قانون واري سيڪريٽري جي پيش نه ٿيڻ تي هاءِ ڪورٽ سخت ناراض

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي احتساب عدالت ۾ ججن جي مقرري واري معاملي تي ٻڌڻي دوران قانون واري وفاقي وزير جو جوائنٽ سيڪٽري پيش ٿيو، عدالت پڇيو ته سيڪريٽري قانون ڪٿي آهي، اسان ته کيس طلب ڪيو هو؟ جوائنٽ سيڪريٽري عدالت کي آگاهي ڏني ته سيڪريٽري قانون هن وقت سپريم ڪورٽ ۾ مصروف آهي. جنهن تي عدالت مخاطب ٿيندي چيو ته ڪهڙي ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ ۾ آهي، ڪيس نمبر ٻڌايو؟ عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته اسان هاڻي ئي پتو لڳايون ٿا ته سيڪريٽري ڪٿي آهي. جيڪڏهن توهان جي ڳالهه ڪوڙي نڪتي ته جيل موڪلينداسين. ٻڌايو ته هي معاملو ڪڏهن حل ٿيندو. ڊپٽي اٽارني جنرل 15 ڏينهن جي مهلت گهري ورتي. عدالت ٻڌڻي ملتوي ڪندي ڊپٽي اٽارني جنرل کي حڪم ڏنو ته توهان لکي ڏيو ته هي معاملو حل نه ٿيو ته توهان جي خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي ٿيندي