آمريڪا، فرانس ۽ برطانيه سان گڏجي شام تي حملو ڪري ڇڏيو
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاران حملي جي منظوري بعد آمريڪي فوج فرانس ۽ برطانيه جي مدد سان شام تي حملو ڪري ڇڏيو آهي. آمريڪي صدر چيو آهي ته هي حملو روس پاران شام جي عوام تي ڪيميائي حملي بعد ڪيو ويو آهي. آمريڪي صدر جي حڪم مطابق شام جي صدر بشار الاسد جي ڪيميائي هٿيارن جي تنصيبن تي حملا ڪيا ويندا. حملي ۾ جنگي جهازن ۽ ڪروز ميزائلن سان حملا ڪيا ويا آهن. ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته آمريڪا بشار الاسد تي تيستائين حملا جاري رکندو جيستائين اهو ڪيميائي هٿيارن جو استعمال ترڪ نه ٿو ڪري ڇڏي. پينٽاگون جو چوڻ آهي ته هن حملي ۾ ڪيميائي هٿيارن ٺاهڻ واري اهم پروگرام کي به نشانو بڻايو ويو آهي. هن حملي بابت شام جي ايئر فورس جو چوڻ آهي ته ان پاران آمريڪا جي ڪيترن ئي حملن کي ناڪام بڻايو ويو آهي، جنهن بابت آمريڪا جي سيڪريٽري دفاع جو بيان آيو آهي ته ان بابت ڪوبه اطلاع نه آيو آهي ته آمريڪا کي ڪو وڏو نقصان رسيو آهي. آمريڪي سيڪريٽري دفاع چيو آهي ته هن حملي ۾ ڪوشش ڪئي وئي آهي ته عوام جو گهٽ ۾ گهٽ جاني نقصان ٿئي. هن اهو به چيو ته دمشق ۾ پهريون نشانو سائنس ريسرچ سينٽر، ٻيو نشانو دمشق ۾ ڪيميائي هٿيارن جو گودام هو ۽ ٽيون نشانو ڪيميائي هٿيارن جي سامان کي رکڻ جي جاءِ فراهم ڪرڻ واري هڪ خاص ڪمپائونڊ پورٽ کي بڻايو ويو آهي. ٻئي طرف برطانيه جي وزير اعظم ٿريسامي چيو آهي ته بشارالاسد کي ڪيميائي هٿيارن جي استعمال کان روڪڻ لاءِ سفارتي طور تي چيو ويو هو پر شام ۽ روس طرفان اهڙيون سڀ ڪوششون ناڪام بڻايون ويون هيون. ان کان علاوه فرانس جي صدر ايمانوئيل ميڪرون به هنن حملن کي شام پاران ڪيميائي حملن جو رد عمل ڄاڻايو آهي. واضح رهي ته 7 اپريل تي شام جي فوج طرفان دوما ۾ زهريلي گئس جو حملو ڪيو ويو هو جنهن جي نتيجي ۾ ٻارن سميت 40 ڄڻا قتل ٿي ويا هئا. جنهن بعد فرانس يورپي ۽ عرب ملڪن سميت شامي حڪومت ۽ اتحادين پاران دوما ۾ ڪيميائي حملي خلاف گڏيل قومن جو اجلاس گهرايو ويو هو، جنهن کان علاوه آمريڪا ۽ فرانس پاران شام خلاف سخت رد عمل به آيو هو. جنهن کانپوءِ گڏيل قومن پاران حملي جي ذميوارن جو تعين ڪرڻ لاءِ ڪنهن به قسم جي لائحه عمل طئي ڪرڻ جنهن کانپوءِ سيڪريٽري ڪائونسل طرفان حملي بابت تحقيقات ڪرائڻ واري قرارداد کي روس پاران ويٽو ڪيو ويو هو، جنهن بعد آمريڪا، شام ۽ ان جي اتحادين خلاف ڪارروائي جي ڌمڪي ڏني هئي ۽ هاڻي آمريڪا، فرانس ۽ برطانيه سان گڏجي حملا ڪيا آهن.

