بلاگنئون

اَسان ۽ پِرِيَنِ، شالَ ھُوَنِ بَرابَر ڏينِھَڙا

انساني زندگي جي ارتقا جو اڀياس ڪجي ته اٽڪل 6 بلين سال اڳ وجود ۾ آيل اسان جي ڌرتي تي انسان جي ارتقا جي اھڃاڻن جي تاريخ طويل عرصي تي ٻڌل آھي، قرآن پاڪ مطابق الله پاڪ سڀ کان پھريان حضرت آدم عليه السلام ۽ بيبي حوا عليه السلام کي جوڙي جي شڪل ۾ زمين تي پنھنجو نائب ڪري موڪليو، انھن مان جيڪو اولاد ٿيو سو دنيا جي مختلف حصن ۾ وڃي رھائش پذير ٿيو جنھن سان ڌرتيءَ جو نرماڻ شروع ٿيو. اھڙي طرح روءِ زمين تي سڀ کان پھرين قائم ٿيندڙ ازدواجي تعلق آھي جنھن مان ٻين دنيا جي رشتن جنم ورتو آھي. شادي جو مفهوم ٻن متضاد/مخالف جنسن جو ميلاپ آھي، اھڙو جوڙو جيڪو ٻه الڳ الڳ فڪر ۽ سوچن جو مالڪ ھوندي به ھڪ ئي ڇت ھيٺ سڄي حياتي گذارڻ جو عھد ڪري ٿو. شادي بابت ھر شخص پنھنجي تجربي مطابق پنھنجي الڳ الڳ راءِ رکي ٿو، بهرحال ڪامياب شادي اھا ئي آھي جنھن ۾ مرد ۽ عورت ھڪ ٻئي جي خوبين ۽ خامين مان واقف ھوندي به زندگي جي سفر کي خوشگوار بڻائي جاري رکن.

شادي ھڪ خوبصورت رشتو آھي جنھن جي دامن ۾ ھڪ عظيم مقصد يعني ھڪ ٻئي جو سڪون ۽ خوشي لڪيل ھوندو آھي، پر بعض ماڻھن لاءِ شادي ھڪ ڏکوئيندڙ ۽ اذيتناڪ رشتو بڻجي ويندو آھي. اسان مان گھڻن جو خيال آھي شادي جيتري پراڻي ٿيندي ويندي آھي ته وقت سان گڏوگڏ ان جي خوبصورتي به مڌم ٿي ويندي آھي. اڪثر عورتن کي  شڪايت ھوندي آھي ته مڙس کيس اھا توجھه نٿو ڏي، سڄو وقت گھر کان ٻاھر رھڻ پسند ٿو ڪري يا اھا دلچسپي ناھي رھي، تعريف به نٿو ڪري ھر وقت طنز ڪندو رھي ٿو. ساڳئي وقت مرد به عورت جي خوبصورتي جي زوال جو ڏوراپو ڏيندو نظر ايندو آھي، ٿورو غور ڪجي ڀلا آخر ايئن ڇو ٿيندو آھي؟!! ڏٺو وڃي ته شادي جي ابتدائي ڏينھن ۾ مرد خاص ڪري عورتون ڪجھ ڏينھن ته معمول موجب پاڻ کي ٺاھي رکنديون آھن جيئن ئي زندگي معمول طرف اچڻ لڳندي آھي ته جيڪو ٽائيم پنھنجو پاڻ کي سنوارڻ لاءِ وقف ڪنديون آھن سو وقت شادي کانپوءِ پاڻ کي ناھن ڏئي سگنھديون، گھر جون ذميواريون، ٻارن جي سارسنڀال گھرداري، رشتن جو تقدس سنڀاليندي پنھنجو پاڻ ارپي ڇڏينديون آھن. عورت جڏھن پاڻ کي ٺاھڻ ۾ لاپرواهي ڪرڻ شروع ڪندي آھي ته سندس خوبصورتي ۽ ڪشش آھستي آھستي ختم ٿيڻ لڳندي آھي، انھيءَ وقت مرد کي ٻين جون زالون وڌيڪ خوبصورت نظر اچڻ شروع ٿي وينديون آھن. ظاھر آھي پنھنجي مڙس کي ٻين عورتن جي طرف راغب ٿيندو ڏسي عورت حسد، وھم ۽ وسوسن جو شڪار ٿي شڪي مزاج ٿي ويندي آھي، عدم تحفظ جي خوف سبب جعلي عاملن معرفت تعويذ ڌاڳا يا پاڻي پڙهائي مڙس کي قابو ڪرڻ جي ڪوششن ۾ لڳي ويندي آھي. سچ پچ اھڙين ئي عورتن جعلي ڀوپن جي ڪمائي ۾ برڪت آندي آھي، پوءِ محبوب قدمن ۾ اچي نه اچي ڀوپي جي دڪانداري ھلندي رھي ٿي.

حالانڪه پاڻ کي توجهه ڏيئي پرڪشش رکڻ ۽ پنھنجي خامين تي غور و فڪر ڪرڻ سان عورت نه فقط حسد ساڙ کان بچي سگھي ٿي، پر ڀوپن جي دڪانداري پڻ بند ڪرائي سگھي ٿي. اھا حالت فقط عورتن سان مرد به سست الوجود آھن، مرد کي به پنھنجو پاڻ تي توجھ ڏيڻ گھرجي، باقاعدہ ورزش، متوازن غذا، چھل قدمي ۽ مناسب آرام ڪري پنھنجو پاڻ کي فٽ رکي. ان وقت مرد به لاپرواهي جو مظاهرو ڪندا آھن جڏھن عورت پاڻ کي ٺاھي به رکندي ھجي ۽ مڙس ٻه جملا تعريف يا توجھ جا نه ڏئي سگھي نظر انداز ڪندو رھي ته به عورت جي خود اعتمادي ختم ٿيڻ لڳندي آھي ۽ ائين عورت پاڻ تي توجھه ڏيڻ ۾ ڪوتاهي ڪرڻ شروع ڪندي آھي. انسان فطري طور تي حسن پرست آھي جيڪڏھن عورت چاھي ٿي ته ھوءَ پنھنجي مرد جي دل تي حڪومت ڪري ته پاڻ کي سنواريندي رھي ڀلي ان وقت مڙس ان جي تعريف ڪري نه ڪري وري به ھوءَ پنھنجو پاڻ کي فريش ۽ توانا رکي مرد پاڻھي اوھان ڏانهن متوجهه ٿيڻ شروع ڪري ڏيندو. ان وقت مرد کي گھرجي ته ھو پنھنجي ڪم ڪار ۽ گھر جي ماحول ۾ توازن برقرار رکي ايئن نه ٿئي جو اوھان وٽ زال ۽ ٻارن لاءِ وقت ئي نه ھجي ۽ فقط دفتر يا ڪاروباري معاملا سنڀالڻ ۾ اوھان سمورو وقت مصروف رھو ٿا، جھڙي طرح مرد چاھي ٿو ته عورت ان جي دلجوئي ڪري خدمت ڪري ۽ مطمئن به رکي، اھڙي طرح عورت جي به خواهش آھي ته کيس توجھه ڏني وڃي ۽ ٻه لفظ تعريف جا موصول ٿين ۽ ان جي ھر جائز ضرورت جو خيال رکيو وڃي. ياد رھي ته اوھان جي عدم توجهه ۽ مصروفيت اوھان جي ھمسفر کي ذھني طور تي مايوس ۽ افسرده رکي ٿي، ڪوشش ڪريو ته روزانو ڪجھ وقت ڪڍي ڏينھن ۾ ھڪ دفعو زال کان فون تي حال احوال ضرور وٺو، قابل رشڪ ازدواجي زندگي ۽ بھترين تعلقات لاءِ پر خلوص محبت جو اظھار ضروري آھي، ايئن ڪرڻ سان ازدواجي زندگي جي ڏور ويتر مضبوط ٿيندي آھي، گھر جو ماحول پڻ خوشگوار رهندو آھي، اوھان جي محبت جا ٻه لفظ عورت لاءِ جيئدان مثل ھوندا جن کي سوچي عورت سڄو ڏينھن پئي خوش ٿيندي آھي.

ازدواجي تعلق فقط جنسي تسڪين جو نالو ناھي، جيڪڏھن ان ۾ ھم آھنگي جو عنصر نمايان نه ھجي ته زندگي ڪٺن يا دشوار ٿيڻ شروع ٿي ويندي آھي. ھڪ رپورٽ مطابق پاڪستان ۾ گهريلو ناچاقي رشتن جي تقدس پائمال ٿيڻ سبب طلاق جي شرح ۾ روز بروز خوفناڪ حد تائين اضافو ٿي رھيو آھي جنھن ۾ اسي سيڪڙو اھڙيون شاديون آھن جيڪي شايد سماج ۾ بدنامي جي خوف يا اولاد جي مستقبل تباھ ٿيڻ جي خوف سبب مجبوري ۾ ازدواجي رشتا نڀائي رھيا آھن. پريمي جوڙا پيار جو پرڻو ڪري مائٽن خلاف ڪارروائي ڪري تحفظ جي اپيل پيا ڪندا آھن، شادي کانپوءِ جڏھن زندگي جي اصل حقيقتن سان واسطو پوندو آھي ته تعلق نڀائڻ مشڪل ٿي ويندو آھي. انسان فطري طور تي آزاد رھڻ پسند ڪندو آھي چاھي مرد ھجي يا عورت اسين اڪثر مخالف جنس کي نجي ملڪيت سمجھي تلخ ورتاءُ ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيندا آھيون، جنھن جو نتيجو ھڪ ٻئي کي گھٽ وڌ ڳالھائڻ سان مقابلو شروع ٿيندو آھي جيڪو ختم طلاق يا خلع تي ٿيندو آھي. شايد اسان جي سماج ۾ اھو شعور ئي ناھي رھيو ته ڪيئن ھم آھنگ ٿي ازدواجي تعلقات ۾ بهتري آڻي سگھجي ٿي.

شادي جو هدف فقط طبعي تعلق يا جنسي تسڪين ناهي، انسان چاھي ٿو ته جذباتي لحاظ کان به کيس سھارو ملي، ذھني سڪون به ملي، مرد جي خواھش آهي ته جڏھن ھو زندگي جي ڀڄ ڊوڙ ۾ ذھني ۽ جسماني بيزاريت کڻي اچي گھر ڀيڙو ٿئي ته کيس اھڙو سڪون ۽ سرور ملي جو کيس راحت ملي وڃي، اھڙيءَ طرح عورت به چاھي ٿي ته مرد جيئن ئي گھر ۾ داخل ٿئي ته مسڪرائيندي سمورا دنياوي مسئلا ٻاھر ڇڏي اچي، قرب جو اھڙو لمحو ميسر ٿئي جو اصل سارا ٿڪ ئي لھي پون، ان لاءِ ٻنھي کي سمجھڻ جي ضرورت آھي ته ازدواجي تعلقات جو بنيادي ايڪو محبت آھي محبت به غير مشروط، جنھن ۾ حاڪميت جو عنصر نمايان نه ھجي. مثال طور: مڙس جيڪڏهن نوڪري يافته آھي ۽ زال جيڪڏهن گهريلو عورت آھي ته اوھين پنھنجي مضبوط پوزيشن تي بيھي عورت جي ڪمزور پوزيشن کي زير بحث نه آڻيو.

سڀ کان اھم ڳالھ جو خيال رھي ته پنھنجي ٻارن جي اڳيان ڪنھن به قسم جي ناخوشگوار بحث مباحثي ڪرڻ کان پاسو ڪيو، اڪثر والدين ٻارن آڏو ھڪ ٻئي جي برائي پيا ڪندا آھن جنھن سان ٻار نه فقط والدين جي عزت ڪرڻ ڇڏي ڏيندا آھن بلڪه مختلف نفسياتي بيمارين جو به شڪار ٿي سگھن ٿا. ازدواجي جھڳڙا ٻارن جي دماغي نشونما کي متاثر ڪن ٿا، جنھن جا منفي اثرات ابتدائي ڏينھن کان وٺي وڏي عرصي تائين رھن ٿا، اھو سڀ والدين جي ھڪ ٻئي سان محبت ۽ توجھه سان ئي ممڪن آھي، والدين جي محبت ۾ گهيريل ٻار گھٽ بيمار رھندو آھي، خوشگوار ماحول ۾ پليل ٻار ۾ ضد جو عنصر به گھٽجي وڃي ٿو، اھو ٻار تمام گهٽ ذھني نفسياتي بيمارين کي منھن ڏيندو آھي انھي سان گڏوگڏ تعليمي ميدان ۾ به بھترين ڪارڪردگي ڏيکاريندو آھي. شادي ھڪ خوبصورت ٻنڌڻ آھي، ان کي تحفظ ڏيڻ ۽ وڌيڪ خوبصورت بڻائڻ لاءِ ضروري آھي ته شادي شده افراد ھڪ ٻئي سان خوش اخلاقي ۽ خوش مزاجي سان پيش اچي زندگي جي تلخين جو علاج باھمي تعاون سان تلاش ڪن، ايئن ڪرڻ سان نه فقط اوھان پرسڪون مطمئن ۽ خوش رھندا بلڪه ازدواجي زندگي جا باقي ڏينھڙا به شادي جي ابتدائي ڏينھن جيان حسين مطمئن ۽ پرڪشش گذرندا (آزمائي ڏسجو).

خوشگوار ماحول جو قيام احترام، برداشت ۽ قرباني کان سواءِ تصور ئي نٿو ڪري سگھجي، لو مئريج ھجي يا ارينجڊ ڪامياب شادي لاءِ زال مڙس جو ھم آھنگ ھئڻ انتھائي ضروري آھي. اگر زال مڙس مٿي ڏنل ڳالھين تي عمل ڪن ته نه صرف پاڻ ۾ محبت وڌنڌي بلڪه حياتيءَ جا ايندڙ ڏينھڙا به خوشگوار گذرندا. جيڪڏھن اوھان جي زندگي ۾ ڪو اھڙو شخص موجود آھي جنھن کي اوھان جي قد، جسامت، رنگت يا شڪل صورت سان ڪو مطلب ناھي سواءِ ان جي ته اوھان اداس يا پريشان ڇو آهيو، جيڪو اوھان جي خوشي ۾ خوش رھي پنھنجي سموري زندگي اوھان کي ارپي ڇڏي ۽ زندگي جي ھر محاذ تي اوھان جو ڀرجھلو ٿي بيھي ته يقين ڪيو اھوئي انسان اوھان سان بي لوث محبت ڪندڙ آھي آئون به پاڻ کي انھن خوشنصيب ماڻھن ۾ تصور ڪريان ٿي جن وٽ اھا نعمت موجود آھي، ڪير ٿو چوي ته شادي کانپوءِ عورت آزاد ناھي رھندي منھنجي نظر ۾ اسان مڊل ڪلاس عورتن کي پر لڳائي آسماني اڏام ڏيڻ وارا اسان جا مڙس ئي آھن جيڪي اسان جا حقيقي تراشيندڙ آھن، جيڪي ھن مرداڻي سماج ۾ محافظ بڻجي پنھنجي عورتن کي اڳيان وٺي اچڻ لاءِ راھون هموار ڪندا آھن. اڄ ان شخص جو جنم ڏينهن آھي جنھن کوسه قبيلي جي انھن فرسوده روايتن کي پيرن ھيٺان لتاڙي ڇڏيو جن مطابق عورت انفرادي طور تي آزاد نه ھئي، منھنجي سوشل ميڊيا جي آسمان تي اڏام پڻ انھي جي بدولت آھي. جنھن مون کي محبت ۾ آزادي جو مفھوم نه فقط سمجھايو، پر ثابت پڻ ڪري ڏيکاريو آھي، منھنجي اھڙي اصلاحي تربيت ڪئي آھي جنھن سان مون ۾ اڳتي اچڻ جو حوصلو وڌيو آھي. اڄ منھنجي جيون ساٿي فتح خان کوسو جو جنم ڏينهن آھي، آئون سندس انھن سمورين ڪاوشن جي مشڪور آھيان جيڪي ھن فقط منھنجي اتساهه خاطر ورتيون آھن، آئون پنھنجي ايندڙ زندگي جا سمورا ڏينھن ان کي ارپيان ٿي، مولا سائين ڪري رھجي اچي، شال سنڌ ڌرتيءَ جيتري ڄمار ماڻين. آمين ثم آمين.

***