بلاگ

ڏور ٿيندا وڃن روز جوڳيئڙا

ڊاڪٽر حبيب الله صديقي منهنجي والد جو سئوٽ هجڻ ڪري منهنجو چاچو هو، هو درويش صفت انسان ۽ پنهنجي ذات ۾ انجمن هو، سندس آخري وقت ۾ منهنجي ساڻس ملاقات ٿي هئي ته پاڻ پنهنجي بي همتي يا ڪمزور هجڻ جو احساس نه ڏياريائين. منهنجي دل ۾ الائي ڇو وسوسو پيدا ٿيو ته اسان جي صديقي مخدوم خاندان جو هڪ روشن ڏيئو اُجهامڻ وارو آهي، ٻئي ڏهاڙي منهنجي هڪ دوست علي رضا سولنگي مون کان پڇيو ته سائين حبيب الله صديقي جي طبيعت ناساز آهي ڇا؟ تنهن تي مون کانئس سوال ڪيو ته توکي ڪنهن ٻڌايو؟ چيائين ته تاج جويو جي فيس بوڪ تان خبر پئي ته ڊاڪٽر صاحب عليل آهن، ٽئي ڏهاڙي صبح جو منهنجي ننڍي ڀاءُ فيض صديقي ڪراچي مان فون ڪندي روئيندي ٻڌايو ته چاچا حبيب الله اسان کان جدا ٿي ويو! ڊاڪٽر حبيب الله صديقي جي ٽيجهي ۾ سڀئي مِٽ مائٽ، ڳوٺ راڄ، اديب، شاعر، محقق ۽ سول سوسائٽي جا دوست مِڙي اچي مُچ ٿيا هئا، مون کي نورچشم عامر لطيف صديقي تاثراتي رجسٽر ۽ قلم ڏيندي چيو ته اوهان ڊاڪٽر حبيب الله مرحوم جي وڇوڙي بابت پنهنجا دلي احساس تحرير ڪري ڏيو. مون کيس وراڻيءَ ۾ چيو ته هينئر لکي نه سگهندس، باقي ڪجهه ڏينهن ترسي مضمون جي صورت ۾ اوهان کي ڏيندس. مون کي ياد آهي ته 1985ع ۾ روزاني جنگ ڪراچي جي هفتيوار مئگزين جي مهراڻ رنگ جي انچارج خالد اطهر سان حيدرآباد ۾ ملاقات ٿي هئي، هو لطيف ادبي انجمن جي سالياني ميڙ ۾ پنهنجو ميڊل وٺڻ لاءِ آيو هو، هن مون کي مهراڻ رنگ ۾ مضمونن موڪلڻ لاءِ دعوت ڏني هئي ۽ ان کي قبول ڪندي آئون کيس مضمون لکي موڪليندو هئس، ”مهراڻ رنگ“ ۾ ڊاڪٽر حبيب الله صديقي جي شخصيت بابت مواد ڏيڻ لاءِ مون ساڻن روبرو گذارش ڪئي، جيڪا هن قبول ڪري مون سان في البديع گفتگو ڪئي، جنهن کي سموهي تيار ڪري مون خالد اطهر کي موڪلي ڏني، جنهن جو عنوان هو، ”سنڌ ڪا نامور تعليمي ماهر“ ان مضمون جو اختصار هن ريت آهي ته: ڊاڪٽر حبيب الله صديقي سنڌ جي تاريخي ڳوٺ پاٽ ۾ سن 1937ع ۾ پيدا ٿيو، هو تعليم حاصل ڪرڻ خاطر سيوهڻ، ٽنڊو رحيم خان، ٿرڙي محبت، ٻڍاپور، اڪڙي (ٿر) به ويو، سنڌ يونيورسٽي مان ماسٽرس آف ايجوڪيشن ۾ گولڊ ميڊل حاصل ڪيائين، ڊاڪٽر حبيب الله پنهنجي ملازمت جي شروعات سنڌ حڪومت جي محڪمي ڳوٺ سڌار ۾ ڪئي. 1953ع ۾ نامور تعليمدان مرحوم ڪريم بخش چنا جي ڪاوشن سان ڳوٺ پاٽ ۾ هاءِ اسڪول قائم ٿيو ته استاد جي حيثيت ۾ مقرر ٿيو ۽ ڪجهه مهينن کانپوءِ کيس ساڳئي هاءِ اسڪول جو هيڊ ماستر مقرر ڪيو ويو، اهو اسڪول هاڻي علامه آءِ آءِ قاضي گورنمينٽ هاءِ اسڪول جي نالي هيٺ تدريسي عمل ۾ مصروف آهي. 1962ع ۾ کيس نائب تعليمي آفيسر (پرائمري اسڪولز) مقرر ڪيو ويو، جتي هن دادو، حيدرآباد ۽ عمرڪوٽ تعلقن ۾ پنهنجون ذميواريون ادا ڪيون، جنهن بعد هن ڊپٽي ڊائريڪٽر (اسڪولز) حيدرآباد، ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر جيڪب آباد، لاڙڪاڻو، نوابشاهه ۽ حيدرآباد ۾ خدمتون سر انجام ڏنيون، ڊاڪٽر حبيب الله فورٿ ايجوڪيشن پراجيڪٽ جو ڊائريڪٽر، بيورو آف ڪريڪيولم جو ڊائريڪٽر، سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جو چيئرمين ۽ ايڊيشنل سيڪريٽري ايجوڪيشن سنڌ به مقرر ٿي رهيو. ڊاڪٽر صاحب پنهنجي انتظامي ڪارونهوار سان گڏ تحقيقي ڪتاب ۽ مقالا به تحرير ڪيا، جنهن ۾ سنڌ جي انتظامي تاريخ، سنڌ ۾ تعليم ماضي ۽ حال، درياهه ۽ سامونڊي ڪنارن سان زندگي، ڳوٺ پاٽ جي تاريخ ۽ صديقي خاندان، انسان (ٻه جلد) وارداتون، ڪيئي ڪهاڻيون، علامه آءِ آءِ قاضي مرحوم بابت تحقيقي ڪتاب، شعري مجموعو رچنائون وغيره شامل آهن، ڊاڪٽر حبيب الله ڳوٺ پاٽ جي ”صديقي برادري“ تنظيم جا 1960 کان 1998 تائين اعزازي سيڪريٽري به رهيا، ان تنظيم جو مول مقصد خاندان جي تعليمي، سماجي، ڪاروباري ۽ پنهنجي مدد پاڻ ڪريو جي اصولن، ان جي بهتري ۽ واڌ ويجهه ڪرڻ هو، سنڌ جي تعليم کاتي ۾ ڪم ڪرڻ دوران هو هميشه پنهنجي ڪارڪردگي ۽ زيردست جي اختيار ڪيل رويي کي درست ڪرڻ جي ڪوشش ۾ رهيو، هو پنهنجي ذميدارين کي محسوس ڪندي ماتحت استادن جي پيشه ورانه فرائض ۽ اهليت جي تقاضا ڪندو هو، سندس چوڻ هو ته: تعليم جي انتظام جو اصل مقصد اهو آهي ته صحيح ۽ موثر تعليم مناسب وقت جي اندر ۽ سلسليوار انداز ۾ مهيا ڪئي وڃي، ان مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ زيردست يا بالادست جو مظاهرو ۽ اقدام ڪرڻ جي ڀرمار ڪنهن ڪم جي ناهي، ڊاڪٽر صاحب جي اها ڪوشش رهي ته انتظامي مامرا مڪاني سطح تي ۽ ذاتي اثر رسوخ سان حل ڪيا وڃن، سندن پاليسي ۾ اسڪول يا ڪاليج جو انتظام درست ڪرڻ لاءِ استادن جو تعاون حاصل ڪرڻ ۽ هر جائز ۽ ممڪن طريقي سان ماتحت استادن کي اعتماد ۾ وٺي هدايتون جاري ڪرڻ شامل هو، هن تعليم جي ڊائريڪٽر جي حيثيت ۾ پنهنجي دفتر جو دروازو هميشه کليل رکيو. هو استادن ۽ شاگردن ۾ گهائل مائل ٿيڻ جي ڪوشش ڪندا هئا، استادن جي باهمي تعلقات کي وڏي اهميت ڏيندا هئا ۽ سندن ڪوشش رهندي هئي ته استادن جو پاڻ ۾ ميل ميلاپ، محبت ۽ مفاهمت قائم هجي، ڊاڪٽر حبيب الله صديقي بابت آئون ذاتي طرح اهو به لکڻ ضروري سجهان ٿو ته سال 1970ع ۾ مون ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو هو ته ان وقت اسان جي گهر جي مالي حالت ڪمزور هئي، وڏي ڀاءُ کي روينيو کاتي ۾ ملازمت ملي چڪي هئي، سنڌ ٽيڪسٽ بورڊ ۾ نوڪري وٺي ڏيڻ لاءِ چاچا مرحوم کي عرض ڪيو هئم، (ان زماني ۾ غريب نواز آفيسرن جي هجڻ ڪري ضرورتمندن کي به روزگار ملندو هو) چاچا مرحوم مون کي چيو ته تنهنجي عمر تمام گهٽ آهي، تنهنڪري ڪاليج ۾ داخلا وٺ ۽ اهڙي طرح پنهنجي وڏي پٽ (حاجي ڪريم بخش) سان گڏ منهنجي به داخلا ڪرايائين، داخلا وٺڻ، هاسٽل ۾ رهڻ ۽ ٻين لوازمات ۾ منهنجي مدد ڪيائين، جيڪا منهنجي مائٽن کي به شايد خبر ڪونهي، PIDC ڪوئيٽا ۾ ملازمت ملي، ڪجهه سالن ۾ نوڪريءَ جو تجربو حاصل ٿيو، ان دوران مهراڻ يونيورسٽي ۾ مختلف آسامين جو اشتهار نظر مان گذريو ته ڊاڪٽر حبيب الله سان فون تي مشورو ڪيم، جنهن مون کي اُتساهه ڏنو ۽ مڪمل Counseling ڪئي، ان پٽاندڙ منهنجي سليڪشن ٿي وئي ۽ آئون يونيورسٽيءَ مان 30 سالن جي نوڪري مڪمل ڪري، سينئر عهدي تان رٽائرڊ ٿيس. ڊاڪٽر حبيب الله جو منهنجي بابا مرحوم سان سئوٽ جي رشتي هجڻ ڪري اسان وٽ هفتي ۾ ٻه ٽي دفعا ڄامشورو کان حسين آباد اچڻ ٿيندو هو ۽ پوءِ هو ٻئي ڄڻا گڏجي شهر ۾ پنهنجن ڪتابن جا پروف ڏيڻ ۽ وٺڻ، دوستن سان ملاقاتون سندن معمول ۾ شامل هونديون هيون، راند روند ۾ اڳڀرا، چرچي ۽ کل ڀوڳ ۾ ڪمال جو فن رکندڙ ۽ سير و تفريح سندن شغل ۾ شامل هئا، بيورو آف ڪريڪيوليم جي ڊائريڪٽر هجڻ واري دور ۾ سندن ڪنهن اداري ۾ دعوت جو اهتمام ٿيل هو، بابا مرحوم کي به تيار رهڻ جو چيائين، ٿوري دير ۾ وين ۾ اچي پهتا، ساڻن گڏ محمد ابراهيم جويو، عبدالغفار صديقي، ماجد صديقي جو والد مرحوم فخرالدين، پروفيسر عبدالواحد صديقي، سندن سئوٽ مرحوم گلزار صديقي ۽ سندن ذاتي ملازم مرحوم محمد يوسف هئا، دعوت کان واپسيءَ تي مصري فقير جي درگاهه تي وسرام ڪيائون ۽ فقيرن سان ڪچهري ڪري رات جو دير سان پنهنجي ماڳ تي پهتا، سير و تفريح ۽ سرڪاري ڊيوٽي جي مامري ۾ لاڙڪاڻي جي ٻهراڙي کان رات جو دير سان واپسي ڪري رهيا هئا، ته رستي ۾ ڌاڙيلن سندن سرڪاري جيپ (گاڏي) روڪي ورتي هئي، هن فقير منش انسان صرف کين مسڪرائي ڏٺو ۽ چيو ته جيڪا اوهان جي مرضي، واپسيءَ ۾ ڌاڙيلن کيس اهو چيو ته آئنده ديده دليريءَ سان رات جو سفر نه ڪجان، هينئر تنهنجا پِير زور آهن، تنهنڪري ڇڏيون ٿا، لاڙڪاڻي ۾ پاڻ DEO جي عهدي تي فائز رهيا، هڪ ڏينهن منهنجو وٽن لاڙڪاڻي وڃڻ ٿيو، سرڪاري گهر جي ٻاهران ننڍڙي اوطاق ٺهيل هئي، جيڪا استادن ۽ ساڻن ملڻ وارن ماڻهن سان متل هئي، مهمان نوازي ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هئا، چانهه پڪوڙن سان خاطر تواضع ۽ ماني جي وقت جيڪو حال حبيبان سو پيش پريان، اهڙي طرح سندس حياتيءَ جي آخري وقت تائين ڄامشورو سنڌ يونيورسٽي سوسائٽي واري سندس گهر ۾ هميشه مهمانداري هلندي رهندي هئي، خاص طرح هر عيد تي مٽ مائٽ اچي گڏ ٿيندا هئا ۽ گڏجي ماني کائيندا هئا، منهنجي والد مرحوم کي پنهنجي زندگيءَ جي يادگيرين کي سموئڻ ۽ ان کي ڪتابي شڪل ۾ آڻڻ جي آس هئي، جيڪا سندن جي وفات ڪري پوري نه ٿي سگهي، ان جو ذڪر مون جڏهن چاچا حبيب الله سان ڪيو ته مون کي بابا مرحوم جو سمورو مواد ڏيڻ لاءِ حڪم ڪيائين ۽ ان مواد کي ”ڪڙيون مٺيون ڳالهيون“ ڪتاب جي نالي سان شايع ڪرايائين، چاچا مرحوم جو صديقي، مخدوم خاندان جي ۽ هند ۽ سنڌ جي جَيدَ عالم مخدوم حاجي حسن الله جي تاريخي مُهر جيڪا سالن کان گم هئي کي هٿ ڪري سنڌي ادبي بورڊ جي ٽماهي ”مهراڻ“ ۾ ان جو عڪس نمايان طور ٽائيٽل جي زينت بنايائين، ڳالهه صرف اتي ئي ختم ڪانه ٿي ٿئي ته صديقي مخدوم خاندان جو شجرو اوائل کان موجوده وقت تائين تيار ڪري منظر عام تي آندائين، ان پروجيڪٽ ۾ محترم عبداللطيف صديقي سابق ڊائريڪٽر بيورو آف ڪريڪيوليم سندن معاونت ڪئي ۽ ڪمپيوٽرائزڊ ڪرائڻ ۾ مدد ڪئي، مرحوم مخدوم محمد امين ”فهيم“ صديقي شجرو مڪمل ٿيڻ تي صديقي مخدوم خاندان تي احسان ۽ ٿورا مڃيا، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ان پروجيڪٽ تي تحريري مواد نمايان طور شايع ٿيڻ کپي، سنڌي ادبي بورڊ کي ان طرف توجهه ڏيڻ گهرجي، 1957ع ۾ آمريڪا جي نارٿ ڪئرولينا يونيورسٽي جو پروفيسر ڊاڪٽر جان هونگمن فلبرائيٽ ريسرچ (اينٿراپالاجي) ڳوٺ پاٽ ضلع دادو جو مطالعو ڪرڻ لاءِ آيل هو، دادو ضلعي جي انتظاميه ڊاڪٽر حبيب الله صديقي (جو ان وقت اسلاميه هاءِ اسڪول پاٽ جو هيڊماستر هو) کي ڊاڪٽر جان هونگمن جي رهنمائي ۽ ميزباني لاءِ مقرر ڪيو هو، اٽڪل ڏيڍ مهيني جي ڪيل ريسرچ ”مغربي پاڪستان جي هڪ نامور ڳوٺ ۾ تعليم ۽ تربيت“ جي موضوع تي ڊاڪٽر جان کي ڳوٺ پاٽ ۾ رهڻو پيو. سنڌ جي مهمان نوازي ۽ محبت جي روايت کي قائم رکندي ڊاڪٽر جان، مسز جان، سندس پٽ ۽ ڌيءَ باوقار انداز ۾ خاطر تواضع ڪئي، ڊاڪٽر جان کي سنڌ جي ٿاڌل سان به دل وندرائي وئي، هڪ دفعي ساروڻين کي بيان ڪندي چاچا ٻڌايو هو ته ادا مشتاق (منهنجو والد) ڊاڪٽر جان کي ٿاڌل ۾ سائي ڀنگ گهوٽي پياري ڇڏي، جنهن سان ڊاڪٽر جان کي نشا چڙهي ويا ۽ هو صفا ٽُن ٿي ويو، شام کان ورندي ٻئي ڏهاڙي صبح تائين ڊاڪٽر جان ننڊ پئجي ويو هو، ٻئي ڏينهن شام ٿيڻ تي وري ڊاڪٽر جان هونگمن ڀنگ پيئڻ جو ارادو ڏيکاريو، مگر سنگت جي صلاح سان کيس ان عادت کان پري رکيو ويو، چاچا حبيب الله نوڪريءَ تان رٽائر ٿيڻ کانپوءِ زياده تر وقت پنهنجي ذاتي لائبريريءَ ۾ گذاريندو هو، جيڪا سندس گهر ۾ ٽين منزل تي واقع آهي، هڪ ڀيري ڏاڍي دلچسپ ڳالهه ٻڌايائين ته لائبريري جي ٻاهران ڪانو پکين اچي شور ڪيو، تنهنڪري ٻاهر نڪري ڏٺم هڪ ڪانوَ اڱڻ ۾ مئل حالت پيو آهي، جنهن کي ڪانوَن ڏسي ڪان ڪان شروع ڪئي هئي، تنهنڪري ڇا ڪيم جو ان مئل ڪانوَ کي ٽنگن مان جهلي شور ڪندڙ ڪانوَن کي مُئل ڪانو ڏيکاريندي چيم ته اوهين اجايو پيا شور و غل ڪيو، هي ته مري چڪو آهي، منهنجي ان چوڻ تي سڀ ڪانو واپس هليا ويا، ان ڳالهه مان ڊاڪٽر حبيب الله جي معصوم طبيعت ۽ سادگيءَ جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو، درويش صفت جو عنصر کين پنهنجن بزرگن کان وراثت ۾ مليو، جيڪي الله لوڪ فقير هئا ۽ انهن جون بيشمار ڪرامتون هن مضمون ۾ بيان ڪرڻ مشڪل آهن، هڪ دفعي عيد ڏهاڙي اسان سڀ مائٽ سندس ڄامشوري واري گهر ۾ موجود هئاسين، جتي ڪچهريءَ جو سمان هو، پاڻ چيائين ته اڄ هڪ درويش عيد ملڻ آيو ۽ ڏاڍي دلڪش ڳالهه ڪيائين ته اَبا، رب سائين اسان جون ڊيوٽيون مقرر ڪري ڇڏيون آهن، هر انسان پنهنجي ڊيوٽي سان لڳو پيو آهي، ڊاڪٽر صاحب اهو ٻڌائيندي اسان سڀني سان مخاطب ٿيو ته درويش جي ڳالهه ۾ وڏو فلسفو آهي، اسان کي ٿورو غور ڪرڻ جي ضرورت آهي، ڊاڪٽر حبيب الله صديقي جا وڏا اصل ۾ مخدوم سڏائيندا هئا، جن جي سموري ڄمار خادم هجڻ ۾ گذري هئي، سندن بزرگن جي ”درگاهه فضل الاهي“ جيڪا ڳوٺ پاٽ ۾ اڄ به قائم ۽ دائم آهي، تنهن ۾ طالبن کي قرآن پاڪ ناظره ۽ حفظ ڪرائڻ، ديني تعليم، جنازه نماز ۽ ميتن جي تدفين جا فرائض شامل آهن.

ڊاڪٽر صاحب کائڻ پيئڻ ۾ به تمام سادا هئا، 70 جي ڏهاڪي ۾ اسان سيتاروڊ ۾ رهندا هئاسين، اسان جي گهر ٻاهران بالادي ذات جو هڪ ڪراڙو شخص اوجهري رڌي کپائيندو هو ۽ گهڻو ڪري مزدور طبقو ان کان اوجهري جي پليٽ وٺي پنهنجي بُک پوري ڪندو هو، اسان وٽ جڏهن به ڊاڪٽر صاحب ايندو هو ته اوجهري واري کان اوجهري جي پليٽ گهرائي شوق سان کائيندو هو، جيڪا روايتي طرح جست جي ننڍڙي ٿالهي ۾ هٿ جي ڪُٽيل ڳاڙهن مرچن جي ٻُرڪي سان ملندي هئي، رب سائينءَ کان ڊاڪٽر حبيب الله صديقي جي مغفرت لاءِ هميشه دعا آهي. (ثم آمين).

***