بادشاھ چارلس جي تاج پوشي
برطانيا جي بادشاهت سان جُڙيل هڪ پراسرار ڪرسي
برطانيا جي راڻي ايلزبيٿ جي وفات کان پوءِ چارلس 3 برطانيا جو بادشاھ ٿيو آهي، چارلس راڻي ايلزبيٿ جو پٽ آهي، نئين بادشاهه جي تاج پوشي واري تقريب مئي 2023 ۾ ٿي جنهن ۾ پاڪستان سميت گهڻن ئي ملڪن جي سربراهن شرڪت ڪئي، تاج پوشي جي تقريب کي دنيا جي تمام نيوز چئنلز لائيو ڏيکاريو، ان تقريب ۾ ڪجھ اهڙيون رسمون به آهن جيڪي قديم دور کان ئي سلطنت برطانيا جو حصو رهيون آهن.
اڄ هڪ طرف ته جديد دنيا جو تصور آهي جنهن ۾ ٽيڪنالاجي ۽ ميڊيڪل سائنس جو عروج آهي ۽ زندگي جي اهم مسئلن تي سائنسي حل ۽ سبب پيش ڪيا ويندا آهن ۽ نوان خيال ۽ تصور جنهن ۾ بنياد پرستي ۽ پراڻن خيالن، تصورن ۽ رسمن کي رد ڪرڻ جي ڳالھ ڪئي ويندي آهي ۽ چيو ويندو آهي ته دنيا تبديل ٿئي ٿي، ان لاءِ پراڻن خيالن ۽ رسمن جي ڪا ضرورت ناهي رهي ۽ انسان کي اڄ پراڻن خيالن ۽ رسمن بجاءِ جديد تصور رکندي زندگي گذارڻ کپي، پر ٻي طرف بادشاهت جو ادارو آهي، جيڪو پنهنجي هزارن سالن جي تاريخ رکي ٿو، جنهن ۾ صدين کان وٺي ڪجھ اصول ۽ ڪجھ رسمون آهن جيڪي تبديل ناهن ٿيون ۽ اڄ به قائم آهن ۽ انهن تي وڏي شدت سان عمل ڪيو ويندو آهي.
دنيا جي تاريخ ۾ وڏيون وڏيون بادشاهيون رهيون آهن، جنهن ۾ عجيب ۽ منفرد قسم جون رسمون رهيون آهن، بادشاھ کي ڇو ته عام انسان نه سمجهيو ويندو، تنهنڪري ان لاءِ خاص قسم جون رسمون پيدا ڪيون ويون، قديم دور جي بادشاهن کي مذهبي حيثيت به حاصل هوندي هئي، بلڪه اڄ گهڻا ئي نظريا ۽ صفتون جيڪي خدا لاءِ خاص سمجهيون وينديون آهن، اهي قديم بادشاهتن ۾ بادشاھ لاءِ مخصوص هونديون هيون، تاريخي لحاظ سان بادشاھ کي خدا جو نمائندو سمجهيو ويندو هو، جيڪو هر عمل خدا جي چوڻ تي ڪندو آهي ۽ ماڻهن کي اهو يقين هوندو هو ته بادشاھ جيڪا ڳالھ ڪري ٿو يا جنهن جو حڪم ڏي ٿو، اها خدا طرفان آيل آهي، ماضي جي بادشاهن پاڻ لاءِ ڪجھ خاص قسم جون رسمون ۽ گيت ٺهرايا، بادشاھ جي شان بيان ڪرڻ لاءِ مختلف گيت ۽ ٻول تخليق ڪيا ويا هئا، بهرحال! بادشاهت جو راويتن ۽ رسمن سان گهرو تعلق آهي. ظاهر آهي ته موجوده دور جي بادشاهن لاءِ اهي صفتون ته بيان نه ڪيون وينديون آهن، جيڪي اڳي ڪيون وينديون هيون، پر ڪجھ رسمون اڄ به اهڙيون آهن جنهن جو تعلق قديم دور جي بادشاهت واري تصور سان آهي، مثال طور جيئن برطانيا جي بادشاهت ۾ هڪ رسم آهي ته جڏهن به ڪو بادشاھ تاج پائيندو آهي ته ان وقت ان کي هڪ خاص قسم جي ڪرسي تي ويهاريو ويندو آهي ۽ پوءِ تاج پيش ڪيو ويندو آهي، اها ڪرسي خاص قسم جي ڪرسي آهي ان ڪرسي ۽ ان رسم جو تعلق قديم دور جي بادشاهي رسمن سان آهي ۽ ان جو تعلق قديم مذهبي رسمن سان پڻ آهي، بنيادي طرح سان ان ڪرسي جي اهميت ان پٿر جي ڪري آهي جيڪو ان ڪرسي ۾ جڙيل آهي ان پٿر کي (دي اسٽون آف اسڪون) چيو ويندو آهي.
ان پٿر کي قسمت جو پٿر به چيو ويندو آهي، اهو پٿر برطانيا سان گڏ اسڪاٽلينڊ جي حڪمرانن جي تاج پوشي واري تقريب ۾ به استعمال ڪيو ويندو هو. هن کي موجوده بادشاھ کان اڳ (1953) ۾ برطانيا جي راڻي ايلزبيٿ 2 جي تاج پوشي واري تقريب ۾ به استعمال ڪيو ويو هو، هن کي اسٽون آف اسڪون ان جي ڪري چوندا آهن ته اسڪاٽلينڊ جي پرٿ جي ويجهو هڪڙي قديم بستي آهي، جنهن جو نالو اسڪون آهي اڄ به هتي قديم چرچ موجود آهن، اسڪون برطانيا ۽ اسڪاٽلينڊ جي مذهبي ۽ سياسي حوالي سان اهميت جو حامل علائقو آهي، اسڪاٽلينڊ جي بادشاهه ڪينٿ ميڪالپين کي اهو پٿر مليو هو، بادشاھ اهو پٿر اسڪون کڻي آيو، پوءِ اهو پٿر گهڻو عرصو اسڪون جي ڪنهن گرجا گهر ۾ پيو رهيو، ان پٿر يروشلم، روم، آئرلينڊ، برطانيا، اسڪاٽلينڊ جي چوڌاري سفر ڪيو آهي، 800ع کان پوءِ ڪڏهن آئرلينڊ ته ڪڏهن برطانيا ته وري ڪڏهن اسڪاٽلينڊ مطلب ته اهو برطانيا جي ئي سرزمين تي رهيو آهي، ڇو ته اهي چار ئي ملڪ نالي ماتر الڳ آهن، پر اثر صدين کان عظيم برطانيا جو رهيو آهي. بهرحال انهيءَ پٿر کي برطانيا جي بادشاھ ايڊورڊ پهرين 1296 ۾ ڪنهن جنگ کان پوءِ لنڊن جي علائقي ويسٽ منسٽر جي قديم چرچ ۾ هڪڙي ڪاٺ جي ڪرسي جي هيٺان هڻائي ڇڏيو، جنهن ڪرسي تي ويهي نئون بادشاھ حلف کڻندو هو، انهي ڪرسي کي به ڪنگ ايڊورڊ چيئر چيو ويندو آهي. 1328 ۾ انگلينڊ ۽ اسڪاٽلينڊ ۾ معاهدو ٿيو، جنهن ۾ اهو طئي ٿيو ته اهو پٿر اسڪاٽلينڊ کي واپس ڏنو ويندو، انهي معاهدي کان پوءِ به اهو پٿر لنڊن جي ويسٽ منسٽر واري چرچ ۾ پيل ڪرسي ۾ لڳل رهيو، ان کان پوءِ گهڻن ئي بادشاهن ان ڪرسي تي ويهي جنهن ۾ اهو پٿر لڳل هو حلف کنيو. 1950 ۾ ڪجھ نوجوان جيڪي اسڪاٽلينڊ جا هئا، انهن اهو پٿر ويسٽ منسٽر واري چرچ مان چوري ڪيو، چوري دوران پٿر ٻن حصن ۾ ٽٽي پيو، گهڻي حصي وارو پٿر اهي نوجوان پاڻ سان گڏ اسڪاٽلينڊ کڻي ويا، انهن جو اهو خيال هو ته اصل ۾ اهو پٿر اسڪاٽلينڊ جو آهي، انهن جوانن پٿر ڪجھ وقت لاءِ ڪنهن جاءِ تي لڪائي ڇڏيو، بعد ۾ انهن ان پٿر ۾ ڪجھ تبديلي ڪري اسڪاٽلينڊ جي سرڪار جي حوالي ڪيو، اسڪاٽلينڊ حڪومت ڪجھ وقت کان پوءِ اهو پٿر ويسٽ منسٽر واري چرچ جي حوالي ڪيو ۽ پوءِ انگلينڊ ۾ افواهه هلڻ لڳا ته جيڪو پٿر اسڪاٽلينڊ کان واپس مليو آهي، اهو اصلي نه آهي جيڪو چوري ٿيو هو. بهرحال گهڻو وقت گذرڻ کان پوءِ 1996 ۾ اسڪاٽلينڊ ۽ انگلينڊ ۾ اهو طئي ٿيو ته في الحال ڇو ته اهو پٿر تاج پوشي لاءِ به استعمال نه ٿو ٿئي، تنهنڪري ان کي واپس اسڪاٽلينڊ ۾ ئي رکجي. 1996 جولائي جي مهيني ۾ اهو اعلان ڪيو ويو ته پٿر اسڪاٽلينڊ جي حوالي ڪيو ويندو، نومبر ۾ عيسائيت جي مذهبي اهم ڏينهن (سينٽ اينڊريوز ڊي) جي ڏينهن اسڪاٽلينڊ ۽ انگلينڊ جي بارڊر تي وڏي شاهي تقريب جو بندوبست ڪيو ويو، جنهن ۾ بادشاهي پروٽوڪول سان پٿر کي اسڪاٽلينڊ جي حوالي ڪيو ويو، انهي تقريب ۾ برطانيا جي شاهي گهراڻي جي ماڻهن به شرڪت ڪئي، جنهن ۾ شهزادي اينڊريو به شرڪت ڪئي، ان شهزادي ان وقت ملڪه برطانيا ايلزبيٿ جي طرفان برطانيا جي نمائندگي ڪئي، شهزادو اينڊريو برطانيا جي راڻي ايلزبيٿ جو پٽ آهي، ان کان پوءِ انهي پٿر کي وڏي حفاظت سان اسڪاٽلينڊ جي تاريخي شهر ايڊنبرگ جي پراڻي ۽ وڏي اهميت واري قلعي ۾ آندو ويو، جنهن کي (ايڊنبرگ ڪيسٽل) چيو ويندو آهي، انهي قلعي ۾ هڪڙو ڪمرو آهي جنهن کي ڪرائون روم چيو ويندو آهي ان ۾ تاج پوشي جي حوالي سان انتهائي قيمتي شيون رکيون ويون آهن، جيڪي بادشاهي رسمن لاءِ صدين کان استعمال ٿينديون پيون اچن، اهي شيون شاهي اعتبار سان خانداني ورثي طور آهن ۽ اهي انمول آهن ۽ انهن کي برطانيا جي عزت جو سبب سمجهيو ويندو آهي، ڇو ته انهن کي قومي ورثو سمجهيو ويندو آهي، تهنڪري ايڊنبرگ جي قلعي ۾ ٺهيل ڪرائون روم جي وڏي اهميت آهي، جنهن ۾ اهي تاريخي شيون پيون آهن. 1996 ۾ ان پٿر کي به وڏي اعزاز سان کڻي ڪرائون روم ۾ رکيو ويو. هاڻي تحقيق طلب آهي ته ان پٿر جي ايڏي اهميت ڇو آهي، جيڪڏهن انٽرنيٽ تي ڏسبو ته ان پٿر کي عيسائي ۽ ڪجھ يهودي بائبل ۾ بيان ڪيل اهم شخصيتن سان منسوب ڪن ٿا، جيئن حضرت يعقوب (جيڪب)، ڪجھ تاريخدان چون ٿا ته حضرت دائود (ڊيوڊ)، حضرت سليمان (سولومان) ۽ ٻين بني اسرائيل جي نبين کي انهي پٿر تي ويهاري منصب ڏنو ويندو هو، عيسائي ۽ يهودي مذهبي تاريخ ۾ جنهن تخت جو ذڪر تاريخ ۾ اچي ٿو ته ڊيوڊ (حضرت دائود) کي ان جي پٽ (سولومان) حضرت سليمان کي جنهن تخت تي ويهاري تاج پوشي ڪئي ويندي هئي، دراصل هو ڪو عام بادشاهن وارو تخت نه بلڪه اهو پٿر (اسٽون آف اسڪون) هو جيڪو اڄ به موجود آهي، جنهن کي اسٽون آف اسڪون چوندا آهن ڪجھ عيسائي عالمن جو خيال آهي ته انهي پٿر جنهن کي تخت به چيو ويو آهي ان تي گهڻن ئي قديم اسرائيل جي نبين کي ويهاري انهن جي تاج پوشي ڪئي وئي هئي. قديم اسرائيل ۾ بادشاھ طالوت کان پوءِ جڏهن حضرت دائود کي پوري سڄي اسرائيل جو بادشاھ ڪيو ويو ته ان تاج پوشي ۾ اهو پٿر پڻ استعمال ڪيو ويو هو، ان کان پوءِ حضرت سليمان ۽ ٻين بادشاهن جي تاج پوشي ۾ اهو پٿر به استعمال ڪيو ويو، ان پٿر کي ڇو ته حضرت دائود ۽ حضرت سليمان جي نسبت حاصل آهي ته بني اسرائيل ۾ ان جي هڪڙي مقدس حيثيت رهي آهي ۽ هر دور ۾ ان جي اھميت رهي آهي، بادشاھ ڊيوڊ جڏهن ھيڪل سليمان تعمير ڪرائڻ شروع ڪيو ته ان وچ ۾ ئي حضرت دائود وفات ڪري ويو، تنهن بعد حضرت سليمان ھيڪل مڪمل ڪرايو ۽ ان ۾ تابوت سڪينه ۽ اهو پٿر ان جي اندر رکائي ڇڏيائين.
70ع ۾ جڏهن روم جي بادشاھ ٽائيٽس يروشلم فتح ڪيو ۽ ان هيڪل کي ڊاهي تباھ ڪيو ته پوءِ اهو پٿر پاڻ سان گڏ روم کڻي آيو، اهو پٿر گھڻو عرصو روم ۾ رهيو، عيسائين جو اهو عقيدو آهي ته حضرت عيسيٰ کي انهي پٿر تي ويهڻو هو ۽ حڪمراني ڪرڻي هئي، هاڻي انهن جو اهو يقين آهي ته جڏهن حضرت عيسيٰ وري دنيا ۾ حڪمراني ڪرڻ ايندو ته انهي پٿر تي ويهندو ۽ انهن جي حڪمراني جي شروعات ٿيندي، اهو پٿر يروشلم کان روم آيو، ان کان پوءِ برطانيا جي زمين تي ئي صدين کان موجود آهي، اهو آهي ته پٿر پر ان کي تخت جي حيثيت حاصل آهي يھودي ۽ عيسائين جي ڪجھ ماڻهن جو خيال آهي ته ايندڙ وقت ۾ ان پٿر کي واپس اسرائيل جي اندر رکيو وڃي ۽ ان جي حيثيت بحال ڪئي وڃي جيڪا قديم اسرائيل ۾ هئي.
ان رسمن ۽ مذهبي تاريخي ورثي مان ڪنهن ٻي مذهب کي خطرو ناهي بلڪه اهو انساني تهذيب جي خوبصورتي آهي.
***