نئون

سنڌ يونيورسٽي ترميمي بل اسيمبلي مان منظور

ڪالهه سنڌ اسيمبلي اجلاس ۾ سنڌ يونيورسٽي اينڊ انسٽيٽيوشنز ترميمي بل 2018 ٻيهر منظوري لاءِ پيش ڪيو ويو جيڪو مخالف ڌر جي اختلاف باجود اڪثريت جي بنياد تي منظور ڪيو ويو. مخالف ڌرين جن ۾ ايم ڪيو ايم، پي ايس پي، مسلم ليگ ن، پي ٽي آءِ ۽ مسلم ليگ فنڪشنل شامل آهن پاران بل خلاف احتجاج ڪيو ويو ۽ بل جون ڪاپيون ڦاڙيون ويون، جنهن بعد اجلاس جو واڪ آئوٽ ڪيو ويو. ان کانپوءِ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ کي نه ته وفاق پاڻي ڏئي ٿو نه ئي بجلي ۽ نه ئي اين ايف سي ايوارڊ ۾ ان جو جائز حق ڏنو پيو وڃي. اسان ته صرف سنڌ جي اعليٰ تعليمي ادارن جا اختيار وفاق کان وٺي صوبي حوالي ڪري رهيا آهيون. جنهن جي مخالفت گورنر ته ڪري سگهي ٿو پر اپوزيشن کي اهو عمل نٿو ٺهي. مان مخالف ڌرين کي چوندس ته اهي بل کي ڦاڙڻ بجاءِ ان کي پڙهي ڏسن. هن بل ۾ ڪابه اهڙي ڳالهه نه آهي، جيڪا صوبي جي حق ۾ هجي نه ئي حڪومت جو ڪو ناجائز اختيار يونيورسٽي جي فيصلن تي حاوي ٿي سگهي ٿو. بل جي مخالفت ۾ ڳالهائيندي اپوزيشن سربراهه خواجه اظهارالحق چيو ته هن بل جي رد ڪرڻ لاءِ گورنر کي اسان ئي لکيو هو. هن بل ذريعي حڪومت جي مداخلت کي ختم ڪرڻ گهرون ٿا. ان ۾ گورنر جي حمايت يا مخالفت نه آهي. ايم ڪيو ايم جي سيد سردار احمد چيو ته هن بل ذريعي سرڪاري يونيورسٽين جا بنياد لوڏيا ويا آهن. اڳ ۾ ڪوبه وزير يونيورسٽين ۾ داخل نه ٿي سگهندو هو پر هاڻي آزاد ۽ خود مختيار يونيورسٽي ۾ حڪومت جي مداخلت رهندي. واضح رهي ته گورنر محمد زبير سنڌ اسيمبلي جي اڳ ۾ منظور ڪيل يونيورسٽين واري ترميمي بل تي اعتراض لڳائي ان کي رد ڪيو هو. جنهن بعد اعتراضن تي غور ڪرڻ لاءِ اهو بل ڪالهه سنڌ اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويو جتي بل ۾ ترميمون ڪري ان کي ٻيهر منظوري لاءِ پيش ڪيو ويو جنهن جي مخالف ڌر پاران مخالفت باوجود اڪثريت راءِ سان منظور ڪيو ويو. هن بل ۾ گورنر پاران پيش ڪيل سموريون سفارشون به رد ڪيون ويون آهن.