فضل الرحمان تي آرٽيڪل 6 جو ڪيس هلڻ گهرجي: وزيراعظم

وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته آئون ڪرپٽ نه آهيان تنهنڪري فوج مون سان گڏ آهي، جيڪي ڪرپشن ڪندا آهن انهن کي فوج جو ڊپ هوندو آهي. مولانا فضل الرحمان جي بيان تي آرٽيڪل 6 جو ڪيس هلڻ گهرجي. جاچ ٿيڻ گهرجي ته مولانا کي ڪنهن خاطري ڪرائي هئي. پڪ ڪيو ته حڪومت نه پئي وڃي، اپوزيشن جي خواهش ڪڏهن به پوري نه ٿيندي. اٽي جي بحران جي شروعاتي رپورٽ ۾ جهانگير ترين ۽ خسرو بختيار جو نالو نه آهي. اليڪشن سڌارن لاءِ قانون اچي رهيا آهن جنهن هيٺ اليڪٽرانڪ ووٽنگ ۽ بايو ميٽرڪ سسٽم کي لازمي قرار ڏينداسين. بجلي اگهن ۾ واڌ نه ڪئي ويندي، آءِ ايم ايف سان معاملا طئي ٿي ويندا. عدالت سميت ڪنهن به اداري جي معاملن ۾ مداخلت نه پيا ڪريون