رياست ناڪام ٿي وئي آهي يا سياست ناڪام ٿي وئي آهي، يا عام زمري ۾ ڳالھ ڪريون ته ماڻهن جا ٽولا ٽولا ٿي ويا آهن، سياست ۾ واضح تفرقي بازي ٿي پئي آهي، ڪي پي ڪي جتي طالبان جي چنبي آهي اتي ٻيون پارٽيون به ووٽ ورهائين ٿيون جن ۾ مولانا فضل الرحمان ۽ اي اين پي به، پر عمران خان جي سياست ۾ اچڻ کانپوءِ سڀ کان وڌيڪ سياسي مالڪي ڪي پي ڪي وارن ڪئي آهي، جيڪي سمجهن ٿا ته پي ٽي آءِ انهن جي پارٽي آهي باقي ملڪ جي ڪنهن به ٻئي پاسي کان هڪ ماڻهو به انهن سياسي ڏڦيڙن ۾ حصو نٿو وٺي، عمران خان پاڻ به جڏهن اپريل 2022 ۾ وزيراعظم هائوس مان ٽپڙ ويڙهي ويو هو يا جڏهن آرمي جا نمائندا هن کي ڌڪي وزيراعظم هائوس مان ڪڍڻ آيا هئا اهو شايد رمضان جو مهينو ئي هو جي سموري رات ان ضد بحث ۾ گذري وئي هئي ته عمران خان نڪرندو يا ڪڍيو ويندو ان ڪري جو هن دلدلائپ ٺپ ٿي وئي هئي ۽ ڪير به هن جي پاسي ٿي نه بيٺو ته هن جي خلاف جڏهن عدم اعتماد جي تحريڪ اچي وئي ته معنيٰ هن جا ٽپڙ گول هئا، پر ان کانپوءِ هن ڪڏهن به سواءِ ڪي پي ڪي جي ڪنهن به صوبي ۾ اچي پاڻ کي بي ڏوهي ثابت ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪئي يا سواءِ ڪي پي ڪي مان ٻئي ڪنهن به صوبي مان هن جي آزاديءَ جون تحريڪون نٿيون هلن، اها ٻي ڳالھ آهي ته هن کي سموري ملڪ مان گهڻي ۾ گهڻا ووٽ پيا جي انهن ووٽن جي سموري ڳڻپ تي رکيل هجي ها ته هي وزيراعظم ٿي به وڃي ها ان ڪري ته هن جي پارٽي کي گهڻو ووٽ پيو ۽ اهو ٻيو بحث ٿي ويندو ته هن جا ماڻهو اسيمبليءَ ۾ اچي نه سگهيا.
8 فيبروري 2024 جي اليڪشن توڙي جو ڪوڙ بدوڙ ۽ 45 ۽ 47 فارمن جي ڦير ڦار جو نتيجو هو، پر ڪوبه ان جي خلاف اٿي کڙو نه ٿيو، ماضيءَ ۾ ائين به هو ته وزيرن جي استدعا ڪورٽ ٻڌندي هئي، ڪورٽ ڳڻپ به ڪرائيندي هئي ۽ وري ڳڻپ ۾ کٽيل هارائي ۽ هارايل کٽي ويندا هئا، پر هن دفعي ڪاغذ ئي گم ٿي ويا ۽ ڪنهن کي کڙڪ ئي نه پئي ته ٿي ڇا ويو ۽ ڇا ٿيندو ان ڪري ته مالڪن جي مرضي ناهي ته ڪير به ڪرسيءَ تي نٿو ويهي سگهي ۽ مالڪن جي مرضي آهي ته جيل مان به ڪرسي تي ويهي ٿا وڃن. مثال طور: نواز شريف سميت شهباز شريف، حمزا شهباز، مريم نواز، حسن نواز ۽ حسين نواز به ڪيسن ۾ ڦاٿل هئا پر رياست چاهيو ته اهي مکڻ مان وار وانگي نڪري ويا ۽ خبر ئي نه پئي ته اهي ڪڏهن گنھگار به هئا ۽ هاڻي بي گناھ به ٿي ويا ۽ اڇي ڪاري جا مالڪ به، پر قانون ۽ آئين جي بالادستي ناهي، ڪير به آئين ۽ قانون تحت نٿو هلي ۽ جيڪو به ڪرسي تي ويٺل آهي اهو ئي بي گناھ آهي باقي جيڪي ويچارا ڪرسي تان لهي ٿا وڃن اهي گنهگار آهن ۽ سڀ گناھ انهن جي ڳچي ۾ پئجي ٿا وڃن ان ڪري ته انهن جي ڳچي سنهڙي آهي ۽ هر ڦاهي جو رسو انهن جي ڳچي ۾ پئجي ٿو وڃي، ان رياستي قانون ۽ آئين جي جيڪڏهن بالادستي هجي ته مسئلا ئي حل ٿي وڃن ۽ ڪير ڪنهن جو نالو نه وٺي، سڀ رياستي قانون ۽ آئين کان ڊڄن انهن کي اهو به ڊپ هجي ته جيل جي ڪال ڪوٺڙي جو دروازو وري ڦاهي جي ڦندي تي کلي ٿو ان ڪري جيل مان واپسي ممڪن ناهي.
بنگلاديش ۾ به شيخ حسينه واجد پنهنجا آرمي چيف، پنهنجا چيف جسٽس، پنهنجا صدر رکي ويٺي هئي ۽ ايتري ته طاقتور هئي جو ٻين ملڪن جا ماڻهو اهو سمجهندا هئا ته هي تاحيات بنگلاديش ۾ وزيراعظم رهندي، پر تشدد تحريڪون حڪومت جا تختا اونڌا ڪري ٿيون ڇڏين ۽ پوءِ وزيراعظم ڳولهيو نٿو لڀي، ان ڪري ته بنگلاديشي شاگردن جي تحريڪن ڪم ڪري ڏيکاريو جيڪو اسان جون قومون يا سياسي اڳواڻ نٿا ڪري سگهن، موازنو ناهي پر ڳالھ اها به آهي ته اتي جي سياست ۽ هتي جي سياسي سچائي ۾ ڏينهن رات جو فرق آهي، اهي سڀ پنهنجي قوم سان سچا ۽ کرا آهن انهن جي مٿان ڪرپشن جا الزام ناهن، ڪنهن به بنگالي وزير کي ڪورٽون يا نيب ڪنهن به صورت ڪرپشن جي الزام ۾ گهلي نٿي ۽ ڪير به ان صورت جيلن ۾ ناهي، پر اسان وٽ اخلاقي ۽ غير اخلاقي جواز، ڪرپشن، مني لانڊرنگ، فارين فنڊنگ جي ڪيسن ۾ وزير ڦاسي ٿا پون، انهن کي جڏهن ڪرسي ٿي ملي ته انهن جو مٿو ڦري ٿو وڃي، اهي سمجهن ٿا عسڪري ادارن جا آشير واد، عدالتن جا لفٽ، وزيرن جي ٽيڪ ۽ ايوان ۽ اسيمبليون انهن جي هٿ ۽ چپٽيءَ جو کيل آهن، اهي جيئن چاهين تيئن ڪري سگهن ٿا، پر ملڪ جي ڀلي لاءِ ڪجھ نٿا ڪري سگهن، انهن جي هٿ ۾ اهو ضرور هوندو آهي ته اهي جڏهن ڪرسي تي ويهن ٿا ته وڏي ٺاٺ سان وقت ڪڍي ٿا وڃن پر جڏهن نڪرن ٿا ته انهن جي وزيراعظم هائوس جي دري جيل ۾ ٿي کلي جو ”کوئي يار سي نکلي تو سوئي دار چلي“.
عمران خان شروع کان ئي اصولن جي سياست ڪري ها ته عوام هن سان گڏ هو، پر هتي مصيبت اها ئي آهي سواءِ عسڪري آشير واد جي ڪو لفٽ نٿو ڪرائي، سياست عوامي هجي پر سياست عوام جي ڪلهن تي چڙهي ڪرسي تي نٿو پڄي، ڪنهن کي به عوامي طاقت ڪرسي تي نٿي پڄائي، ڪوبه عوام کي طاقت جو سرچشمو هاڻي نٿو سمجهي ۽ ٽياڪڙي جي صورت جيڪڏهن ٻاهريون طاقتون لوڪل سياست جي ڳچي پڪڙي بيهن ته پوءِ اها ٻي ڳالھ چئبي جو اهي لوڪل سياسي قوتون ٻاهرين ملڪن جي ايجنسين کان ڊڄن ٿيون اهي هڪ فون ڪال ۽ خط جو محتاج آهي يا انهن جي وس کان ٻاهر ٿي ٿو وڃي جو اهو ڪو جواب ڏئي سگهن ته هاڻي اهي ڪنڌ ڪڍرائي سگهن ٿيون يا کتو جواب ڏئي ويهي رهن ان ڪري سياسي راند جي ڳالھ ٻي ٿي وڃي ۽ بيروني قوتن جي ٽياڪڙي ڳالھ ٺاري ٿي وڃي ۽ ڪو لوڪل ادارو انهن جي سامهون نهڪر نٿو ڪري سگهي. عمران خان تي توڙي جو اسرائيلي ايجسنين جا لهه وچڙ جا الزام آهن، عمران خان ڪڏهن آمريڪا کان مدد طلب ٿو ڪري ته ڪڏهن غير مسلم صيهوني قوتون هن جو آوز بڻجن ٿيون، هن جي مٿان اهي به الزام آهن ته فارين فنڊنگ ۾ هن کي جيڪي به پئسا مليا اهي غير مسلم قوتن جي هٿان هن وٽ آيا جنهن ۾ هن پارٽي جا خرچ هلايا، پر جڏهن حڪومت آيس ته پاڻ سنڀالي نه سگهيو، نه ڪرپشن مان ملڪ کي آجو ڪري سگهيو نه پاڻ پنهنجي ڪيسن مان آجو ٿي سگهيو، پر هن جي ڀيٽ ۾ نون ليگ جا سمورا وزير ۽ ڪبير ڪيسن مان آجا ٿي ويندا ان ڪري وهندڙ گنگا مان سڀ هٿ ڌوئي ٿا وٺن ۽ هي به پنهنجي دور ۾ اهو ڪجھ ڪري ها جو هاڻي کيس ڪم اچي ها.
9 مئي جي واقعن مان ته جان نٿا ڇڏائي سگهن، پر افسوس ان ڳالھ جو ضرور آهي ته هن ملڪ ۾ پڙهيل لکيل سياستدان به پرتشدد سياست جي سهاري سياست ٿا ڪن، اهي سمجهن ٿا هن ڀيري جي بسيون، ڪارون، موٽرسائيڪلون ۽ وري عسڪري ادارن ۾ گهڙي انهن جي شهيدن جي تذليل ڪبي ته رياست ڊڄي ويندي ۽ پاڻ پيرن تي ڪري چوندي ته “آقا ڏسيو هاڻي ڇا ڪيون“ پر اداراتي پنهچ ۽ آشير واد ڪم جا به هجن ٿا، پر ان کان وڌيڪ ايمانداري جي قيمت آهي جيڪا وڏي عمر ٿي رکي جنهن ۾ پائيداري آهي، سياسي ايمانداري توڙي جو هن ملڪ ۾ اڻ لڀ آهي، پر ان ايمانداري تي هلي سياست کي پائيدار ڪري سگهجي ٿو ۽ پرتشدد سياست کان پاسو ڪجي جنهن ۾ ڪجھ هڙ حاصل ناهي، توڙي جو بنگلاديش جو مثال وري ورجايون، پر انهن جي هٿ ۾ جيڪا ايجنڊا هئي سا جائز هئي، ان جي ڀيٽ ۾ پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن جي هٿ ۾ جيڪا ايجنڊا آهي اها ڪم جي ناهي، ۽ زور زبردستي واري ڳالھ جي ڪن ٿا ته عمران خان کي آزاد ڪريو، ڀلا رياست جي مجبور ٿي به پئي ته پوءِ اڳتي جو رستو ته وري به سياست آهي ۽ ائين قطعي ناهي ته سڀاڻي تي جيڪڏهن عمران خان آزاد ٿي ويو ته ٻئي ڏينهن تي اليڪشن ٿي پوندي ۽ ٽئين ڏينهن عمران خان وزيراعظم هوندو، پر ڊگهو حل سلسلو ۽ پراسيس آهي ان پٽاندر سياستدان جي حلن ته خلق جي لاءِ به آسانيون پيدا ڪري سگهن ٿا ۽ ملڪ ۾ ڪا به ڏڦيڙ واري سياست ممڪن نه هوندي، ان ڪري سياست پائيداري واري ڪجي ۽ ڳالھ اها به آهي ته عمران خان کي ٻن طريقن جي سياست ڪرڻ ايندي آهي يا ته هي ڪرسي تي هجي يا روڊن تي هجي جنهن ۾ ڪنٽينر هجن ۽ هي سول نافرماني ڪري، حالانڪه هن شخص کي اهو به موقعو هو ته هي مخالفت ۾ رهي پنهنجي سياست چمڪائي وڃي ها ۽ ماڻهو جڏهن ڏسن ها ته تخت تي ويٺل وزيراعظم ۾ دم ناهي ته هي پنهنجو ڪم ڪڍي وڃي ها ۽ خلق سموري هن جي پويان هجي ها ۽ هن جي ڀلي ڀلي هجي، ان ڪري هن ملڪ ۾ تشدد جي سياست کان پاسو ڪري ايوان جي سياست ڪجي ۽ خلق جو ڀلو ڪجي.