ايران – اسرائيل ڇڪتاڻ ۽ خطي جي صورتحال

دنيا ۾ ڪافي وقت کان جيڪي ٻرندڙ تڪرار رھيا آھن، انھن ۾ ھڪ تڪرار ايران – اسرائيل وارو به آھي، جنھن سان پوري وچ اوڀر واري خطي تي اثر پون ٿا.

ايران دنيا جي نھايت قديم تھذيبن مان ھڪ آھي ۽ ھڪ وسيع پکيڙ رکندڙ تاريخي ملڪ آھي. جنھن جي جاگرافيائي بيھڪ ڏاڍي اھم آھي. ايران اولھ ايشيا ۾ آھي ۽ وچ اوڀر ريجن جو حصو آھي. ايران جي اوڀر ۾ پاڪستان ۽ افغانستان، اتر ۾ ترڪمانستان، ڪيسپيئن سِي، آذربائيجان، آرمينيا ۽ اولھ ۾ عراق ۽ ترڪي واقع آھن. عالمي انسائيڪلوپيڊيا (اردو ۾) سھيڙيندڙ ياسر جواد صفحي 301 تي ايران بابت تفصيلي ڄاڻ ڏني آھي، جنھن مان اختصار سان ورتل ڪجھ سٽن موجب ”ھي خطو شيعه مسلمانن جو مرڪز آھي، ڇھين قبل مسيح ۾ موجودہ ايران جو علائقو فارسي سلطنت جو مرڪز ھو. 1501ع کان وٺي 1979ع ۾ اسلامي انقلاب تائين بادشاھت جي حڪومت ھيٺ رھيو. مذڪورہ عالمي انسائيڪلوپيڊيا جي صفحي 302 موجب ”50ع جي ڏھاڪي ۾ شروع ٿيندڙ عوامي بيچيني 1979ع جي اسلامي انقلاب جو نتيجو بڻي. بادشاھت جي جاءِ ھڪ جمھوريائي طرز حڪومت ورتي جنھن جي رھنمائي شيعه اسلام جي اصولن جي مطابق ڪئي وئي“ انقلاب اسلامي جي اڳواڻي آيت الله روح الله خميني رحه ڪئي. انھيءَ انسائيڪلوپيڊيا موجب ”ايران جي ڪل پکيڙ 16،48،000 چؤرس ڪلوميٽر آھي ۽ 2004ع ۾ آبادي 6،90،18،924 ھئي“ پر موجودہ وقت ايران جي آبادي ساڍا 8 ڪروڙن کان وڌيڪ آھي. ايران جي گادي جو ھنڌ تھران آھي.

ايران ڏکڻ اولھ ۾ خليجِ فارس جي ان ڪناري تي واقع آھي، جيڪو دنيا جي 40 سيڪڙو تيل جي سپلائي جو رستو به آھي. چيو ويندو آھي ته اگر ايران اھو رستو بند ڪري ڇڏي ته دنيا ۾ تيل جي فراھمي رڪجي وڃي ۽ عالمي معيشت کي وڏو ڌڪ رسي. ان ڪري آمريڪي جنگي بحري ٻيڙا ھر وقت اتي بيٺل ھوندا آھن. ٻئي پاسي اھي ئي جنگي ٻيڙا ايران لاءِ خطرو به ھوندا آھن. وينزويلا، سعودي عرب ۽ ڪينيڊا بعد سڀ کان وڌيڪ تيل جا ذخيرا ايران ۾ آھن ۽ ھي ملڪ دنيا جو گئس جي ذخيرن سان مالامال ٻيو نمبر وڏي ۾ وڏو ملڪ آھي. ايران وچ اوڀر جي ٽين وڏي فوجي قوت آھي. ايران جي دفاعي بجيٽ 24.6 بلين آمريڪي ڊالرز آھي، ايران جي Active Military جو تعداد 5 لک 75 ھزار آھي ۽ ايران جي Reserve Military جو تعداد 3 لک 50 ھزار آھي. عالمي پابندين سبب ايران کي معاشي، اقتصادي ۽ دفاعي طور تي سخت ڏکيائين کي منھن ڏيڻو پوي ٿو. ايران جو شمار انھن اسلامي ملڪن ۾ ٿئي ٿو جن ڪڏھن به اسرائيل کي تسليم نه ڪيو آھي. سخت معاشي پابندين کي منھن ڏيڻ باوجود ايران عراق، شام، يمن، فلسطين ۽ لبنان ۾ سياسي اثر رسوخ رکڻ سبب وچ اوڀر جي نھايت بااثر ملڪن ۾ شمار ٿئي ٿو. تازو ھڪ ٻي حوصلا افزا پيش رفت ٿي آھي سا اھا ته چين جي ميزباني يا ثالثي ۾ چين ۾ ئي ايران ۽ سعودي عرب ۾ ٺاھ ٿي ويو ۽ سفارتي لاڳاپا پڻ بحال ٿي ويا، جنھن سان وچ اوڀر ۾ امن ۽ استحڪام جي ھڪ نئين ۽ بھتر دور جو آغاز ٿيڻ وڃي پيو.

خير، جيئن ته اسان جو موضوع ايران ۽ اسرائيل جي ڇڪتاڻ بابت آھي، سو ٻنھي ملڪن بابت ضروري ڄاڻ ڏيڻ به ضروري آھي ته جيئن ڳالھ آساني سان سمجھ ۾ اچي.

اسرائيل وچ اوڀر جو ھڪ ننڍڙو ملڪ آھي. اسرائيل جي پکيڙ صرف 22،145 چورس ڪلوميٽر آھي برطانوي منصوبه سازن ذريعي 1948ع ڌاري فلسطين جي مقدس سرزمين تي ان جو وجود عمل ۾ آندو ويو. ھيءَ دنيا ۾ واحد نام نھاد يھودي رياست آھي. اسرائيل جي گادي جو ھنڌ تل ابيب آھي. اسرائيل ھڪ طرف پنھنجي سامراجي ۽ گريٽر اسرائيل جھڙن خطرناڪ ارادن تحت يروشلم کي گادي جو ھنڌ بڻائڻ جا نه رڳو خواب ڏسي ٿو، پر ان تي بضد به آھي ۽ ٻئي طرف ھزارين فلسطينين کي شھيد ڪرڻ ۽ انھن جي زمينن تي قبضا ڪرڻ، انھن کي بي دخل ڪرڻ ۽ يھودي آبادڪارن لاءِ راھ ھموار ڪرڻ يعني توسيع پسندانه ارادن جي ڪري اسرائيل خطي ۾ تنھائي جو شڪار رھي ٿو. عالمي انسائيڪلوپيڊيا (سھيڙيندڙ ياسر جواد) جي صفحي 146 تي فلسطينين جي ڌرتي تي قابض اسرائيل بابت ھن ريت لکيل آھي ته ”غالب يھودي اڪثريت وارو اولھ يروشلم 1948ع کانپوءِ اسرائيل جو ئي حصو رھيو، اسرائيل 1967ع ۾ عرب اڪثريت وارو اوڀر يروشلم به قبضي ۾ وٺي ڇڏيو. اسرائيل تڏھن کان ئي سڄي شھر کي پنھنجو گاديءَ جو ھنڌ قرار ڏيندو آيو آھي، پر گڏيل قومن يروشلم کي اسرائيل جو گادي جو ھنڌ تسليم نه ڪيو آھي“ عام طور تي شھر يروشلم کي به بيت المقدس ئي چيو ويندو آھي. ھي شھر يھوديت، عيسائيت ۽ اسلام ۾ نھايت مقدس شھر جي حيثيت رکي ٿو. ھي شھر دنيا جي نھايت قديم شھرن مان ھڪ آھي. واضح رھي بيت المقدس (عربي ٻولي جو لفظ) کي يھودين جي عبراني ٻولي (Hebrew language) ۾ جروشلم چيو وڃي ٿو، جنھن کي يروشلم به چئجي ٿو. ھن مقدس شھر تي قابض اسرائيل جون پُر تشدد ڪارروايون ھن شھر جي امن کي سخت ڇيھو پھچائينديون رھيون آھن. اسرائيل جي ڪل آبادي 90 لکن جي لڳ ڀڳ ٻڌائي وڃي ٿي. جڏھن ته انھيءَ انسائيڪلو پيڊيا ۾ وڌيڪ اڳتي اھو به ڄاڻايل آھي ته ”دنيا جي ڪل يھودين جو 82 سيڪڙو اسرائيل ۾ آھي“

اسرائيل جي دفاعي بجيٽ 24.3 بلين آمريڪي ڊالرز آھي. اسرائيل جي Active Military جو تعداد 1 لک 73 ھزار آھي جڏھن ته ھن جي Reserve Military جو تعداد 4 لک 65 ھزار آھي. اسرائيل دنيا جي جديد ترين اسلحي جا ڍير پاڻ وٽ رکيو ويٺو آھي، آمريڪا ان کي اھڙو اسلحو ڏيڻ ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏي آھي. اسرائيل پنھنجو ايئر ڊفينس سسٽم آئرن ڊوم به ٺاھيو آھي جيڪو ھر وقت اتي ايڪٽو رھي ٿو. آمريڪا ھر مرحلي تي اسرائيل جي سياسي ۽ فوجي حمايت ڪندو آھي، جنھن پويان آمريڪا ۾ موجود مضبوط يھودي لابي آھي. اسرائيل جي جارحاڻين ڪارروائين سبب ان جا پاڙيسري ملڪ ھر وقت خطري ۾ رھن ٿا. اسرئيل اسلام جي قبلہء اول بيت المقدس تي زبردستي قابض آھي. 1967ع واري عرب-اسرائيل جنگ به لڳي چڪي آھي. جنھن ۾ اسرائيل شام ملڪ جي 1200 ڪلوميٽرن کان وڌيڪ گولان جي پھاڙين تي قبضو ڪري ويو، جيڪو اڄ به اسرائيل وٽ آھي.

اسرائيل، فلسطين، لبنان، مصر، اردن ۽ شام کان گھيريل آھي. شام ۽ لبنان جتي موجود ايراني فوج ۽ حزب الله جھڙي شيعه مزاحمتي تنظيم کي اسرائيل پاڻ لاءِ وڏو خطرو سمجھي ٿو.

وچ اوڀر ۾ اسرائيل اھو واحد ملڪ آھي جنھن وٽ ائٽمي ھٿيار آھن. اسرائيل جو شمار انھن ملڪن ۾ ٿئي ٿو جن ائٽمي ھٿيار ٺاھيا، پر انھن جو تجربو نه ڪيو آھي.

ھوڏانھن ايران بابت رپورٽون آھن ته ھو ڪافي وقت کان ائٽمي ھٿيارن ٺاھڻ جون ڪوششون پيو ڪري ۽ ائٽمي طاقت واري ايران کي اسرائيل پنھنجي لاءِ ھڪ ڀوائتو خواب ڀانئي ٿو. اسرائيل ايران کي ائٽمي قوت طور ڏسڻ نٿو چاھي. ايران جي ائٽمي پاور بڻجڻ سان وچ اوڀر مان اسرائيل جي بالادستي يا ھڪ ھٽي ختم ٿي ويندي. ان مقصد لاءِ اسرائيل ايران ۾ ڪئين خفيه ڪارروايون ڪري ان کي نقصان به پھچائي چڪو آھي. ايراني سائنسدانن جي پراسرار موت جون آڱريون به اسرائيلي خفيه ايجنسي بدنامِ زمانه موساد طرف کڄنديون رھيون آھن.

اسرائيل جي موجودہ انتھاپسند وزيراعظم نيتن ياھو کي شروع کان ئي ايران جو دشمن خيال ڪيو وڃي ٿو. چيو وڃي ٿو ته اگر اسرائيل ايران تي حملي جي ڪا حماقت ڪئي ته ايران جو ردعمل اھڙو ھوندو، جنھن جو سڄي دنيا تي اثر پوندو ڇو ته ايران يوڪرين نه آھي ھن سان گڏ روس بيٺل آھي. جڏھن ھن سال 2023ع جي جنوري ۾ ايران تي ڊرون حملو ٿيو ھو ته روس ئي اھو پھريون ملڪ ھو جنھن ان حملي جي کلي مذمت ڪئي.

ايران دنيا جي لٺ سردار آمريڪا ۽ پنھنجي سڀ کان وڏي دشمن اسرائيل ۽ مغربي طاقتن جي پرواھ نه ڪندي جھڙي ريت يوڪرين جنگ ۾ روس جي مدد ڪئي اھا ڳالھ غير معمولي آھي. نتيجتن ايراني صدر ابراھيم رئيسي ھر گذرندڙ ڏينھن سان روس جي ويجھو ايندو پيو وڃي. عالمي ميڊيا ته ايتري به دعويٰ ڪئي ته روس ايران کي يورينيم ڏئي رھيو آھي جيڪو ائٽم بم ٺاھڻ ۾ مددگار آھي. خير، جنگ ۾ پروپيگنڊا به تيز ھلي ٿي، عالمي ميڊيا ۾ قياس آرائين جي ڀرمار به آھي، پر يوڪرين جي جاري جنگ ۾ ايران روس جو جيڪو ساٿ ڏنو آھي ان روسي صدر پيوٽن کي ايران تي مھربان ڪري وڌو آھي ۽ صدر پيوٽن موٽ ۾ ساڳئي طرح ايران جي ضرورتن جو خيال پڻ رکيو ھوندو.

رپورٽ به آئي ھئي ته ايران جا پائليٽ روس ۾ سيخوئي 35 جنگي طيارن جي سکيا به وٺي چڪا آھن. ھن سال ايران کي روس کان SU-35 طيارن جي ڊليوري به ٿي ويندي. جيڪي رپورٽون اچن پيون انھن موجب شروعات ۾ ايران کي روس کان 24 سيخوئي 35 فائيٽر طيارا ملندا. توڙي جو اھو تعداد ته گھٽ آھي، پر اھڙا جھاز ايراني ايئر فورس کي غضب جي طاقت ڏيندا. ھي چوٿين پيڙھي جي اڳتي جا جھاز آھن. جن ۾ اليڪٽرونيڪلي اسڪينڊ ايريل ريڊار لڳل آھي جيڪو 400 ڪلوميٽرن جي دائري ۾ ٽارگيٽ کي سڃاڻي سگھي ٿو. ھنن جھازن جو روس يوڪرين ۾ استعمال بہ ڪيو آھي. ڊگھي فاصلي جي ٽارگيٽس کان علاوہ فضائي برتري ۾ ھنن جھازن جو ڪو جواب نه آھي. روس وٽ سئو جي قريب ھي فائيٽر جيٽ آھن، ھي جھاز يوڪرين ۾ پيوٽن جي ائير آپريشن جو سڀ کان اھم حصو يا روس جي ايئر اسٽرائيڪ مشن جو ليڊر بڻيل آھي. يوڪرين ۽ شام ۾ ھن جھاز جي ڪاميابي بعد ايران ھن ۾ وڏي دلچسپي ورتي. چيو پيو وڃي ته چين ھنن جھاز جو وڏو گراھڪ رھيو آھي. جنھن وٽ اھڙا 24 جھاز آھن. يوڪرين جنگ ۾ روس ايتري تباھي ڪڏھن نه مچائي ھا اگر ايران کيس پنھنجا آپگھاتي ڊرونز نه ڏئي مدد نه ڪري ھا!

ايران-روس وڌندڙ فوجي تعلقاتن ڪاڻ اسرائيل ئي نه آمريڪا به پريشان آھي. ڇو جو ايران اڳ ئي پاڻ کي ھڪ ڊرون پاور ثابت ڪري ڇڏيو آھي، جنھن جي رينج ۾ اسرائيل آھي. ايران وٽ اھڙا اھڙا ڊرونز آھن جيڪي اسرائيل وڃي بمباري ڪري سگھن ٿا. جيڪو ٽريلر ايران يوڪرين جنگ ۾ اسرائيل کي اڳ ئي ڏيکاري چڪو آھي.

ڪجھ ڏينھن اڳ اسرائيل جي مشھور اخبار جيروشلم پوسٽ ھڪ طرف ھيءَ دعويٰ ڪئي ھئي ته روس ايران کي ايس 400 ايئر ڊفينس سسٽم ڏيڻ جو فيصلو نه ڪيو آھي ته ٻئي طرف اخبار جي دعويٰ اھا به ھئي ته ڊليوري جي ٻن سالن اندر اھو ايئر ڊفينس سسٽم ايران ۾ ايڪٽِوِ به ٿي ويندو“ ايس 400 کان اسرائيل ايترو ڊنل ڇو آھي؟ ان جي طاقت جو مختصر جائزو وٺون ٿا. ايس 400 زمين کان فضا ۾ مار ڪرڻ وارو ميزائل سسٽم آھي. جيڪو ھوائي جھاز، ڊرون، ڪروز ميزائل ۽ بيلسٽڪ ميزائل کي برباد ڪري سگھي ٿو. ھي روس جو چوٿين پيڙھي جو ڊگھي فاصلي جو زمين کان ھوا ۾ مار ڪندڙ ميزائل سسٽم آھي. ايس 400 روس کان علاوہ چين، ڀارت ۽ ترڪي ۾ به تعينات آھي. اسرائيل ئي نه آمريڪا ۾ به روس کان ايران کي ملندڙ ايس 400 جي خبرHot topic بڻيل رھي آھي. دعويٰ ته ايستائين به آھي ته ايران کي اھو ڊفينس سسٽم ملڻ کان اڳ ئي اسرائيل ايران تي حملو ڪري سگھي ٿو. اڃان ڪجھ ڏينھن پھرين ئي تل ابيب (اسرائيلي گادي جو ھنڌ) جي سيڪيورٽي ڪانفرنس ۾ اسرائيل جي ڪٽر سوچ جي حامل وزيراعظم بن يامين نيتن ياھو چيو ھو ته ”توھان جيترو ڊگھو انتظار ڪندا اھو اوترو ئي مشڪل ٿيندو ويندو. اسان ڏاڍو ڊگھو انتظار ڪيو، آئون توھان کي ٻڌايان ٿو ته آئون ايران کي ائٽمي ھٿيار حاصل ڪرڻ کان روڪڻ لاءِ پنھنجي پوري طاقت لڳائي ڇڏيندس“ غور ڪرڻ جي ڳالھ اھا به آھي ته ايران ۾ روس جو ايس 300 ايئر ڊفينس سسٽم اڳ ئي تعينات آھي. ايران ۾ روسي سفير 2020ع ۾ بيان ڏنو ھو ته ايران کي ايس 400 ڏئي سگھون ٿا.

ايران اڳ ۾ ئي پنھنجو بابر 373 ايئر ڊفينس سسٽم ٺاھي چڪو آھي. جيڪو ايس 400 طرز تي مقامي طور تي ڊزائين ڪيل آھي. نومبر 2022ع ۾ ايران جي Up-graded بابر 373 جي Detection range ساڍا 400 ڪلوميٽر ۽ Tracking range 400 ڪلوميٽر درج ڪئي وئي ھئي. انڪري اسرائيل ۽ ان جي ساٿارين کي لڳي ٿو ته ايران ۾ جيترا گھڻا ايئر ڊفينس سسٽم لڳندا ويندا، اسرائيل لاءِ ايران جي ٺڪاڻن کي ٽارگيٽ ڪرڻ اوترو ڏکيو ٿيندو ويندو. اھو ئي سبب آھي ته ايران کي ايس 400 ملڻ جي خبرن سان اسرائيل ڳڻتي ۾ آھي. توڙي جو ان جي تعيناتي ۽ ايڪٽِيويشن ۾ وقت لڳندو، پر پختي اميد آھي ته روس ايران کي ان جي ڊليوري ڪيڏي مھل به ڪري سگھي ٿو. خبر آھي ته يوڪرين خلاف ڊرون واري مدد تي روس ايران جو ايتري قدر احسانمند آھي، جو ھو جلد کان جلد Return gift جي طور تي احسان چڪتو ڪندي ايران کي ايس 400 ڏيڻ چاھي ٿو. ھڪ دعويٰ ايستائين به آئي آھي ته ڪجھ Su 35 ايران پھچي به ويا آھن، جن کي دشمنن کان محفوظ رکڻ ايران لاءِ به ھڪ چئلينج آھي، پر ايران پاتار ۾ ھڪ خفيه ايئربيس به ٺاھي ڇڏيو آھي. زير زمين ٺھيل ھن ٺڪاڻي جو نالو Eagle 44 آھي، جتي دعويٰ موجب ڪنھن به ايئرفورس مشن لاءِ نون ھوائي جھازن کي آڻي فورن تيار به ڪري سگھجي ٿو. اسرائيلي دعويٰ موجب ايس 400 ايران کي مليو ته اھو 2025ع تائين ايڪٽو ٿيندو. اسرائيل جي اڳواڻن کي ايران جي ائٽمي ھٿيارن مان سڀ کان وڏو خطرو محسوس ٿئي ٿو. اسرائيلي دعويٰ آھي ته ايران 84 سيڪڙو يورينيم افزودا ڪري ورتو آھي، جڏھن ته ائٽم بم ٺاھڻ لاءِ 90 سيڪڙو خالص يورينيم گھربل ھجي ٿو. ايران ھن دعويٰ کي خارج ڪري ڇڏيو آھي. يورينيم واري معاملي تي IAEA تھران وڃي ايراني سرڪار سان ڳالھيون به ڪيون ھيون. آمريڪا ۽ اسرائيل دعويٰ ڪئي ھئي ته ايران 2023ع جي آخر تائين ڏھ ائٽم بم ٺاھڻ لائق يورينيم جو انتظام ڪري سگھي ٿو. جنھن کي ناڪام بڻائڻ لاءِ اسرائيل ڪنھن به حد تائين وڃڻ جي ڳالھ ڪري چڪو آھي. عالمي ميڊيا موجب اسرائيل ايران اندر 3 ھزار ٺڪاڻن تي حملي جو پلان به ٺاھيو آھي. واضح رھي ته اسرائيل جي ھن پلان جي جھلڪ ھلندڙ سال 28 جنوري 2023ع تي ايران جي شھر اصفھان ۾ سامھون آئي. جڏھن ڊرون سان ايران جي ملٽري فيڪٽري کي نشانو بڻائڻ جي ناڪام ڪوشش ٿي. چيو پيو وڃي ته ايران تي اسرائيل پنھنجي ايف 35 ذريعي حملو ڪري سگھي ٿو. ايران جي دفاعي ماھرن جو چوڻ آھي ته ايران ائٽمي طاقت بڻجڻ واري چانئٺ تي بيٺو آھي، اگر اسرائيل کي لڳي ٿو ته ھو ايران کي ائين ڪرڻ کان روڪي سگھي ٿو ته ھو پنھنجي طاقت آزمائي ڏسي وٺي. پوءِ موٽ ۾ ايران به اسرائيل جي اھم ھنڌن تي حملو ڪندو. واضح رھي ته ھن ئي سال 28 فيبروري تي ايران ھڪ ھٿرادو ٺاھيل بندرگاھ تي حملي جي فوجي مشق ڪئي، جنھن جو نمونو ھوبھو اسرائيلي بندرگاھ حيفا جھڙو ھو، جنھن عمل اسرائيل ۾ ڳڻتي جي لھر پکيڙي ڇڏي ھئي.

تازو ئي ايران پنھنجي سڀ کان وڏي دشمن اسرائيل جي نيوڪليئر ٺڪاڻن جو پتو لڳائي ورتو آھي. عالمي ميڊيا ۾ ھڪ رپورٽ سامھون آئي آھي ته ھڪ ملڪ پاران اسرائيل کي ھڪ وارننگ ميسيج موڪليو ويو آھي، جنھن ۾ اسرائيل جي ائٽمي ھٿيارن جي ٺڪاڻن جي سيٽلائيٽ تصويرون ۽ نقشا به موڪليا ويا آھن. چيو پيو وڃي ته ايران اسرائيل جي ائٽمي ٺڪاڻن تي حملي جي ڌمڪي به ڏني آھي. اسرائيل کي جيڪو وارننگ ميسيج مليو آھي ان موجب ايران جون خفيه ايجنسيون اسرائيل جي انھن ٺڪاڻن جي ريڪي ڪري چڪيون آھن جن ۾ اسرائيل پنھنجا ائٽمي ھٿيار لڪائي رکيا آھن. ھي ٻئي ملڪ آئي ڏينھن ھڪ ٻئي کي جنگ جون ڌمڪيون به ڏيندا رھيا آھن. اسرائيل جي مٿي تي آمريڪا جو ھٿ آھي ته ايران سان گڏ روس بيٺل آھي. ٻنھي ملڪن سان گڏ ٻه پاور فل ملڪ آھن. ھنن ٻنھي ملڪن ۾ شايد جنگ جون حالتون انڪري به پيدا ٿي ويون آھن ۽ اسرائيل ۾ پريشاني به ڇانيل آھي جو ايران وٽ نه صرف اسرائيل جي ائٽمي ٺڪاڻن جي لوڪيشن آھي، پر ميپ ۽ تصورون به آھن. اسرائيل جي ائٽمي ٺڪاڻن جي ڄاڻ جو ايران کي ملڻ يقينن اسرائيل لاءِ ڳڻتي جوڳو ھوندو.

عالمي ميڊيا موجب ايراني صدر ابراھيم رئيسي اسرائيل جي ائٽمي ذخيري کي پھرين تباھ ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني پوءِ پنھنجي ٻن خطرناڪ ايئرڊفينس سسٽمس کي لانچ ڪري ڇڏيو. ايران پنھنجي انڊر گرائونڊ بيس مان ڪجھ اھڙي طرح ٻه خطرناڪ ھٿيار ڪڍيا جن ۾ پھريون آھي خورداد ايئرڊفينس سسٽم جڏھن ته ٻيو آھي، ميرساد ايئرڊفينس سسٽم. ايران جو ھي اھو ئي خورداد ايئرڊفينس سسٽم آھي جنھن 2019ع ۾ آمريڪا جي گلوبل ھاڪ ڊرون کي ماري ڪيرايو ھو. جنھن تي آمريڪا سميت دنيا دنگ رھجي وئي ھئي. ايران ھنن ھٿيارن سان رڳو اسرائيل تي ئي حملو نه ڪندو، بلڪه ان جي ٽارگيٽ تي برطانيا به آھي.

ھوڏانھن عالمي ميڊيا ٻڌايو آھي ته اولھ جي ملڪن جي خفيه ايجنسين دعويٰ ڪئي آھي ته ”تھران برطانيا سميت ڪئين ملڪن تي حملو ڪرڻ وارو آھي رئيسي جي فوج وڏي تيزي سان ان جي تياري ڪري رھي آھي“ ٿي سگھي ٿو اھا خبر پروپيگنڊا وار جو حصو ھجي، پر ھتي ڳالھ ان ئي برطانيا جي آھي جيڪو پيوٽن جي اک ۾ ڪنڊو بڻيل آھي ۽ روس برطانيا کي بار بار ائٽمي ميزائلن سان تباھ ڪري پٿر جي دور ۾ موڪلڻ جون کلم کلا ڌمڪيون به ڏيندو رھيو آھي.

جيتري قدر ڳالھ دنيا جي گڏيل صورتحال مان اسان جي ورتل جائزي جي آھي ته آمريڪا موجودہ وقت ۾ اسرائيل کي ايراني ٺڪاڻن تي حملي جي اجازت نه ڏيندو، ڇو ته آمريڪا اڳ ئي يوڪرين جنگ واري محاذ تي روس سان، ڏکڻ چيني سمنڊ ۾ تائيوان خاطر چين ۽ ان ئي پاسي يعني اوڀر ايشيا ۾ جاپان ۽ ڏکڻ ڪوريا خاطر اتر ڪوريا جھڙين مھا طاقتن سان Engage آھي، اتي ھو وچ اوڀر جو محاذ کولي اسرائيل خاطر پنھنجو پاڻ کي جنگ ۾ نه وجھندو نه ئي ڪو اھڙو موقعو پنھنجن دشمنن يعني دنيا جي مذڪورہ مھا طاقتن کي ڏيڻ چاھيندو.

بھرحال صورتحال اھا آھي ته اسرائيل ۽ آمريڪا چاھيندي به ڪئين پابنديون عائد ڪري به ايران جو ڪجھ بگھاڙي نه سگھيا آھن، ويتر انھن ئي پابندين جي ڪري ايران روس ۽ چين کي ويجھو ٿي ويو، پر ايران جي ته آمريڪا سان ڪا سڌي دشمني به نه آھي اھي ويڇا اسرائيل جي ڪري وڌيا آھن. خير، ايران روز بروز ائٽمي ھٿيار ٺاھڻ جي ويجھو پيو پھچي ۽ اسرائيل روڪڻ لاءِ وڏا وس ڪري پيو، مگر سڌي ڪارروائي لاءِ ھيستائين جرئت نه ڪري سگھيو آھي. حالتن مان ظاھر آھي ته اگر ھن ايران خلاف ڪا به سڌي ڪارروائي ڪرڻ به چاھي ته ان کان پھرين اسرائيل سوين دفعا سوچيندو، ڇو ته ھڪ ته ايران وٽ جديد ترين خودڪش ڊرونز ۽ ان سان گڏ ايران وٽ مقامي طور تي تيار ڪيل 300 ڪلوميٽرن کان 2500 ڪلوميٽرن تائين مار ڪندڙ شھاب، فتح 110 ۽ ذوالفقار بيلسٽڪ ميزائل پڻ آھن ٻيو ته ايران صرف پنھنجي ڌرتي تائين ئي محدود نه آھي، پر ھو عراق ۽ شام ۾ به موجود آھي ته لبنان ۾ حزب الله ۽ فلسطين ۾ حماس جي صورت ۾ پنھنجو وجود برقرار رکيو اچي يعني ايران چئني طرفن کان اسرائيل لاءِ اڳ ئي گھيرابندي ڪري چڪو آھي. ايران خلاف اسرائيلي جارحيت پوري وچ اوڀر کي لپيٽ ۾ آڻي وجھندي، اھو وچ اوڀر جتي ڪوبه اسرائيل جو سڄڻ نه آھي ۽ نتيجو اسرائيل جي حق ۾ نه نڪرندو.

***

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments