خاصنئون

لائنز ايريا ري ڊولپمينٽ پروجيڪٽ جو ماسٽر پلان 1980 طلب

سنڌ هاءِ ڪورٽ لائنز ايريا ري ڊولپمينٽ پروجيڪٽ سان لاڳاپيل 1980 جو ماسٽر پلان ايندڙ ٻڌڻي تي هر صورت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. جسٽس سيد حسن اظهر رضوي ۽ جسٽس ذوالفقار احمد خان تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ جي روبرو لائنز ايريا ري ڊولپمينٽ پروجيڪٽ سان لاڳاپيل ٻڌڻي ٿي، درخواستگذر جي وڪيل موقف ڏنو ته 1980 ۾ لائنز ايريا لاءِ ماسٽر پلان تشڪيل ڏنو ويو، ان پلان کي ڪي ڊي اي جي حوالي ڪيو ويو آهي جيڪو غير قانوني آهي، اهو پلان ڪي ڊي اي کان واپس وٺي ان کي سنڌ حڪومت جي ماتحت ڪيو وڃي ان پروجيڪٽ تي فوري عملدرآمد جا حڪم ڏنا وڃن. لائنز ايريا کان ڪچي آبادي ۽ قبضا ختم ڪري نئين طرح پلان ڪيو وڃي. صدر شهر جو مرڪزي حصو آهي، جنهن کي قبضا ڪري تباهه ڪيو ويو آهي. عدالت ڪي ڊي اي آفيسرن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ريمارڪس ڏنا ته سڄو علائقو تباهه ڪري ان جو نقشو بگاڙي ڇڏيو ويو آهي