سنڌ صوبي جي گادي واري شهر ڪراچي ۾ پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪال جي بهتري جي منصوبي جي ٻئي مرحلي لاءِ ايشين انفرااسٽرڪچر انويسٽمينٽ بينڪ (AIIB) ڪراچي واٽر ۽ سيوريج سروسز امپروومينٽ پروجيڪٽ (KWSSIP) جي ٻئي مرحلي لاءِ 24 ڪروڙ ڊالرن جي فنڊنگ جي منظوري ڏني آهي. اهو منصوبو پهرئين مرحلي ۾ ٿيل ترقي کي وڌيڪ اڳيان وڌائيندو ته جيئن صاف پاڻي ۽ سيوريج جي نظام کي بهتر بڻائي سگهجي. انهيءَ منصوبي جي پهرئين مرحلي تحت ايشين انفرااسٽرڪچر انويسٽمينٽ بينڪ 4 ڪروڙ ڊالر ڏنا هئا. ڪراچي شهر جيڪو پاڪستان جو مالياتي مرڪز آهي. انهن جي شهرين کي سنڌ حڪومت ۽ عالمي مالياتي ادارو سهولتون فراهم ڪري رهيو آهي. اها سهولت ڪراچي واسين لاءِ ضروري ۽ بنيادي آهي.
ڪراچي شهر جنهن کي قدرتي ڊرينيج سسٽم آهي. سامونڊي کاڙيون برساتي پاڻي ۽ ڊرينيج پاڻي کڻي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪنديون آهن، پر شهر جي ترقي، آبادي جي بي ترتيب واڌ ويجهه ۽ عمارت سازي ۾ بدانتظامي انهيءَ ڇوڙ کي هڪ طرح سان ختم ڪري ڇڏيو آهي. خاص طرح جڏهن برساتون پون ٿيون ته شهر جوي پاڻيءَ جي نيڪال جو نظام جواب ڏيو وڃي ۽ ڪِنو پاڻي ماڻهن جي گهرن ۾ داخل ٿيو وڃي. روڊ رستا، رهائشون ۽ ڪاروبار ڪيترن ڏينهن تائين پاڻيءَ ۾ ٻڏيو وڃن. ڏک جهڙي ڳالهه اها آهي ته ڪراچي جي شهرين کي روزاني جي بنيادن تي صاف پاڻي انهن جي گهرن تائين نٿو پهچي. ماڻهو پاڻيءَ جي ٽينڪرن جي مافيا جي اڳيان بيوس آهن. روزاني استعمال جو پاڻي به انهن کي خريد ڪرڻو پوي ٿو، جيڪو کين معاشي دٻاءُ جو شڪار بڻائي ڇڏي ٿو، اهو ئي حال پاڻي جي نيڪال جو آهي.
جڏهن موسمياتي تبديلي اچي ٿي، برساتون ٿين ٿيون ته ڪراچي ۾ پاڻي جو نيڪال ترت نٿو ٿئي. موسم ۽ ماحول جي ڪري مستقبل ۾ به صاف پاڻي ۽ ڊرينيج جي لاءِ ڏکيائيون پيش اچي سگهن ٿيون. ڪراچي جي سامونڊي پٽيءَ ۾ ڪيئي کاڙيون ۽ نديون آهن جيڪي انهيءَ جي ماحولياتي نظام جي بنيادي ڍانچي جو اهم حصو آهن، انهن ۾ ڪورنگي ڪريڪ، ڦٽي ڪريڪ، خودي ڪريڪ ۽ چنا ڪريڪ شامل آهن. اهي کاڙيون سمنڊ ڏانهن پاڻي جو رستو آهن، پر ڏک جي ڳالهه اها آهي ته آبادي جي دٻاءُ ۽ چائنا ڪٽنگ ۽ حڪومت جي بدانتظامي ڪراچيءَ جهڙي ميٽرو پوليٽن شهر جي انهن کاڙين کي سوڙهو ڪري انهن جي بندن تي قبضا ڪري قدرتي نظام کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي. نتيجي ۾ ڪراچي جو عام شهري صاف پاڻي ۽ ڊرينيج جي مسئلن جو شڪار آهي.
اهو به چئجي ته شهر جي صفائي جي انتظام کان وٺي صفائي جي نيڪال لاءِ ٺهيل نالا پراڻا آهن ۽ شهر جي موجوده نيڪال ٿيندڙ پاڻي ڪڍڻ لاءِ پورا ناهن. ڪراچي کي صاف پاڻي ۽ نيڪال جي نئين نظام جي ضرورت آهي، جيڪو آئنده سالن ۾ شهر جي وڌندڙ آبادي کي منهن ڏئي سگهي. ڇاڪاڻ جو پاڻي ۽ پاڻي جو نيڪال زندگي جون اهم ضرورتون آهن ۽ هن وقت بدقسمتيءَ سان اهي سهولتون ڪراچي جي ماڻهن کي مهيا نه آهن اها ڏک جهڙي ڳالهه آهي. سنڌ حڪومت ۽ ايشين انفرااسٽرڪچر انويسٽمينٽ بينڪ ڪراچي ۾ صاف پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪال جي انتظام جي بهتري لاءِ مالي مدد ڪئي آهي. سڌ سماءَ جي ذريعن مطابق منصوبي جي انهيءَ ٻئين مرحلي جو مقصد ڪراچي ۾ صاف پاڻي جي دستيابي ۽ نيڪال واري پاڻي جي نظام کي بهتر بڻائڻ آهي.
صاف پاڻي جي موجوده انتظام کي بهتر ڪرڻ ۽ اها سهولت وڌيڪ ماڻهن تائين پهچي انهي تي ڪم ٿي رهيو آهي. هي منصوبو جنهن جو هدف 2030 تائين هڪ ڪروڙ 60 لک ماڻهن تائين صاف پاڻي ۽ هڪ ڪروڙ 4 لک ماڻهن تائين ڊرينيج جي سهولت فراهم ڪرڻ آهي. اهو منصوبو سنڌ حڪومت ۽ عالمي بينڪ جي ساٿ سان شروع ٿيو آهي. ايشين انفرااسٽرڪچر انويسٽمينٽ بينڪ انهيءَ ڳالهه جي ڪوشش ڪندي ته سنڌ حڪومت سان گڏجي اهو منصوبو بين الاقوامي ماحولياتي ۽ سماجي اصولن جي مطابق ٺهي راس ٿئي. ڪراچي جي شهرين لاءِ صاف پاڻي ۽ نيڪال لاءِ اهو منصوبو تمام ضروري آهي. سنڌ حڪومت پنهنجي گادي واري شهر ڪراچي جي لاءِ صاف پاڻي جي فراهمي ۽ پاڻي جي نيڪال لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. اهي ڪوششون وقتائتيون ۽ ضروري آهن.