ملڪ اندر جاري چونڊ مهم جو اڄ آخري ڏينهن
سڄي ملڪ ۾ نون عوامي نمائندن جي چونڊ 25 جولاءِ تي ٿيندي جنهن کان 48 ڪلاڪ اڳ يعني اڄ سڄي ملڪ ۾ چونڊ مهم جو آخري ڏينهن هوندو. هر اميدوار جماعت کي پنهنجو پاور شو ڪرڻ جو اڄ آخري ڏينهن آهي. اڄ رات 12 وڳي کانپوءِ ڪابه پارٽي جلسو ۽ جلوس نه ڪري سگهندي. اليڪشن ڪميشن پاران چونڊ مهم لاءِ سياسي جماعتن لاءِ هدايت نامه به جاري ڪيا ويا آهن، جنهن مطابق سڀئي سياسي جماعتون پولنگ کان 48 ڪلاڪ اڳ چونڊ مهم ختم ڪرڻ جون پابند آهن، جنهن بعد ڪنهن به قسم جي جلسي جلوس، ڪارنر ميٽنگ ۽ پريس ڪانفرنس جي بندش هوندي. پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تي به اڄ رات کانسواءِ ڪنهن به قسم جي اشتهار هلائڻ تي به بندش هوندي. اڄ آخري ڏينهن هجڻ سبب سڀ سياسي جماعتون پنهنجو پاور شو ڪرڻ لاءِ تيار آهن. مسلم ليگ جو صدر شهباز شريف اڄ ڊيره غازي خان ويندو، حمزه شهباز لاهور ۾ ريلي جي قيادت ڪندو. پي ٽي آءِ جو اڳواڻ عمران خان لاهور ۾ سياسي مهم هلائيندو، چيئرمين پيپلزپارٽي بلاول ڀٽو زرداري جيڪب آباد ۽ شڪارپور ۾ جلسن کي خطاب ڪندو. مولانا فضل الرحمان اسلام آباد ۾ خطاب ڪندو. جڏهن ته ايم ڪيو ايم جا اڳواڻ لياقت آباد ۾ جلسو ڪندا. واضح رهي ته الڪيشن ايڪٽ 2017 جي شق 182 هيٺ سڀئي جماعتون ۽ اميدوار پولنگ کان 48 ڪلاڪ اڳ انتخابي مهم ختم ڪرڻ جا پابند آهن، جنهن جي خلاف ورزي ڪرڻ تي کين هڪ لک رپيا ڏنڊ يا ٻه سال قيد يا ٻئي سزائون گڏ ملي سگهن ٿيون.

