چوڌري نثار کي پرچائڻ لاءِ شهباز شريف جون ڪوششون تيز
پاڪستان مسلم ليگ ن جي صدر ۽ وزير اعليٰ شهباز شريف اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ۽ اڳوڻي وزير داخلا چوڌري نثار جي وچ ۾ ويڇا گهٽائڻ لاءِ ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون. خبرن موجب ماڊل ٽائون ۾ شهباز شريف ۽ چوڌري نثار جي ڏيڍ ڪلاڪ ملاقات ٿي جنهن بعد شهباز شريف جاتي امراء روانو ٿيو ۽ اتي پنهنجي وڏي ڀاءُ سان ملاقات ڪري ان کي چوڌري نثار جي شڪايت کان آگاهه ڪيو. ان حوالي سان ن ليگ طرفان چيو ويو آهي ته شهباز شريف پاران چوڌري نثار ۽ نواز شريف وچ ۾ هڪ پل وارو ڪردار ادا ڪيو ويو آهي. جنهن جو مقصد لاڳاپن کي بهتر ڪرڻ آهي، پر چيو پيو وڃي ته ان ملاقات جو ڪو خاص نتيجو حاصل ٿي نه سگهيو آهي ۽ ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ اڃان ناراضگي برقرار آهي. واضح رهي ته چوڌري نثار ۽ شهباز شريف وچ ۾ هيءَ ٽين ملاقات هئي. پهرين ملاقات بعد شهباز شريف پاران پارٽي جي اڳواڻن کي چوڌري نثار خلاف بيان ڏيڻ کان روڪيو ويو هو. جنهن جي خلاف مريم نواز چوڌري نثار خلاف بيان ڏيندي چيو هو ته چوڌري نثار کي ٽڪيٽ ڏيڻ جو اختيار پارٽي صدر وٽ نه پر صرف نواز شريف وٽ آهي. جنهن جي جواب ۾ چوڌري نثار چيو ته گذريل ٽن ڏهاڪن ۾ ٽڪيٽ لاءِ درخواست نه ڪئي هئي ۽ نه ئي آئنده ڪندس. چوڌري نثار اهو به چئي چڪو آهي ته جيڪڏهن پارٽي کي هڪ گهر تائين محدود نه ڪيو وڃي ته هو آئنده به پارٽي ۾ شامل رهندو. ٻئي طرف چيو پيو وڃي ته ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ شهباز شريف ٻنهي اڳواڻن جي ملاقات ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندو. ان کان علاوه اهو به چيو پيو وڃي ته چوڌري نثار جي پارٽي ڇڏڻ جي صورت ۾ ن ليگ کي هڪ وڏو ڌڪ رسي سگهي ٿو.

