بلاگنئون

آزمائشون، فهم ۽ سوچ جو ڍنگ

زندگي اها شيءِ آهي، جيڪا ڪنهن هڪ رستي تي نٿي هلي، بلڪه ان ۾ خود ڪيئي موڙ آهن. اونداهيون به آهن ۽ اهڙا پل به جڏهن انسان پاڻ کي بلڪل اڪيلو محسوس ڪري ٿو. پنهنجي پياري جو موت هجي يا صحت جي خرابي هجي يا مالي مشڪلاتون اهي سڀ اهڙيون حقيقتون آهن جن کان ڪو معاشرو، ڪو خاندان ۽ ڪو فرد مڪمل طور تي محفوظ ناهي. ماڻهو انهن ڪيفيتن کان گذرندا رهن ٿا ته ڪڏهن خاموشي سان ۽ ڪڏهن ٽٽي ڪري، مگر انهن سڀني جي وچ ۾ جيڪا شيءِ انسانن کي هڪٻئي کان ڳنڍي ٿي، اهي حالتون ناهن، بلڪه فهم ۽ سوچڻ جو انداز آهي. ڪي ماڻهو آزمائش کي صرف محرومي جي نظريي سان ڏسن ٿا، يعني انهن جي عزيز جو موت تقدير جي بي انصافي بڻجي وڃي ٿو. بيماري زندگي جي خاتمي جو سبب محسوس ٿيڻ لڳي ٿو ۽ مالي تنگدستي خودداري کي مجروح ڪري ڇڏي ٿي ۽ اهڙن فردن جو رويو هوريان هوريان شڪايت، مايوسي ۽ ناشڪري ۾ پوئجي وڃي ٿو. اهي سوال ڪن ٿا ته اهو سڀ ڪجهه اسان سان ئي ڇو ٿيو؟ ۽ انهيءَ سوال ۾ منجهي اهي زندگيءَ جي باقي نعمتن کان به محروم رهجي وڃن ٿا.

ان جي ڀيٽ ۾ ڪي ماڻهو انهن ئي صدمن ۾ هڪ مختلف بصيرت سان گڏ بيٺا رهن ٿا. اهي ڏکن کي ڏک کي محسوس نٿا ڪن، تڪليف کان انڪار نٿا ڪن، مگر ان کي زندگي جو آخري باب به نٿا سمجهن، پنهنجي پياري جو موت انهن کي ياد ڏياري ٿو ته زندگي عارضي آهي. بيماري اسان کي عاجزي سيکاري ٿي ۽ مالي مشڪلاتون انهن کي سادگي ۽ جدوجهد جو سبق ڏين ٿيون. انهن وٽ صبر بيوسي ناهي بلڪه شعور سان گڏ قبوليت هوندو آهي ۽ شڪر خوشحالي جو نه بلڪه يقين جو اظهار هوندو آهي. اهو فرق صرف مذهبي يا اخلاقي ناهي بلڪه سماجي به آهي، جيڪو انسان آزمائش ۾ پاڻ کي اڪيلو سمجهي ٿو. اهو هوريان هوريان معاشري کان ڪٽجڻ لڳي ٿو. جڏهن ته جيڪو شخص مشڪل کي گڏيل شعور سان گڏ ڏسي ٿو اهو ٻين جي ڏک کي به محسوس ڪري ٿو ۽ پاڻ به سهارو وٺي ٿو. اهڙا ماڻهو بحران جي ڏهاڙن ۾ معاشري جو بار نٿا بڻجن بلڪه ان جي قوت بڻجي وڃن ٿا.

اڄ اسان جي سماج ۾ هڪ عام مسئلو اهو آهي ته اسان ڏک کي فورن رد عمل ۾ بدلائي ڇڏيون ٿا، صبر کي ڪمزوري ۽ شڪر کي مجبوري سمجهي ڇڏيو آهي. حالانڪه تاريخ شاهد آهي ته قومون انهن ئي روين سان ٺهنديون ۽ ڊهنديون آهن، جيڪا قوم هر مشڪل تي اڍنگي طريقي سان شڪايت ڪري، اها هوريان هوريان اميد کان محروم ٿي وڃي ٿي ۽ جيڪا قوم آزمائش ۾ به دعا، تدبر ۽ عمل کڻي هلي، اها مشڪلاتن کي به منهن ڏئي اڳتي نڪرڻ جي قابل بڻجي وڃي ٿي. اصل سوال اهو ناهي ته اسان کي ڪهڙي آزمائش درپيش آهي، بلڪه اهو آهي ته اسان ان آزمائش کي ڪهڙي نظر سان ڏسون ٿا. فهم جيڪڏهن محدود هجي ته ڏک اسان کي ٽوڙي ڇڏي ٿو ۽ جيڪڏهن ڪشادو هجي ته اهوئي ڏک اسان کي ڳنڍي ڇڏي ٿو. الله سان به، انسانن سان به ۽ پاڻ پنهنجي ذات سان به. زندگي جو حسن شايد انهيءَ ۾ آهي ته اها اسان کي چونڊي نٿي. آزمائي ٿي ۽ انسان جو ڪمال ان ۾ آهي ته هو هر حال ۾ پنهنجي سوچ پنهنجو ڪردار ۽ پنهنجي اميد کي زنده رکي. ڇو ته حالتون گذري وڃن ٿيون، پر جيڪڏهن فهم سلامت هوندو ته انسان باقي رهندو.