بلاگنئون

پشپا شاعري جي مصور

پشپا جي پهرين مجموعي “ڌرتيءَ کان ٻاهر” جا نقش اڃا منهنجي ذهن تي چٽا آهن. ميڊيڪل جي شاگردياڻي جيڪا عمر جا ڪيترائي ڏاڪا چڙهندي چئن ٻارن جي پرورش، گهريلو ۽ نوڪريءَ جي ذميدارين سان گڏ سماجي مسئلن کان باخبر رهي آهي. سندس شاعري جا نمايان موضوع آهن. “ڪووڊ”، “ٻوڏ”، “جبري مذهب جي تبديلي” ٿر ۾ ڊولپمينٽ جي نالي ۾ ان جي قدرتي حسن ۽ انساني سڀاءَ کي هاڃو رسائڻ”، “ڪارو ڪاري”، “غربت جي انتها”.
جبري مذهب جي تبديلي يا پيار جي ڄار ۾ ڦاسايل معصوم ڇوڪرين جي زندگي سندس والدين تي ۽ خود انهن تي زندگي ڪيتري نه عذاب بڻجي وڃي ٿي.
تڏهن ته رڙ ڪري چيو هئم
“مون کي منهنجي ماءَ سان وڃڻو آهي.”
تنهنجو قانون انڌو ته آهي
پر ٻوڙو به هوندو، سڌ نه هئم!
پشپا جي نظم جون هي سٽون ڏهرڪي، ٿر جي ڪوڙڪيءَ ۾ ڦاٿل، سنڌ جي ڪيترن ئي علائقن جي عدالتن ۾ رنڪل جهڙين هزارين ڇوڪرين جي ڳلي مان گونجنديون رهن ٿيون، پر ٻوڙي قانون جي هٿ ۾ انڌ جي لٺ آهي، جيڪا کيس نام نهاد مڙس جي حوالي ڪري ٿي.
ٻاگهل ٻائي نظم ۾ ڏهرڪي ۽ ٿر ۾ مذهب جي ڪوس گهر انصاف جي مڏي ڪاتي سان ڪيتريون ئي رنڪل ڪماريون ڪٺيون ويون آهن. انهن مان ڪيترن ئي ڇوڪرين جا بيان اهي هئا جيڪي پشپا لکيو آهي. نظم “ڌرتي ڄائي” ۾ پڻ هوءَ انهي بابت لکي ٿي.
پشپا انهن جي به ترجماني ڪئي آهي جنهن ۾ جبري مذهب جي تبديلي ڏانهن اشارو آهي، پر هن نظم ۾ محبت خاطر مذهب بدلائيندڙ ڇوڪري آهي، جيڪا پنهنجو سڀ ڪجهه ڇڏي اچڻ کانپوءِ جڏهن محسوس ڪري ٿي ته کيس ڌوڪو ڏنو ويو ته چئي ٿي
ماءُ، پيءَ، ڀاءَ، ڀيڻ ته ڇا
پنهنجا سڀ ڏور ٿيندا؟؟
تر جي گٿي لکين هزارين چوٽون کائيندي
ڇو ته عشق جي ڪاري پٽي
هاڻي انصاف جي ديويءَ جي اکين تي ٻڌل آهي
منهنجو وجود ڪجهه به نه
منهنجي مرضي ڪجهه به نه
تنهنجي محبت
ڪنهن پير جي هٿ تي بعيتي وانگر
پشپا قدرتي آفتن ۾ انساني روين تي پوندڙ اثر، ڪارو ڪاري جي تحت ڇوڪرين جي قتل، پوڙهائپ ۾ ماءُ ۽ پيءَ جي اڪيلائپ تي لکيو آهي. هنن نظمن جو اڀياس ڪندي اياز گل ان کي “سهيلين جي ڪنن ۾ ڪيل سرٻاٽ” چيو آهي، پر مون کي اهي سڀ نظم احتجاج جي رڙ محسوس ٿين ٿا.
پشپا جي پهرين مجموعي “دري کان ٻاهر” ۾ هن ٿر جي ڪلچر ۽ سونهن بابت لکيو هو. وقت گذرڻ سان گڏ ٿر ۾ ڊولپمينٽ جي نالي سان جيڪي هاڃا ٿيا آهن. مارئي جي ڪردار جهڙا اڏول ٿري جيڪي پنهنجي انا ۽ عزت جو سودو نه ڪندا آهن. انهن کي اين جي اوز ڪلچر سبب خيرات تي ڪيئن هيرايو ويو آهي.
آهسته آهسته پنهنجو سڀ ڪجهه وڃائيندا پيا وڃن
پنهنجي عزت، پنهنجو غرور
پنهنجو ڪم ۽ ان جو سرور
پنهنجو چونئرو پنهنجو ماڳ
پنهنجو تنهه پنهنجو ساڳ
ڪنڊ ڪنڊ تي کليو آهي، ٽيسٽي برگر جو ٿاڪ الا
اهي سڀ جن ٿر کي هن ڊولپمينٽ کان اڳ ڏٺو ۽ چاهيو هو، انهن کان به اهو ٿر نه ٿو وسري ته هڪ ٿرياڻي ڪيئن ٿي وساري سگهي.
منهنجي دل ٿي چوي
اهو ڳوٺ وڃي ڏسان
جنهن کي هاڻي گهڻا ماڻهو سڃاڻن ٿا
اڳتي لکي ٿي ته
ڇا ڳوٺ جي تصوير اها ئي هوندي
جيڪا مان سوچيان ٿي؟؟
نظم “ڪارو رت” ۾ ماءُ جو احساس پٽ پنهنجي ڀيڻ کي ڪاري ڪري ماري ڇڏيو آهي ۽ ماءَ پنهنجي پٽ جي ان عمل کي ننديندي چئي ٿي ته تنهنجو رت ڪارو آهي. ڪاش مان به توکي قتل ڪري ڇڏيان ها.
عورتن کان اهو چاهيو ويو ته هو سندن ٻڌايل ڏسيل صراط مستقيم تي هلن. هنن ٻڌايو لکيو ته عمر سومري طاقت هوندي به مارئي سان زبردستي ڪونه ڪئي. راڻي مومل کي ڪاري ڪري ڪونه ماريو، پر عورتن مردن جي بيان ڪيل تشريح جي برعڪس پنهنجا احساس پيش ڪيا جن کي پڻ سمجهڻ جي ضرورت آهي ۽ همعصر اديبن نقادن کي کليي دل سان عورتن جي نقطه نظر سان پڻ عورتن جي جذبن کي سمجهڻ کپي. يقين ڪرڻ کپي ته ان سان ڀٽائي اياز ۽ ٻين عظيم شاعرن کي نقصان ڪونه ٿيندو. ڪيترائي ڏهاڪا اڳ نور شاهين پڻ اهڙو اظهار ڪندي لکيو هو ته “راڻي ۾ هئي ڪاڻ جو بيهي سگهيو ڪونه” پشپا لکي ٿي
سچ ڄاڻڻ جي تو ڪڏهن ڪوشش به ڪئي؟
مون سان گڏ جيڪو به هيو راڻو ٿي ويو!
مرد محقق توڻي ڪجهه عورتون پڻ اهو سمجهن ٿيون ته عورتن کي راڻي يا عمر جو شڪر گذار ٿيڻ کپي، پر مارئي هجي يا مومل يا سورٺ، انهن جي انهن گهڙين ۾ عزت نفس ڪيئن مجروح ٿي هوندي؟ عورتون اهو سمجهن ٿيون ته محبت ۽ زندگي کان وڌيڪ سندن عزت نفس هوندي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار غير سنڌي آرٽسٽ لبنه جهانگير، شاهه جي سورمين، مومل، مارئي، سورٺ ۽ ٻين عورت ڪردارن جي عزت نفس جي احساس کي پينٽ ڪيو.
پشپا جي نظمن ۾ تشبيهون خوبصورت آهن، سندس شاعري ۾ سماجي ڏکن دردن کانسواءِ جمالياتي حس ڀريل آهي، جنهن کي هن مصوري جيان چٽيو آهي.
اکين جي ڇپرن ۾ اٽڪيل
لڙڪن جي لڙي رهجي وئي
***
مرڪ کي مون اکين ۾ پوکي ڇڏيو
لڙڪن سان ريجي ڇڏيو
اکين ۾ هاڻي مرڪن جو فصل آهي
***
ڀڳوان چنڊ کي ٻنهي هٿن جي ترين ۾ ڀوري
سڄي ڌرتيءَ تي
چنڊ جو چورو پکيڙي ڇڏيو هو
آسمان مٿي ڪٿي هيو؟
ڪنهن ڌرتيءَ تي وڇائي رکيو هو!
***
واريءَ واريءَ واچ آهيان
ڪڻو ڪڻُ ٿي ڪري آهيان
ڏسڻ ۾ اٿاهه ساگر
ڳوڙهو ڳوڙهو ٿي ڀري آهيان
***
لفظ چپن تي اچڻ کان اڳ ۾
نڙيءَ ۾ ٽپو ڏئي خودڪشي ڪري ٿا ڇڏين
***
ڄڻ ڪو آواز جي رسي پڪڙي
من ۾ لهندو ٿو وڃي
***
روشني جي بهار هجي ڄڻ
جهنگ جي انڌيري رات ۾
سوين شينهن جون اکيون هجن ڄڻ!
اهي سڀ اهڙا اڻ ڇهيل دل ۾ لهي ويندڙ خيال آهن، جي اهي مصور جي ڪينواس تي لهي سگهن ته اهي تجريدي آرٽ جو بهترين نمونو آهن.