بلاگنئون

جديد ناول جو فن!

بقول اورحالن پاموڪ جي “هر ناول اندر مرڪزي نقطو هوندو آهي” پوءِ ليکڪ ان نقطي کي پيچيدگين ۾ لڪائي تجسس پيدا ڪري ڪلائمڪس تائين ڪهاڻي کي کڻي هلندو آهي ۽ پڙهندڙ ان تجسس جي خلاصي لاءِ پرجوش رهندو آهي. ڪنهن به ڪهاڻي جي ڪرنگهي جي هڏي، حسن ۽ مِک تضاد هوندا آهن، جيڪي حقيقت ۽ افسانوي دنيا جي وچ ۾ سرحد جو ڪم ڪندا آهن. بقول پاموڪ جي “ڪردار جي يادگيري/فليش بئڪ ان جي نيريٽو کي سگهارو بڻائيندي آهي.” ان حساب سان ڪهاڻي ٻڌائڻ وڏي اهميت رکندڙ فن آهي. ناول صرف واقعو يا قصو ناهي، انهن روايتي قصن کي غير معمولي انداز بيان/اسٽوري ٽيلنگ بڻائيندو آهي. اهو فن جذبن، احساسن، منظرن، خيالن کي پڙهندڙ جي شعور تائين پهچائي ٿو. اهو تنقيدي شعور، نفسياتي بصيرت ۽ سماجي ڄاڻ جو گڏيل اظهار آهي. بقول فِلپ پُلمين جي “کاڌي، پيتي، رهڻي، ڇت، لباس کانپوءِ جنهن شيءِ جي ضرورت آهي اها ڪهاڻي آهي.” يعني ڪهاڻي ٻڌائڻ جو فن ڪهاڻي جو روح ٿي سگهي ٿو. ٽوني موريسن مطابق نيريٽو پاڻ سان گڏ اسان کي به ٺاهي/جوڙي ٿو. اهو فن عام کي خاص بڻائي ٿو. ان فن ۾ ڪمال اهو آهي ته ليکڪ بدران ڪهاڻيءَ جي ڇاپ ڇانيل رهي. اهو پڙهندڙ جي روح/شعور سان گفتگو ڪرڻ جو فن آهي. اهو وجودي موقف آهي، جتي پڙهندڙ جو وجود پاڻ ڪهاڻيءَ جو حصو بڻجي وڃي ٿو. ان ڪهاڻي اندر پڙهندڙ جي حيثيتco-creator  واري بڻجي وڃي ٿي..

تخيل ۽ حقيقت: پاموڪ ان ڳالھ تي زور ڏئي تو ته ناول ۾ تخيل بغير حقيقت جامد لڳندي آهي. تخيل تخليق کي نئون روپ، نيون معنائون ۽ نئون حسن بخشي ٿو. تخيلاتي حس ئي آهي جيڪا عام واقعي کي غير معمولي بڻائي ٿي، جتي محسوس ڪرڻ ۽ سوچڻ جو عمل جاري رهي ٿو. حقيقت ليکڪ کي زمين ڏئي ٿي، پر تخيل ان کي افق ڏئي ٿو. تخيل ڪهاڻي کي روح ڏئي ٿو. اهو ڪردارن کي صرف ماڻهو نه، پر علامتون بڻائي ٿو. ناول نگار تخيل جي ذريعي دنيا جي باري ۾ سوچڻ جا نوان زاويا پيدا ڪري ٿو، جتي حقيقت ۽ تخيل گڏجي وجود، وقت، محبت ۽ سچائيءَ بابت نوان امڪان پيدا ڪن ٿا. بقول پاموڪ جي “ناول نگار جي ڪاميابي اها آهي ته حقيقت ۽ تخيل جي فرق کي ڌنڌلو بڻائي پڙهندڙ کي حيران ڪري ڇڏي.” تڏهن ناول هڪ معمولي بيانيو نٿو رهي، پر هڪ فڪري ۽ جمالياتي ڪائنات ۾ بدلجي وڃي ٿو. ليکڪ جو اهو ڪمال آهي اهڙو داخلي حسن پيدا ڪري، جو پڙهندڙ لاءِ هر منظر، هر ڪردار ۽ هر لفظ هڪ علامت بڻجي وڃي. ڪاميو جي بي معنيٰ دنيا ۾ تخيل ئي آهي جيڪو فن ذريعي زندگيءَ کي معنيٰ ڏئي ٿو يا بقول هيڊگر جي “تخيل انسان کي امڪان جي دنيا ڏانهن وٺي وڃي ٿو.”

يادگيري/وقت: بقول پاموڪ جي “ناول اندر وقت جامد ناهي، اتي هر خيال ۽ هر احساس هڪ نئين روپ ۾ جنم وٺي ٿو. جتي زندگي جيئري، متحرڪ ۽ معنائن سان ڀرپور لڳي ٿي.” وقت سان گڏ واقعا نئين معنيٰ اختيار ڪن ٿا، ناول نگار انهن تبديل ٿيندڙ تصويرن کي پنهنجي داخلي احساسن سان جوڙي نئون وجود ڏئي ٿو. مقصد ناول نگار کي ڪردار جي يادگيرين ۽ سوچن کي فطري انداز ۾ ڏيکارڻ گهرجي. ڪهاڻي ۾ وقت لچڪدار هئڻ گهرجي. پڙهندڙ کي جوڙيل دنيا محسوس ڪرائڻ گهرجي. غير ضروري ڊرامائي عنصرن کان پاسو ڪرڻ گهرجي. ڪردار جي ذهن ۾ هلندڙ خيالن، وسوسن ۽ خوابن کي حقيقت سان ائين ملائڻ گهرجي جو پڙهندڙ افسانوي دنيا جو حصو ٿي وڃي. مطلب ائين چئي سگهجي ٿو ته ناول کي دلچسپ بنائڻ لاءِ ڪردار جي شعور سان گڏ لاشعور کي به ظاهر ڪرڻ گهرجي.

پڙهندڙ جو ڪردار: بقول پاموڪ جي “پڙهندڙ ناول جو ٻيو خالق آهي.” هڪ پڙهندڙ ڪردار جي غم، خوشي، محبت، مايوسي ۽ تضادن تي غور ڪري ٿو. هو هڪ شعوري محقق پڻ آهي. هو داخلي دنيا، احساسن جي پيچيدگين، سماجي پابندين ۽ ذاتي تضادن کي سمجهي ٿو. ناول ۾ پڙهندڙ جو ڪردار هڪ فعال تخليقڪار جي حيثيت رکي ٿو. پڙهندڙ جي سوچ، تجزيو ۽ تخيل ڪهاڻي جي زندگيءَ ۾ نوان رنگ ڀرين ٿا. ڪهاڻي پڙهندڙ جي شعور ۽ تخيل ۾ نئين زندگي حاصل ڪري ٿي. هو ان کي سمجهي ٿو، تجزيو ڪري ٿو ۽ پنهنجي شعور ۾ ٻيهر جلا ڏئي ٿو. اهڙيءَ طرح ناول هڪ مستقل زندہ وجود بڻجي وڃي ٿو، جيڪو هر پڙهندڙ لاءِ الڳ معنيٰ ۽ اثر پيدا ڪري ٿو. ان ڪري ناول لکڻ وقت اهو ڏسجي ته ڪردار سوچيندڙ، محسوس ڪندڙ ۽ داخلي تضادن سان ڀريل هجڻ گهرجن. ڪهاڻي ۾ اهڙا موضوع، تضاد ۽ سوال رکڻ گهرجن جيڪي پڙهندڙ جي سوچ کي للڪارين، ڪردار جي نفسياتي بنيادن، خواهشن، خوفن ۽ جذباتي تڪرارن کي صحيح نموني سمجهڻ گهرجي، جيڪي پڙهندڙ جي پنهنجي زندگي، سماج ۽ ماحول سان لاڳاپيل هجن. ناول اندر اهڙا رخ هجن جيڪي زندگي، وجود، سماج ۽ انسان جي فطرت بابت سوچڻ تي مجبور ڪن. مڪمل وضاحت ڏيڻ کان پاسو ڪجي جيئن هو پاڻ کي ڪردار جي جاءِ تي تصور ڪري ۽ ڪهاڻي ۾ پاڻ کي شريڪ محسوس ڪري. پڙهندڙ جي راءِ انسان جي سوچ، احساس ۽ شعوري جستجو سان ڪهاڻي کي ڳنڍڻ جو عمل آهي. اها آزادي پڙهندڙ کي سوچڻ، سوال ڪرڻ، تشريح ڪرڻ ۽ ڪهاڻيءَ کي پنهنجي شعوري دنيا ۾ ٻيهر تخليق ڪرڻ جو حق ڏئي ٿي.

ڪهاڻي ۽ واقعن جي ترتيب: واقعن جو تسلسل اهڙو هجي جو هڪٻئي ۾ جڙيل هجن، جيئن زندگيءَ جو پاڻمرادو وهڪرو. ڪهاڻيءَ جو مرڪز اهڙو هجي جو هر ڪردار، هر منظر ۽ هر واقعو ان جي چوڌاري ڦري، ڄڻ هڪ ننڍڙي ڪائنات ۾ سڀ عنصر پنهنجي جاءِ ۽ مقصد سان جُڙيل هجن. ڪردار صرف ڪهاڻيءَ کي اڳتي وڌائيندڙ نه هجن، پر انهن جي سوچن، خواهشن ۽ اندروني تضادن مان ڪهاڻيءَ جي نبض هلندي رهي. هر لمحو گذريل لمحن جو منطقي نتيجو ۽ ايندڙ لمحن جو بنياد بڻجي، جتي پڙهندڙ پنهنجي داخلي دنيا سان نئون رشتو قائم ڪري ٿو. ناول نگار کي مرڪزي خيال تي ڌيان ڏيڻ گهرجي، ناول جي ڪردارن جو عمل، رد عمل ۽ سوچون ڪهاڻي جي مرڪزي خيال سان هم آهنگ هجن. ڪوبه واقعو بي ترتيب يا غير ضروري محسوس نه ٿئي. غير ضروري تشبيهون ۽ پيچيده جملا ڪهاڻيءَ جي تسلسل ۾ رڪاوٽ پيدا ڪن ٿا. ڪهاڻي هڪ خود مختيار ڪائنات وانگر محسوس ٿئي. بي ترتيبي، غير ضروري يا تڪراري واقعن کان پاسو ڪري ڪهاڻي جي رواني برقرار رکجي. ڪهاڻي اهڙي هجي جو پڙهندڙ ڪهاڻي هڪ ئي وقت حقيقي ۽ خواب جهڙي محسوس ڪري. ڪردار، منظر ۽ واقعا هم آهنگي ۾ هجن جو ڪهاڻي جو هر جزو مڪمل ۽ لازمي محسوس ٿئي.

***