نارنگي کائڻ جا فائدا

نارنگي جنهن ۾ قيمتي جزا ۽ شفا جو خزانو لڪل آهي هي اهو فروٽ آهي جيڪو جسم ۾ مختلف بيمارين خلاف قوت مدافعت کي وڌائي ٿو. ماهرن جي مسلسل پندرهن سالن تائين 28 هزار ماڻهن جي جائزي وٺڻ کانپوءِ خبر پئي آهي ته هي فروٽ دماغي قوت ۽ صحت لاءِ تمام بهترين آهي. جيڪڏهن ڪو شخص روزانو نارنگي جو رس هڪ گلاس پيئي ٿو ته ان جو حافظو بهتر ٿيندو. هن ۾ اينٽي ڪينسر ايجنٽ به موجود آهي. نارنگي جو رس پيئڻ سان فالج جو خطرو گهٽجي وڃي ٿو. سٺي ڳالهه اها آهي ته نارنگي جو رس پيئڻ سان دل جي مرض ٿيڻ جو خطرو به ٽري وڃي ٿو دل جون شريانيون سوڙهيون ٿيڻ کان بچائي ٿو. نارنگي جي رس ۾ تمام اهم ڪيميڪل ۽ فليوونائيڊ موجود هجڻ جي ڪري هي رت جي گهاٽي ٿيڻ جي شرح کي گهٽ ڪري ٿو ۽ ان طرح فالج جي خطري کان بچائي ٿو.
