جديد دور جي هنگامي دور ۾ جهڙي ريت هر شيءِ جو نقطهءِ نظر بدلجي ويو آهي، بلڪل ساڳي ريت اڄ طاقت” ۽ “امن“ جي هر ڪنهن وٽ الڳ الڳ قسم جي سمجهاڻي (ارٿ) آهي. هر شخص/ملڪ انهن ٻنهي جي پنهنجي حساب سان تشريح ڪري ٿو. فرض ڪيو جيڪڏهن هڪ “مستند” تعريف آهي، انهن ٻنهي جي ۽ هرهنڌ ان جي تشريح ۽ تعريف مسلم آهن ته پوءِ ڇو هڪ ملڪ وٽ طاقت آهي ته هو ٻئي کي طاقتور ٿيڻ ڇو نٿو ڏئي؟ جيڪڏهن مڃي وٺون ته انهن ٻنهي “امن” ۽ “طاقت” جي تعريف هر ڪنهن جي ويجهو الڳ الڳ آهي ته هتي به اهائي ڳالھه اچي ٿي ته جيڪڏهن هو امن ۽ طاقت جي تعريف پنهنجي حساب سان ڪري رهيو آهي ته ٻين کي ان جي سمجهاڻي ۽ تشريح ڪرڻ ڇو نٿو ڏئي؟ انهن ڳالهين کي ڏسي ڪري جيڪڏهن اسان موجوده عالمي سياست تي ڳوڙهي نظر وجهون ته جن جن ملڪن وٽ جوهري هٿيار آهن، انهن هٿيارن کي رکڻ جا سبب “امن قائم رکڻ” يا “پنهنجي حفاظت ۽ دفاع ڪرڻ” ٻڌايئن ٿا. جيڪڏهن اهي ئي سبب آهن ته پوءِ ڇو ٻين ملڪن کي ان جي اجازت نٿا ڏين؟ ان ڳالھه کي سمجهڻ جي لاءِ ڪجهه سوال رکيا آهن، شايد ڪجهه سمجهه ۾ اچي وڃي.
سوال: جوهري هٿيار رکڻ وارو ملڪ ٻئي ملڪ کي جوهري طاقت حاصل ڪرڻ ڇو نٿو ڏئي؟
جواب: جوهري هٿيار رکڻ وارو هڪ ملڪ ٻئي ملڪ کي ڪجهه سببن جي بنياد تي جوهري طاقت بنجڻ کان روڪي ٿو.
طاقت جو توازن:
هڪ نيو ڪليئر پاور رکڻ وارو ملڪ ڪڏهن به نه چاهيندو ته ان جو مخالف به نيو ڪليئر پاور وارو بڻجي وڃي، ڇو ته جيڪڏهن مخالف جوهري هٿيار ٺاهي ٿو ۽ جوهري طاقت حاصل ڪري وٺي ٿو ته علائقي ۾ طاقت جو توازن بدلجي ويندو. هڪ ملڪ نيو ڪليئر پاور حاصل ئي ان لاءِ ڪري ٿو ته جيئن ٻئي تي داٻو قائم رکي سگهي ته انهيءَ سبب کان مخالف ملڪ نيو ڪليئر پاور حاصل ڪرڻ جي صورت ۾ پهريون ملڪ پنهنجو اثر وڃائي ويهي ٿو. ان ڪري هو ٻئي کي امن جو سبق ڏئي ٿو ته جيئن هو پنهنجو ٻٽو معيار برقرار رکي سگهي.
ڌمڪي يا خطرو:
جيڪڏهن دشمن ملڪ نيو ڪليئر پاور حاصل ڪري وٺي ٿو ته هو پهرين ملڪ جي لاءِ هڪ مستقل خطرو بڻجي سگهي ٿو. ڇاڪاڻ ته ٻئي هڪ ٻئي کي تباهه رکڻ جي صلاحيت رکن ٿا، اڳ واري ملڪ جي لاءِ دشمن ملڪ هڪ ڌمڪي به آهي ۽ خطرو به. انهيءَ سبب ڪري نيو ڪليئر طاقت حاصل ڪرڻ وارو ملڪ اهو ڪڏهن به برداشت نٿو ڪري سگهي ته سندس مخالف يا دشمن ملڪ به نيو ڪليئر طاقت حاصل ڪري وڃي.
پکيڙ کي روڪڻ:
نان پروليفريشن ٽريٽي (NPT) جو مقصد اهو آهي ته جيڪي ملڪ “اڳ کان نيو ڪليئر هٿيار رکن ٿا انهن کي اهڙن هٿيارن جي پکيڙ کان روڪيو وڃي ۽ جن وٽ ناهن انهن کي اها مهارت حاصل ڪرڻ کان روڪيو وڃي. ان مان اهو پتو پوي ٿو ته نيو ڪليئر طاقت صرف دفاع جو وسيلو ناهي، بلڪه سياسي، معاشي ۽ عالمي طاقت جي توازن حاصل ڪرڻ جو وسيلو پڻ آهي. اهوئي سبب آهي ته جن ملڪن وٽ نيو ڪليئر پاور آهي اهي ٻين کان لڪائين ٿا يا روڪڻ جي ڪوشش ڪن ٿا ته جيئن انهن جي بالادستي قائم رهي. جيڪڏهن اسان ان جي ٻين پاسن کي ڏسون يعني جيڪڏهن نيوڪليئر رکڻ وارو ملڪ پنهنجا اهي هٿيار ختم ڪري ڇڏي ته ان جا بهترين نتيجا نڪرندا. بجاءِ ان جي ته هو ڪوڙ، مڪاري ۽ منافقت سان “امن” جي ساراهه ڪندو رهي. نيو ڪليئر پاور ختم ڪرڻ جي صورت ۾ دنيا ۾ امن امان جا امڪان وڌندا ۽ ٻين ملڪن تي به دٻاءُ وڌندو، جنهن سبب اهي به خطرناڪ هٿيارن تان هٿ کڻندا. ان سان هٿيارن جي ڊوڙ ۾ گهٽتائي ايندي.
جيڪڏهن جنگيون ٿينديون به ته صرف فوجين جي وچ ۾ ٿينديون، جنهن سان “سويلين” ۽ “عوام” محفوظ رهندو. سڀ کان وڏي ڳالھه جيڪڏهن هٿيارن جي ڊوڙ ۾ گهٽتائي اچي وئي ته ان سان تعليم ۽ ترقي جا دروازا کلندا رهندا، پر انهن سڀني جي باوجود امن جا دعويدار مغربي ملڪ ۽ اسرائيل کليل منافقت جو مظهر آهن. انهن جي ويجهو امن جو ڍانچو ڪجهه هن ريت آهي ته Do as I say, not as I do، قول ڪجھه ۽ عمل ڪجھه. مغربي ملڪن ۾ خاص طور تي آمريڪا، برطانيه، فرانس ۽ هيڏانهن اسرائيل (جنهن وٽ ڳجها نيو ڪليئر هٿيار آهن). اهي سڀ دنيا کي امن، ضابطي، رواداري ۽ نيو ڪليئر هٿيارن جي پکيڙ کان روڪين ٿا ۽ هدايت به ڪن ٿا، پر اهي پاڻ ڇا ڪن ٿا؟ اهي پاڻ ته نيو ڪليئر هٿيار رکن ٿا، انهن کي جديد بڻائين ٿا ۽ پاڻ کي هر حساب سان محفوظ رکڻ جي لاءِ ٻين تي شڪ ڪن ٿا. اهو رويو کليل منافقت آهي اسرائيل امن جون ڳالهيون، مگر پاڻ اسرائيل دنيا جو اهو نيو ڪليئر پاور آهي جيڪو NPT جو ميمبر ناهي، پنهنجن هٿيارن جو اعتراف ئي نٿو ڪري، مگر ڳجهي نموني 80 کان وڌيڪ نيو ڪليئر وارپيڊ رکي ٿو (تجزيو ڪندڙن جي مطابق) پوءِ به آمريڪا ۽ يورپ ان تي پابندي نٿا هڻن. UN ان جي قدمن جي مخالفت نٿو ڪري، پر ان جي ڀيٽ ۾ اسرائيل UN جي مخالفت ڪري ٿو، UN ان جي اڳيان بيوس آهي ته اهو سڀ ڇا آهي؟ ڇا اهو انصاف آهي؟ ان کي کليل دوکيبازي چئبو آهي. هڪ کليل منافقت، ليڪن ٿيندو ائين آهي ته آمريڪا پنهنجي حڪومت جي ڪجهه سالن ۾ ايترا ظلم ڪيا آهن ته جن جو ڳاڻيٽو ممڪن ناهي. ايتري منافقت ۽ ٻٽي پاليسي جو ڏوهاري ٿيو آهي، پوءِ به امن جو علمبردار سڏرائي ٿو.
2009 کان 2017 تائين آمريڪا جي صدر اوباما جي دور ۾ ڪيتريون ئي سازشون، ظلمن جي انتها، جنگي ڪارروايون، ڊرون حملن جهڙا ڪيترائي مامرا ڪري انساني حقن جون خلاف ورزيون ڪيون ويون. صرف ان جي دور ۾ ٿيڻ وارن ڊرون حملن ۾ پاڪستان جا اٽڪل ٽن کان چار هزار ماڻهو ماريا ويا. يمن ۾ تباهي جا مينار اڀا ڪيا ويا، نيٽو سان گڏجي لبيا تي حملو ڪيو ويو، عراق کي تباهه ۽ برباد ڪيائون. پوءِ به ان انسانيت جي ازلي ويري کي نوبيل امن جو انعام ڏنو ويو. ڪيڏي نه شرم جهڙي ۽ بي نڪائي واري ڳالھه آهي. انهن سڀني ڳالهين کي ڏسي ڪري ائين ٿو لڳي ته اڄڪلھه وارا اهي انعام نه ته انسان جي قابليت يا ان جي ڪارڪردگي ڏسي نٿا ڏنا وڃن، بلڪه اهو هن ڳالھه تي دارومدار رکي ٿو ته هو پاڻ کي ”دجالي نظام“ جي لاءِ ڪيترو استعمال ٿيڻ ڏئي ٿو. يا پوءِ پنهنجي غيرت ۽ جوانمردي کي اسرائيل جي چمچاگيري ۾ ڪنهن حد تائين وڪڻي سگهي ٿو؟ اڄ اسان ڏسون ٿا ته اوباما هڪ امن جو نشانبر سمجهيو وڃي ٿو، پر حقيقت ۾ ان جي ابتڙ آهي. ان وحشي، درندي ۽ انسانيت ويري جي مرڪن جي پٺيان ڪيترن ٻارڙن ۽ مائرن جون رڙيون ڪيڪاٽ ۽ بد دعائون آهن. جيستائين منهنجي سوچ آهي ته لکين انسانن جي قاتلن جن ۾ ڪافي آمريڪي صدر شامل آهن ۽ گڏوگڏ هن وقت جي پاڳل آمريڪي صدر ٽرمپ ۽ سندس پڳ مٽ يار نيتن ياهو سان به ائين ٿيڻ گهرجي، جيئن آگستو پنوشي سان ٿيو، جنهن چلي ۾ انساني حقن جون سخت ڀڃڪڙيون ڪيون ۽ پوءِ سندس خلاف ڪيس هليو ۽ کيس صحت جي بنيادن تي گهر ۾ قيد ڪيو ويو. ڇاڪاڻ ته اهي سمورا وحشي لکين انسانن جا قاتل آهن، انهن شيطانن کي هن ڌرتي تي رھڻ جو به حق ناهي.