بلاگنئون

ڊيووس ۾ ورلڊ اڪنامڪ فورم جي پلاسٽڪ جي خطرن کان آگاهي

ورلڊ اڪنامڪ فورم جي سالانه گڏجاڻي سوئٽزرلينڊ جي شهر ڊيووس ۾ 15 جنوري 2024 کان شروع ٿي 19 جنوري 2024 تي ختم ٿي. جنهن ۾ ماحوليات کي گدلو ڪرڻ وارن ڪيترين ئي شين سان گڏوگڏ فاسل فيول ۽ ان مان ٺهيل پلاسٽڪ جي باري ۾ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي ته جيئن ان جي لاءِ پلاننگ ڪري مستقبل ۾ ان جي استعمال کي گهٽائي سگهجي ۽ دنيا ۾ پلاسٽڪ سان وڌندڙ گدلاڻ جو خاتمو ڪري سگهجي. هر سال لکين ٽن پلاسٽڪ زمين، درياهن، سمنڊن ۾ استعمال کانپوءِ اڇلايو وڃي ٿو، جيڪو اسانجي مٽي، پاڻي، هوا، ٻوٽن ۽ جانورن جي جسمن ۾ وڃي گدلاڻ جو سبب بڻجي ٿو. اسين جيڪڏهن پنهنجي روزمره زندگي تي نظر وجهون ته اسان کي پنهنجي اردگرد پلاسٽڪ مان ٺهيل ڪيتريون ئي شيون نظر اينديون، پر جنهن شئي سڀني کان وڌيڪ اسانجي ماحول کي متاثر ڪيو آهي، اهو پلاسٽڪ جي ٿيلهين جو استعمال آهي. جيڪو سڄي دنيا ۾ عام آهي، پر ترقي يافته ملڪن ان تي پاليسيون جوڙي ان کي ڪنهن حد تائين قابو ڪري ورتو آهي، پر غريب ملڪن ۾ اڃا تائين ان جي استعمال کي ڪنٽرول هيٺ ناهي آندو ويو ۽ اهي تمام وافر مقدار ۾ ۽ مفت ۾ هر شئي سان گڏ مهيا هجڻ جي ڪري تمام گهڻي حد تائين استعمال ٿين ٿيون ۽ اسانجي ماحول کي متاثر ڪن ٿيون. شهرن کان وٺي ڳوٺن تائين وڏن شاپنگ مالز کان وٺي ٻهراڙي جي ننڍن دڪانن تائين اسان کي پلاسٽڪ جي ٿيلهيءَ جو استعمال نظر اچي ٿو ۽ اهو پلاسٽڪ ضايع ٿيڻ ۾ هزار سال کان مٿي جو وقت لڳائي ٿو. پلاسٽڪ اسانجي ماحول، کاڌي پيتي ۽ صحت کي تمام گهڻو نقصان ڏنو آهي. عام طرح اهو ڏٺو ويو آهي ته سمنڊن ۾ مڇيون پلاسٽڪ کائي وڃن ٿيون ۽ پلاسٽڪ جا ڪجهه حصا انهن جي جسم جو حصو بڻجي وڃن ٿا ۽ آخرڪار انسان جي غذا جو حصو بڻجي وڃڻ سبب، انسان ڪيترين بيمارين جو شڪار ٿئي ٿو، جنهن ۾ سڀني کان وڏي بيماري ڪينسر آهي. انسان فطرت کي جيڪو نقصان ڏنو آهي، اهو عالم آشڪار آهي، پر پلاسٽڪ هڪ ٻوڏ جي صورت ۾ زندگيءَ جي هر مظهر ۾ موجود آهي. ايستائين جو انهيءَ اسانجي پاڻي جي سسٽم کي به متاثر ڪيو آهي. پلاسٽڪ ڊرينيج ۽ پيئڻ جي پاڻي جي وهڪري کي روڪيندو رهيو آهي. اسان جو ڊرينيج سسٽم ظاهر ظهور پلاسٽڪ جي استعمال جي ڪري تباهه ٿيو آهي. ٿورو اڳ اسان جي زندگين ۾ پلاسٽڪ جو ايترو استعمال نه هو، پر هن وقت پلاسٽڪ اسانجي زندگين ۾ به هر جاءِ تي موجود آهي. ڪنهن وقت ۾ خريداري جي لاءِ ماڻهو گهر مان ڪپڙي جا يا کجي جي پنن مان ٺهيل ڇِڪا استعمال ڪندا هئا، جنهن سان ماحول صاف سٿرو رهندو هو. ان کانپوءِ جڏهن پلاسٽڪ جو استعمال ٿيو ته پلاسٽڪ اسانجي زندگين کي تمام گهڻو متاثر ڪيو. هاڻي ائين آهي جو کير به پلاسٽڪ جي ٿيلهي ۾ اچي ٿو ته ڌونرو به پلاسٽڪ جي ٿيلهي ۾، دوا به پلاسٽڪ جي ٿيلهي ۾ ۽ غذا به پلاسٽڪ جي ٿيلهي ۾. سرڪاري ادارن جي غفلت جو اهو حال آهي جو انهن پلاسٽڪ جي ايڏي بي تحاشا استعمال جو ڪڏهن سنجيدگي سان نوٽيس ئي نه ورتو آهي ته اها پلاسٽڪ ڪيترين بيمارين جو سبب بڻجي رهي آهي، جن جو علاج تمام گهڻو مهانگو آهي، ڇو نه ان پلاسٽڪ کي روڪي ماڻهن جي زندگين کي بچايو وڃي. ترقي يافته ملڪن کي پلاسٽڪ جي ٿيلهين جي استعمال کي روڪڻ لاءِ دڪاندار ان جي قيمت وصول ڪن ٿا، پر اسان وٽ پلاسٽڪ جي ٿيلهي جي شايد ايتري پيداوار آهي ۽ اها سستي ٺهي ٿي جو دڪان وارو هر شئي مفت ۾ ان ٿيلهيءَ ۾ ڏئي ٿو، جنهن جي ڪري ان جو استعمال به خطرناڪ حد تائين اسانجي زندگين کي متاثر ڪري ٿو. اڌ صديءَ کان مٿي وقت ٿيو آهي جو دنيا پلاسٽڪ جي آلودگي جي خلاف ڪانفرنسون ڪري رهي آهي ۽ دنيا جي ملڪن جي وچ ۾ پلاسٽڪ جي استعمال جي روڪ لاءِ معاهدا به ٿيا آهن. 1972 ۾ اسٽاڪ هوم ۾ ٿيڻ واري پهرين عالمي ماحولياتي ڪانفرنس کانپوءِ دنيا انهيءَ تي سوچڻ شروع ڪيو آهي ته پلاسٽڪ جي استعمال کي ڪيئن روڪجي. جڏهن ته مقابلي ۾ پلاسٽڪ جي صنعت تيزي سان ترقي ڪري رهي آهي. هن وقت 99 سيڪڙو پلاسٽڪ فاسل فيول مان حاصل ٿئي ٿي ۽ ان فاسل فيول مان حاصل ٿيندڙ پلاسٽڪ جي وچ ۾ ۽ ماحوليات جي وچ ۾ تعلق کي دنيا جا ليڊر اڃا تائين سمجهي نه سگهيا آهن، ته اها اسانجي زندگين کي ڪيئن متاثر ڪري رهي آهي. ڊيووس ۾ ٿيندڙ ڪانفرنس ۾ ان ڳالهه تي بحث ٿي رهيو هو ته ان جي استعمال کي ڪيئن گهٽ ڪجي ۽ اڳتي هلي روڪجي. 1950 ۾ 20 لک ٽن پيداوار سان شروع ٿيندڙ 2015 ۾ 38 ڪروڙ ٽن تائين پهتل اها صنعت جنهن ۾ گهڻو پئسو آهي ۽ عوامي سطح تي ان جو وڏو استعمال آهي. آئنده سالن ۾ پلاسٽڪ جي روڪٿام لاءِ وڏيون ڪوششون ڪرڻيون پونديون، نه ته 2050 تائين پلاسٽڪ تيل جي پيداوار جو 20 سيڪڙو حصو بڻجي سگهي ٿو. رڳو اسپتالن جو مثال وٺجي ته پلاسٽڪ جا دستانا، ٽيوبز، سرنجون، رت جون ٿيلهيون، سيمپل ٽيوبز. حقيقت ايتري تلخ آهي جو جڏهن هي ڳالهه پڙهجي ٿي ته حيراني نه ٿي ٿئي. “اسپتالن ۾ پلاسٽڪ جو نه هجڻ تباهه ڪندڙ هوندو برطانيه جي ڪيل يونيورسٽي ۾ ماحولياتي پيداوار ۽ گرين ٽيڪنالاجي جي سينئر ليڪچرر شيرون جارج چوي ٿي ته: ٿورو تصور ڪريو ته پلاسٽڪ کان بنا ڊائيليسس يونٽ ڪيئن هلندو” انهيءَ سڀني حقيقتن جي باوجود پلاسٽڪ جو خطرو ايڏو وڏو آهي جو دنيا جا سڀئي ملڪ انهيءَ ڳڻتي ۾ آهن ته پلاسٽڪ جي آفت کي دنيا تان ٽارجي، انهيءَ ڪري اها ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته هٿ ۾ کنيون ويندڙ ٿيلهيون اهڙي سامان مان ٺاهيون وڃن جيڪو تلف ٿي سگهي. دنيا جا سڀ ملڪ سوچي رهيا آهن ته پلاسٽڪ جو متبادل آندو وڃي.