽولي جي صورت ۾ واپس ورڻ جي ايئن مشق ڪندا آهن، جھڙوڪ سچ ۾ گوريلي جو شڪار ڪيو، ان کي کنيو پيا اچن. ساڳئي نموني آمريڪا جا هندستاني رڇ ۽ مينهن جو شڪار ڪرڻ کان اڳ، رڇ ۽ مينهن جو رقص پيش ڪندا آهن. آسٽريليا ۾ مقامي لوڪ ڪئنگرو رقص ڪندا آهن. اونداھي دور/وچين دور ۽ سڄي يورپ اندر رقص عام هو. ماڻهو رقص کي پسند ڪندا هئا. انگلستان ۾ بهار جي آمد تي فصل جي پوکائي وقت شاندار قسم جو رقص پيش ڪيو ويندو ھو. چهچ سائي زمين جي وچ تي هڪ ٿنڀو هنيو ويندو هو، جنھن کي رنگ برنگي اڳڙين سان سينگاريو ويندو هو. ان کي “مئي جو ٿنڀو” چيو ويندو هو، جنھن جي چوڌاري نوجوان ۽ پوڙها رقص ڪندا هئا. يورپ جي هر ملڪ کي پنهنجا پنهنجا انيڪ رنگ ۽ رقص هئا. فرانس ۾ لڳ ڀڳ چار سئو سال اڳ سماجي رقص جي شروعات ٿي، جا اڄ فائن آرٽ جي سڌريل شڪل آهي. اڄ اها روايت بڻجي چڪي آهي. “منٽ” فرانس جو خوبصورت رقص آهي. ان رقص کي ڪالونيل آمريڪي ۾، اتان جا بزرگ ڏاڍي سِڪ ۽ اُڪير مان پيش ڪندا هئا. “والٽز رقص” پڻ ماڻهن ۾ مشھور هو، جو اڄ به جيئن جو تيئن پسند ڪيو وڃي ٿو. “پولڪا” رقص به ڏاڍو مشهور ٿيو. آمريڪا ۽ يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ گذريل ٻه سئو سالن ۾ رقص جون خاص جايون، عمارتون، هال ۽ ڪلب قائم ڪيا ويا آهن، جتي ماڻهو گڏجن ٿا ۽ رقص مان لطف اندوز ٿين ٿا. رقص دوران موسيقيءَ جو پڻ اهتمام ڪيو وڃي ٿو. رقص دنيا جي خوشگوار روايتن مان ھڪ روايت آهي.
موسيقي به هڪ راويت آهي. دنيا ۾ مشڪل سان ڪو اهڙو قبيلو هوندو، جو موسيقي کان اڻڄاڻ هوندو. موسيقي جي اوزارن يا سازن جي ايجاد کان گھڻو اڳ، انسان ڳائڻ کي پسند ڪندا هئا. انسان جي لاءِ موسيقيءَ جو هئڻ لازمي ۽ فطري امر هو. ڇاڪاڻ جو فطرت خود رقص سان ڀريل آهي. توهان پنهنجي آسپاس نظر ڦيرائي ڏسندو ته اوھان کي سڄي فطرت رقص ۾ نظر ايندي. پکين جون لاتيون، هوائن جا جهوٽا، لهرن جي موسيقي، وڻن جي پنن جو رقص اهي سڀ فطرتي رقص جا اهڃاڻ آهن. موسيقيءَ جي ذريعي انسان پنهنجو سک ۽ دک، پنهنجي خاندان ۽ ساٿين جي لاءِ محبت ۽ مٺاس ۽ پنهنجي آسماني ديوتائن جي لاءِ عبادت کي ظاهر ڪندو آهي. موسيقيءَ جا پهريان اوزار ڪاٺ جي ٽُڪرن مان ٺاهيا ويا هئا. جانورن جي کَل/چمڙيءَ کي وڻن جي ٿُڙَ سان ڇِڪي، چنبڙائي دُهل ٺاهيا ويندا هئا. اوائلي قبيلن جا ماڻھو جنگ يا شڪار تي ويندڙ ماڻهن جي رُوحن کي گرمائڻ يا ڪومل جذبن کي جاڳائڻ جي لاءِ دُهل وڄائيندا هئا. اوائلي انسان ڪاني مان بانسري ٺاھڻ سکي ورتي هئي. ڪاٺ جي چوڌاري ويڙهيل تار مان خوبصورت وائلن ۽ سُرندي جو سڌارو ٿيو. پيانو سُرندي جي سڌريل صورت آهي.
اسان کي ٿيٽر کي نه وسارڻ گهرجي. اهو تفريح يا وندر جي بهترين صورت آهي. ٿيٽر ۾ ڏيکاريل شو کي اسان ناٽڪ يا ڊرامو چوندا آهيون. ٿيٽر جي هڪ ڊگهي تاريخ آهي. ٻه هزار سال اڳ، يونانين ٿيٽر جو بنياد رکيو. انھن پهاڙن تي ٿيٽر ٺاهيا، جتي ھزارين ماڻھن جي ويهڻ جون جايون پڻ ٺهرايون ويون. انھن ٿيٽرس ۾ خوبصورت ڊراما پيش ڪيا ويندا هئا. رومن لوڪ پڻ ٿيٽرس ۾ ڊرامن کي ڏسڻ پسند ڪندا هئا. چين ۾ سوين سالن تائين ٿيٽرس جو راڄ رهيو. ٿيٽر ۾ اداڪار ڳالھه ٻولهه ۽ ايڪٽنگ جي ذريعي حقيقي دنيا ۾ پيش آيل يا پيش ايندڙ واقعن بابت ڪھاڻيون پيش ڪندا هئا. جڏهن ڪهاڻي دکدائڪ هوندي آهي ته ان کي ٽريجڊي چئبو آھي. جڏھن ڪهاڻي سک يا خوشي واري هوندي آهي ته ان کي ڪاميڊي چئبو آھي. ماضيءَ ۾ ڊرامي کي بيحد پسند ڪيو ويندو ھو. ڊرامن ۾ رقص ۽ موسيقي جو اهتمام پڻ ڪيو ويندو ھو. ماڻهو ڊرامن کي پسند ان ڪري ڪندا آهن، ڇاڪاڻ جو انھن ذريعي ٻين ماڻهن جا ڏيکاريل ڏک ۽ سک انھن کي پنهنجا ڀاسندا آهن. سٺا ڊراما مزاج کي بهتر بڻائيندا آهن. اهي اسان جي ٿڪل ذهنن کي تازگي ۽ ٽُٽُل دلين کي تسڪين بخشيندا آهن. انهن جي ڪري اسان پنهنجي زندگيءَ جي روزمره جي تڪليفن کي وساري ڇڏيندا آهيون. ڊرامن جو هڪ خاص قسم آهي، ان کي آرڪسٽرا چئبو آھي، جيڪو بيحد لطف بخشيندڙ هوندو آهي، ان کي گرانڊ اوپيرا پڻ چيو ويندو آهي. ٿيٽر اسان جي زندگين کي لطف بخشيندو آهي ۽ اسان جي دنيا کي خوبصورت بڻائيندو آهي.