هاڻي روباٽ پينٽنگز به ٺاهڻ لڳا آهن
سڄي دنيا ۾ روباٽن کان مختلف ڪم ورتا پيا وڃن هاڻي ته روباٽن کي فن مصوري به سيکاري وئي آهي. اهڙو ئي هڪ مصوري جو مقابلو آمريڪا ۾ روباٽن وچ ۾ به ٿيو جنهن ۾ روباٽن پاران مختلف فن پارا تيار ڪيا ويا جن ماڻهن کي حيران ڪري ڇڏيو. ان مقابلي ۾ 18 ٽيمن حصو ورتو جن پنهنجي روباٽن کان شاهڪار قسم جا فن پارا تيار ڪرايا. ڪجهه روباٽ ته اهڙا مقابلي ۾ آندا ويا جيڪي ماهر مصورن وانگر هٿ کي گهمائي رنگن جا اسٽورڪ هڻندا رهيا. جڏهن ته انهن کي هلائڻ لاءِ جديد الگورٿم ۽ سافٽ ويئر به پيش ڪيا ويا هئا. ڪجهه اهڙا روباٽ به پيش ڪيا ويا جيڪي هڪ وقت ۾ هڪ کان وڌيڪ برش کڻي به مصوري ڪندا رهيا جن کي ڏسي ماڻهو حيران ٿي ويا. هن مقابلي ۾ پهريون انعام هڪ مصور روباٽ ڪلائوڊ پينٽر کي ڏنو ويو. جنهن ڊيپ نيورل نيٽ ورڪ ۽ الگورٿم ذريعي هڪ پينٽنگ تيار ڪئي، جنهن جا ڪيترائي حصا آهن. هن مقابلي ۾ عوام ۽ ماهرن گڏجي پنهنجي راءِ ڏني ۽ انهن جي راءِ جي بنياد تي مقابلو کٽيندڙن کي چونڊيو ويو. هن مقابلي ۾ پهريون نمبر اچڻ واري روباٽ کي چاليهه لک ڊالر انعام ڏنو ويو. جڏهن ته ان کان علاوه ڏهن بهترين روباٽن کي به ننڍي رقم جا انعام ڏنا ويا.
مقابلي ۾ روباٽن پاراڻ ٺاهيل ڪجه پينٽنگون




