انساني تاريخ جيتري پراڻي آهي، اوترو ئي پراڻو “ڪارو جادو” به آهي. جڏهن انسان فطرت جي قوتن کي سمجهي نه سگهيو، جڏهن بيماري، موت، ڏڪار ۽ ناڪامي جا سبب عقل جي پهچ کان ٻاهر هئا، تڏهن انسان انهن سڀني مسئلن جا جواب اڻ ڏٺل طاقتن، جنن، ديوتائن ۽ جادوئي اثرن ۾ ڳولهڻ شروع ڪيا. تاريخ تي نظر وجھڻ سان خبر پوندي ته قديم مصر، بابل، هندستان، يونان ۽ آفريڪا جي تهذيبن ۾ جادو، ٽوڻا، منتر، تعويذ ۽ ٽوٽڪا عام رواج ۾ هئا. ڪجهه هنڌن تي ان کي “روحاني علم” سڏيو ويو ته ڪجهه سماجن ۾ ان کي خوف ۽ طاقت جو ذريعو سمجهيو ويو. اسلامي تاريخ، قرآن ۽ حديث ۾ به جادو ۽ ڪاري علم بابت ڪيترائي واقعا بيان ڪيا ويا آھن جنهن ۾ سڀ کان وڏو واقعو پاڻ سڳورن تي ڪيل جادو جو ملي ٿو!
اسلامي تاريخ مطابق يهودي شخص لبيد بن الاعصم حضرت محمد ﷺ تي جادو ڪيو هو. هي واقعو صحيح بخاري ۽ صحيح مسلم جهڙين معتبر حديثن ۾ موجود آهي. انھي جادوءَ جو اثر ڪجهه وقت لاءِ ٿيو، جنهن سبب نبي ﷺ کي ڪجهه روزاني ڪمن بابت عارضي وهم ٿيو، پر پوءِ الله تعاليٰ سورت الفلق ۽ سورت الناس نازل ڪيون ۽ انهن سورتن جي پڙهڻ سان جادو جو اثر ختم ٿي ويو. قرآن مجيد ۾ حضرت موسيٰ عليه السلام ۽ فرعون جي جادوگرن جو واقعو به وڏي وضاحت سان آيو آهي، جنهن ۾ فرعون، موسيٰ عليه السلام کي شڪست ڏيڻ لاءِ سڄي مصر مان وڏا جادوگر گڏ ڪيا. جادوگرن رسيون ۽ لٺيون اڇلايون، جيڪي نانگ بڻجي ويون. حضرت موسيٰ عليه السلام الله جي حڪم سان پنهنجي لٺ اڇلائي، جيڪا حقيقي نانگ بڻجي وئي ۽ انهن سڀني جادوئي شين کي ڳهي وئي. (حوالو: سورت الاعراف، سورت طهٰ، سورت الشعراء).
ان کان علاوه به قرآن ۾ حضرت سليمان ۽ ھاروت ماروت جي واقعن ۾ جادو جو ذڪر ملي ٿو! جادو جو وجود تاريخي، مذهبي ۽ سماجي طور ثابت آھي، پر اسلام ۾ جادو ڪرڻ سخت منع آھي ۽ گناهه ۾ شمار ٿئي ٿو. وقت گذرڻ سان علم، فلسفي ۽ سائنس ترقي ڪئي، پر جادو جو تصور ختم نه ٿي سگهيو. خاص ڪري انهن سماجن ۾، جتي غربت، جھالت، خوف، مذهب جي غلط تشريح، تعليم جي گھٽتائي ۽ سماجي ناانصافي وڌيڪ هئي، اتي جادو نون نالن سان زنده رهيو. ڪٿي ان کي “ڪارو جادو” يا “بنگالي جادو” چيو ويو، ڪٿي “ڪارو علم”، ڪٿي “بندش” ته ڪٿي “خفيه علم” سڏيو ويو. اڄ جڏھن دنيا ترقي جون نيون منزلون طئي ڪري چڪي آھي ان باوجود به نه صرف اسان جھڙن پٺتي پيل ملڪن ۾، پر ترقي يافته مغربي ملڪن ۾ به ڪاري جادو جو وڏو عمل دخل نظر اچي ٿو ۽ نه صرف گھٽ تعيلم يافته ماڻهو، پر چڱا ڀلا پڙھيل لکيل ماڻهو به ان جادو واري وھم ۾ مبتلا نظر اچن ٿا!
ڪارو جادو رڳو هڪ وهم نه آهي، پر اهو سماجي ۽ نفسياتي تباهي جو هڪ خطرناڪ هٿيار پڻ آهي. ان جا سڀ کان وڏا نقصان عام ۽ ڪمزور عقيدي وارا ماڻهو ڀوڳين ٿا. ماڻهو پنهنجي بيمارين جو علاج ڊاڪٽر بدران عاملن ۽ ڀوپن وٽ ڪرائين ٿا، نتيجي ۾ بيماري وڌي وڃي ٿي يا انهن ماڻهن جي جان ضايع ٿي وڃي ٿي. عورتن تي الزام لڳايو وڃي ٿو ته اھي جادو ڪرائين ٿيون، جنهن سبب گهريلو تشدد، طلاقون ۽ ڪڏهن ڪڏهن قتل جھڙا واقعا به ٿين ٿا. ڪاري جادو جي نالي تي جعلي عامل ماڻهن کان هزارين، لکين رپيا ڦري وڃن ٿا. بيروزگار نوجوانن کي نوڪري جا ڪوڙا آسرا ڏنا وڃن ٿا، شادي ۾ ناڪامي جو ذميوار “بندش” کي قرار ڏنو وڃي ٿو، ڪاروبار ۾ نقصان کي “نظر” يا “سحر” سان جوڙيو وڃي ٿو. اهڙي طرح اصل مسئلن بدران وهمن کي هٿي ملي ٿي ۽ ماڻهو عقل، محنت ۽ قانون بدران جعلي عاملن جا غلام بڻجي وڃن ٿا. افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته پاڪستان ۾ ڪارو جادو ڪنهن هڪ علائقي تائين محدود ناهي. شهر هجن يا ڳوٺ، امير هجن يا غريب، پڙهيل هجن يا اڻپڙهيل ھي وبا هر هنڌ پکڙيل آهي. ٽي وي چينلن، سوشل ميڊيا، اخبارن ۽ ڀتين تي لڳل اشتهارن ۾ “هر مسئلي جو حل”، “محبوب توهان جي پيرن ۾”، “دشمن کي تابع ڪريو” جهڙا نعرا سري عام لکيا وڃن ٿا. جعلي عامل، پير، بنگالي بابا، ڀوپا وغيره سري عام بنا ڪنهن رڪاوٽ جي اھو ڪم ڪري ماڻهن کي ڦري رھيا ھئا! ڪجهه ماڻهو مذهب جو لباس اوڍي ماڻهن کي بيوقوف بڻائين ٿا ته ڪجهه عورتن کي خاص نشانو بڻائين ٿا. ڇو ته ڪاري جادو يا علم ۾ يقين رکندڙن جي اڪثريت عورتن تي مشتمل آھي. سنڌ جي ته ھر ننڍي وڏي شھر جي پاڙي يا گھٽي ۾ اھڙن جعلي عاملن، ڀوپن ۽ تعويذ ڪندڙن جي ڀرمار آھي جتي توهان کي عورتن جا ڪٽڪ بنا ڪنهن روڪ رڪاوٽ جي تعويذ ۽ ٽوڻا ڦيڻا ڪرائيندي ملندا! ۽ اھو سڀ ڪجهه رڳو ان ڪري ممڪن بڻيل ھو جو هيستائين هن ڌنڌي خلاف ڪوبه واضح ۽ سخت قانون موجود نه هو.
ڪارو جادو معاشري ۾ شڪ، نفرت ۽ خوف کي جنم ڏئي ٿو. ماڻهو هڪ ٻئي تي الزام هڻڻ لڳن ٿا. ڀائر ڀائرن جا دشمن بڻجن ٿا، زال مڙس ۾ اعتماد ختم ٿي وڃي ٿو، مائٽ هڪٻئي کان ڊڄڻ لڳن ٿا. سڀ کان وڏو نقصان اهو آهي ته انسان پنهنجي ناڪامي جو ذميوار پاڻ بدران ڪنهن اڻ ڏٺل طاقت يا ڪنهن ٻئي ماڻهو کي سمجهڻ لڳي ٿو، جنهن سان ذميواري، محنت ۽ خود احتسابي ختم ٿي وڃي ٿي. دير آيد درست آيد تحت آخرڪار، 2026ع ۾ پاڪستان جي رياست پھريون دفعو هڪ اهم قدم کنيو آهي. پارليامينٽ Criminal Laws (Amendment) Act 2026 منظور ڪري پاڪستان پينل ڪوڊ ۾ نئين شق 297-A شامل ڪئي آهي. هن قانون تحت ڪارو جادو، سحر، ٽوڻا، تعويذ ٺاهڻ، وڪڻڻ، تشهير ڪرڻ يا اهڙيون خدمتون فراهم ڪرڻ کي واضح طور تي ڏوهه قرار ڏنو ويو آهي. ھاڻي ڪارو جادو ڪرڻ يا ڪرائڻ تي 6 مهينن کان 7 سالن تائين قيد ٿي سگهي ٿو. ان سان گڏ 10 لک رپين تائين جرمانو پڻ مقرر ڪيو ويو آهي. ھي ڏوهه ھاڻي ناقابلِ ضمانت آهي، يعني آساني سان ضمانت نه ملندي ۽ ڪيس سيشن ڪورٽ ۾ ٻڌو ويندو. جعلي عاملن، پيرن ۽ جادوگرن جي اشتهار بازي به ڏوهه ۾ شامل ڪئي وئي آهي. هي قانون رڳو سزا لاءِ نه، پر سماج کي وهمن کان آزاد ڪرائڻ لاءِ هڪ اهم قدم ثابت ٿيندو . البته روحاني علاج يا مذهبي رهنمائي لاءِ به شرط رکيو ويو آهي ته اهو ڪم رڳو باقاعده لائسنس يافته ۽ قانون جي دائري اندر رھي ڪري ڪري سگهجي ٿو. ڪارو جادو اصل ۾ جهالت، خوف ۽ استحصال جو ڪاروبار آهي. نئين قانون سان اميد آهي ته ماڻهن کي لٽيندڙ عاملن، ڀوپن، جعلي پيرن ۽ نفسياتي دهشتگردن جو گهيرو تنگ ٿيندو، پر قانون اڪيلو ڪافي ناهي. ان سان گڏ اسان ماڻهن ۾ شعور، تعليم، تنقيدي سوچ ۽ سماجي ذميواري به ضروري آهي. ڇو ته جيستائين اسان پنهنجي مسئلن جا حل عقل، محنت ۽ علم ۾ ڳولهڻ بدران تعويذن ۽ ٽوڻن ڦيڻن ۾ ڳولهينداسين، تيستائين معاشري مان انهيَ برائي جو اثر ختم نه ٿيندو. ھاڻي جيڪڏهن قانون ھڪ رستو ڏيکاريو آهي ته پوءِ سماج کي به فيصلو ڪرڻو پوندو ته اهو خوف ۾ جيئڻ ٿو چاهي يا شعور سان.