رياست ناڪام ٿي وئي آهي يا سياست ناڪام ٿي وئي آهي، يا عام زمري ۾ ڳالھ ڪريون ته ماڻهن جا ٽولا ٽولا ٿي ويا آهن، سياست ۾ واضح تفرقي بازي ٿي پئي آهي، ڪي پي ڪي جتي طالبان جي چنبي آهي اتي ٻيون پارٽيون به ووٽ ورهائين ٿيون جن ۾ مولانا فضل الرحمان ۽ اي اين پي به، پر عمران خان جي سياست ۾ اچڻ کانپوءِ سڀ کان وڌيڪ سياسي مالڪي ڪي پي ڪي وارن ڪئي آهي، جيڪي سمجهن ٿا ته پي ٽي آءِ انهن جي پارٽي آهي باقي ملڪ جي ڪنهن به ٻئي پاسي کان هڪ ماڻهو به انهن سياسي ڏڦيڙن ۾ حصو نٿو وٺي، عمران خان پاڻ به جڏهن اپريل 2022 ۾ وزيراعظم هائوس مان ٽپڙ ويڙهي ويو هو يا جڏهن آرمي جا نمائندا هن کي ڌڪي وزيراعظم هائوس مان ڪڍڻ آيا هئا اهو شايد رمضان جو مهينو ئي هو جي سموري رات ان ضد بحث ۾ گذري وئي هئي ته عمران خان نڪرندو يا ڪڍيو ويندو ان ڪري جو هن دلدلائپ ٺپ ٿي وئي هئي ۽ ڪير به هن جي پاسي ٿي نه بيٺو ته هن جي خلاف جڏهن عدم اعتماد جي تحريڪ اچي وئي ته معنيٰ هن جا ٽپڙ گول هئا، پر ان کانپوءِ هن ڪڏهن به سواءِ ڪي پي ڪي جي ڪنهن به صوبي ۾ اچي پاڻ کي بي ڏوهي ثابت ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪئي يا سواءِ ڪي پي ڪي مان ٻئي ڪنهن به صوبي مان هن جي آزاديءَ جون تحريڪون نٿيون هلن، اها ٻي ڳالھ آهي ته هن کي سموري ملڪ مان گهڻي ۾ گهڻا ووٽ پيا جي انهن ووٽن جي سموري ڳڻپ تي رکيل هجي ها ته هي وزيراعظم ٿي به وڃي ها ان ڪري ته هن جي پارٽي کي گهڻو ووٽ پيو ۽ اهو ٻيو بحث ٿي ويندو ته هن جا ماڻهو اسيمبليءَ ۾ اچي نه سگهيا.