نئون

صحافين ۽ سماجي ڪارڪنن جي حفاظت لاءِ سيڪيورٽي ايپ ٺهي وئي

ايڊورڊ سوڊن فريڊم آف پريس فائونڊيشن ۽ گارجين پروجيڪٽ سان ملي ڪري هڪ اهڙي ايپليڪيشن تيار ڪري ورتي آهي، جيڪا خصوصي طور تي صحافين ۽ سماجي ڪارڪنن لاءِ سيڪيورٽي ايپ سمجهي وڃي رهي آهي. هن ايپليڪيشن جو نالو هيون (Heaven)  آهي، هي ايپ نه رڳو ان جي صارف کي پنهنجي آسپاس جي ٿيندڙ هيڪنگ جي باري ۾ ٻڌائيندي پر اها صارف کي ان جي موبائل ۾ ٿيندڙ هيڪرن جي حملن کان باخبر رکندي. هن ايپ جي ذريعي صارف نه رڳو اهو پر پنهنجي آسپاس مشڪوڪ آواز ۽ مشڪوڪ روشنين کان به باخبر رهي سگهندو. ان کان علاوه اها ايپ صارف جي تمام ليپ ٽاپس، ڪمپيوٽرز ۽ اسمارٽ سامان کي به هيڪ ٿيڻ کان بچائيندي. ان کان علاوه اها ايپ سرڪار يا ڪنهن ٻين ادارن پاران ٿيندڙ سمارٽ سامان (موبائل فون ليپ ٽاپ وغيره) کي پڻ  هيڪنگ جي حملن کان  بچائيندي. هيءَ ايپ هن وقت صرف بيٽا ورزن ۾ ٺاهي وئي آهي جيڪا ايپل ڪمپني جي آءِ فون تي ڪم نه ٿي ڪري  سگهي پر باقي اينڊرائڊ تي مڪمل طور ڪم ڪري سگهي ٿي. ياد رهي ته ايڊورڊ سنوڊن ماضي ۾ سي آءِ اي جو جاسوس هو جنهن سي آءِ اي پاران ٿيندڙ دنيا جي ماڻهن جي جاسوسي جي خبر کي منظر تي آندو هو جنهن ڪارڻ هن تي ڪيس هلي رهيا آهن. پر روس پاران هن کي سياسي پناهه ڏيڻ جي ڪري ئي هو محفوظ آهي. هاڻي هو صحافين جي حفاظت لاءِ هي ادارو ٺاهي ڪم ڪري رهيو آهي.