بلاگنئون

شاهه جو پارکو ڪهاڻيڪار شاعر ۽ اديب پروفيسر عبدالستار سومرو

سنڌ جي پڙهيل لکيل باشعور اديب شاهه لطيف جو پارکو. مثالي استاد پروفيسر عبدالستار سومرو المعروف “ڀائو” ڇنڇر 27 آگسٽ 2022 تي ساهه جي تڪليف سبب لاڙڪاڻي جي اسپتال ۾ هي فاني جهان ڇڏي وڃي، مالڪ حقيقي سان مليو.
ڪتاب، رسالن ۽ اخبارن جو ورهين کان مطالعو ڪندڙ “ڀائو” پنهنجو علم شاگردن کي ڏيڻ ۽ مطالعي ۽ مشاهدي سان لکيل ادب پڙهندڙن کي ڏيندو رهيو. هو دوستن جو پيارو دوست هو. نوجوانن لاءِ اتساهه هو. لطيفيات سندس من پسند موضوع هو. جنوري 2019 ۾ سندس ڪتاب ڇپجي مارڪيٽ ۾ آيو. “سمنڊ سيويو جن” جنهن جو مهاڳ نامياري اديب ڊاڪٽر احسان دانش لکيو آهي. جڏهن ته پروفيسر ستار سومرو هن ڪارائتي ڪتاب ۾ هيٺين اهم موضوعن تي پنهنجي دل ۽ دماغ سان عرق ريزي ڪئي آهي. سمنڊ سيويو جن شاهه ۽ عشق سُر ڪيڏاري جو انقلابي پهلو، شاهه لطيف وٽ سماجي اڏاوت جو عظيم تصور، شاهه لطيف جون سورميون ۽ اڄوڪو سماج، شاهه جي ڪلام ۾ وطن جي اڪير، شاهه جي ڪلام ۾ عورت جي عظمت، شاهه لطيف بحيثيت رهبر شاعر، شاهه جي شاعري ۾ خوبصورت تشبيهون، هن ڪتاب جي اهميت بابت پيڪاڪ جي پبلشر آفتاب ابڙو اداري پاران يڪا 5 صفحا لکيا آهن، جيڪا هڪ اهم ڳالهه آهي. 17 ابتدائي صفحا “حرف نه ڄاڻان هيڪڙو” جي عنوان سان صاحب ڪتاب ستار سومرو پاڻ لکيا آهن. ڊاڪٽر احسان دانش “جن کي عشق جي اُساٽ” جي عنوان سان 23 صفحن تي مهاڳ لکيو آهي، جنهن سان ثابت ٿيو ته هن ڪتاب ۾ مواد ڪيترو ته اهم آهي. هڪ ٽائيٽل تي عيسيٰ ميمڻ لکي ٿو ته “ستار سومرو پنهنجي ٻالڪ پڻي جي عمر کان وٺي جاکوڙي ڪردار رهيو آهي، هن پنهنجي شعور کي لطيف سائين جي فڪر جي سِراڻ تي پئي تکو ڪيو آهي، اهو ئي سبب آهي جو هن جي گفتگو ۾ توڙي تحرير ۾ لطيف جو فڪر جهلڪندي نظر ايندو آهي. ڀائو ستار لڳاتار لکندڙ ليکڪ ۽ اديب رهيو آهي. نصيرآباد جي ادبي سنگت مچائڻ ۾ سندس اهم ڪردار هو. هو سنڌي اخبارن ۽ رسالن جو خريدار هو. هر مهيني روح رهاڻ جون 20 ڪاپيون گهرائيندو هو. سندس رايا، تبصرا ۽ اڀياس مختلف موضوئن تي جيڪي روح رهاڻ ۾ ڇپيا تن مان هيٺيان منهنجي نظر مان گذريا آهن. سندس ٻولي پڪي پختي ۽ لکڻيون ڄاڻ جي اُها کاڻ آهن، جن ۾ ذڪر به آهي ته فڪر به.
روح رهاڻ جي نيوز ليٽر نمبر.6 ۾ سندس مضمون “ننڊ نه ڪجي ناکئا” منصور ٿلهي جي ڪتاب “ناو ۽ ناکئا” تي آهي. نيوز ليٽر.7 ۾ ڀائو ڪتاب جيون جو سفر تي اڀياس لکيو آهي، جيڪو منظور ڇڄڙو جي آتم ڪٿا جو آهي. نيوز ليٽر.8 ۾ ڀائوءَ تنوير عباسي جي لطيف شناسائي تي ڀرپور نموني لکيو آهي. نيوز ليٽر.9 ۾ ڪتاب “عجب رنگ ايوب جا” سگهڙ محمد ايوب واهو جي، لوڪ شاعري تي 7 صفحا لکي سندس فن ۽ فڪر کي ظاهر ڪيو آهي. نيوز ليٽر.11 ۾ شاعر، استاد، چترڪار، ڪمپيئر، جبار تاثير سومرو جي شخصيت ڏات ۽ ڏانءُ تي 5 صفحا ڄاڻ سان ڀريل لکيا آهن. روح رهاڻ نمبر.12 ۾ استاد ۽ اديب محمد صالح سومرو تي ٻه صفحا لکي سندس شاعري جا حوالا ڏنا اٿس، روح رهاڻ نمبر.13 ۾ مزاحيه ڪالم نگار محمد عرس ڀٽي تي ٻه صفحا لکيا اٿائين، روح رهاڻ نمبر. 14 ۾ ليکڪ استاد ۽ سوشل ورڪر بشير احمد نوناري کي لفظن سان ساراهيو اٿس، روح رهاڻ نمبر.15 ۾ اديب جاويد شيخ جي ڪهاڻين جي ڪتاب لا حاصل Love تي تبصرو شامل آهي.
ڀائو پروفيسر ستار ائين هر موضوع تي پنهنجي راءِ جو اظهار علمي، ادبي، فڪري ۽ فني بنيادن تي ڪندو هو، پر سندس قلبي قرار لطيف جي شاعري کي سمجهڻ ۽ سمجهائڻ هو. هڪ تدريسي استاد جي حيثيت ۾ هو ڪاليجي ڪڪن لاءِ قربائتو ۽ لاڀائتو هو ته نصيرآباد، باڊهه، ڏوڪري، قمبر، آريجا ۽ لاڙڪاڻي کان وٺي سڄي سنڌ جي نون توڙي پراڻن اديبن لاءِ هڪ مثالي اديب ۽ لطيف شناس به هو . ڊاڪٽر احسان دانش لکي ٿو ته هي ڪتاب “سمنڊ سيويو جن” جيڪو شاهه جي مجموعي فڪر ۽ فلسفي جو احاطو ڪرڻ جي سلسلي ۾ هڪ وک آهي ۽ جنهن ۾ ڀٽائي جي دور جي سياسي، سماجي، ثقافتي ۽ اقتصادي حالتن جا عڪس ۽ اهڃاڻ آهن. ڀائو بابت ڊاڪٽر آفتاب لکيو آهي ته “ستار سومري 2006ع ڌاري شاهه لطيف تحقيقي بورڊ جوڙيو، جنهن جي پليٽ فارم تان هن لطيفي فڪر بابت ڪيترائي مذاڪرا، سيمينار ۽ لطيفي رهاڻيون ڪرايون، جن جو شاگرد طبقي کي تمام گهڻو فائدو رسيو”. ستار سومرو پنهنجي ڪتاب “سمنڊ سيويو جن” جيڪو سندس امُلهه حياتي جو پهريون ڪتاب آهي، ۾ پاڻ بابت “حرف نه ڄاڻان هيڪڙو” جي عنوان سان 17 صفحا لکيا آهن، سي سندس حيات جاودان جي ڀرپور عڪاسي ڪن ٿا، جن ۾ درد ڪٿا کان شروعات ٿئي ٿي. دريا، ٻيڙي ۽ جدائي جو صدمو هو وساري نه سگهيو ۽ سندس سوانحي احوال المياتي ادب جو حصو هوندي. صبر، شڪر ۽ فڪر ڪندي هو اڳتي وڌندو رهيو ۽ شاهه لطيف جي سٽ سٽ کي ساهه سان سانڍيندو رهيو. سندس پاڻ بابت ڄاڻ سوانحي ادب جو خوبصورت حصو آهي. ستار سومرو نصيرآباد ۾ ڄائو، نپنو، پڙهيو ڪڙهيو. حيدرآباد جون هوائون هن جي حياتي جو انمول حصو آهن.
عابده پروين، سرمد سنڌي ۽ برڪت ڀٽ جي راڳ ۽ آلاپ جو شيدائي بڻيو. دل باغ و بهار ٿي ويندي هئي، جڏهن ٻڌندو هو سرمد سنڌي جي آواز ۾ “تنهنجي ياد جي وري آ وير، لڳي رهي آ ٿڌڙي هير” برڪت ڀٽ به هن جي برهه کي بهاري ڏيندو هو، جڏهن ڳائيندو هو “شام جو هي پهر نانءُ اسان جي ڪيو” ۽ جڏهن عابده پروين جي آواز ۾ امداد حسينيءَ جا هي ٻول ٻڌندو هو “مون جڏهن ڪو ڏيئو جلايو آ، زور ڪيڏو هوا لڳايو آهي” حيدرآباد مان ٽي سالا ميل نرسنگ ڪورس مڪل ڪرڻ بدران نصيرآباد موٽي ويو ۽ پوءِ خيرپور مان وڃي بي.ڪام پاس ڪيائين.
ڀٽائي جا بيت وک وک تي گڏ کڻندو ويو ۽ پنهنجي شاعري به ڪندو ويو. شاهه لطيف يونيورسٽي مان ايم.اي سنڌي فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشن ۾ کنيائين ۽ جلد ئي پوءِ نصيرآباد ڊگري ڪاليج عارضي طور ليڪچرار مقرر ٿيو. پوءِ ڪميشن جو امتحان پاس ڪري پڪو ليڪچرار ٿي ويو. پوءِ اسسٽنٽ پروفيسر به ٿي ويو هو. سال 1988 ۾ ستار سومري لکڻ جي شروعات ٻاراڻي ادب کان ڪئي، شاعري ۽ ڪهاڻيون لکي. سال 1994 کان سنڌي ادبي سنگت جو ميمبر ٿي سرگرم ٿيو. شاخ نصيرآباد جو ٽي چار ڀيرا سيڪريٽري به ٿيو. انتهائي خوش اسلوبي ۽ باقاعدگي سان شاخ جون هفتيوار گڏجاڻيون ڪرائيندو هو ۽ پنهنجون نڪور لکڻيون گڏجاڻين ۾ پڙهڻ کانپوءِ اخبارن، رسالن ۽ ڪتابي سلسلن ۾ به ڇپرائيندو هو.
ستار سومرو جيئن ته ننڍي لاڪئون لطيف سان لئون لائي ويٺو هو. سو جواني ۾ مطالعي ۽ مشاهدي جي آڌار لطيفي فڪر ۽ فلسفي کي ڦهلائڻ جو ذمو کنيو. ان سلسلي ۾ مقالا ۽ مضمون لکي ثقافتي مخزنن ۽ ماهوار پيغام رسالي ۾ ڇپرائيندو رهيو.
ستار سومري جو ڏاڏو مولوي عطا محمد سومرو مذهبي عالم سان گڏ شاعر به هو. ستار سومري جو جنم 1975ع ۾ پرائمري استاد نور محمد جي گهر ۾ ٿيو. 4 اپريل 1975 ۾ سندن خاندان سان المناڪ واقعو پيش آيو جو ڄڃ سان ڀريل ٻيڙي سنڌو درياهه ۾ اڳتي هلي ٻن ٽڪرن ۾ ورهائجي وئي. جنهن ۾ 18 ويجها مٽ مائٽ لڙهي ويا، جنهن ۾ هن جي ڀيڻ زيب به شامل هئي. هن جي وڏي ڀاءُ، ماءُ کي ۽ هن معصوم کي جيڪو ان وقت ماءُ سان گڏ ٻنڌڻن ۾ هو کي بچائي ورتو، پر ڀيڻ زيب ڏانهن جڏهن وڌيو ته اُها لهرن ۾ لڙهي چڪي هئي. جڏهن سمجهه ڀريو ٿيو ته اهو ننڍي لاڪئون ٻڌل حادثاتي، المياتي واقعو سندس دل ۽ دماغ ۾ گهر ڪري ويهي رهيو. سندس ڀيڻ زيب ئي هن کي ڀائو چوڻ شروع ڪيو هو ۽ پوءِ اهو سندس گهريلو نالو ٿي پيو ۽ آخر تائين مٽن مائٽن کان وٺي دوستن يارن تائين هو ڀائو ستار ٿي پيو.
ستار سومري پرائمري جا 5 درجا نصيرآباد ۾ پڙهيا. ڪلاس ۾ مانيٽر رهيو. تقريرون ڪري پهرئين پوزيشن کڻندو هو. سندس تقريري ڏات کيس هاءِ اسڪول ڪاليج ۽ يونيورسٽي تائين نمايان رکيو. هاءِ اسڪول جي تعليم به نصيرآباد ۾ انتهائي قابليت ۽ هوشياريءَ سان ورتائين. سال کن نصيرآباد ڪاليج ۾ پڙهي، حيدرآباد ميل نرسنگ جو ڪورس ڪرڻ آيو. دل نه لڳس ته ڪورس ڇڏي ڳوٺ هليو ويو. سندس تحرير، تقرير ۽ گفتگو ۾ شاهه لطيف جي شاعري جا حوالا موجود هوندا هئا. هڪ مثالي انسان، تعليمي ماهر ۽ ساڃاهه وند اديب ۽ شاعر هو. سندس وفات 2022-08-27 تي ساهه جي تڪليف سبب لاڙڪاڻي جي هاسپيٽل ۾ ٿي.