وفاق سنڌ جي ٽن اسپتالن جي حوالگي وٺڻ باوجود بجيٽ نه رکيو
وفاقي حڪومت پاران سنڌ جي ٽن اسپتالن جن ۾ نيشنل انسٽيٽيوٽ آف چائلڊ هيلٿ، اين. آءِ. سي. وي. ڊي ۽ جناح پوسٽ گريجوئيٽ شامل آهن جي حوالگي سنڌ صوبي کان وٺڻ باوجود به انهن ٽنهي ادارن لاءِ تازي بجيٽ ۾ ڪوبه فنڊ نه رکيو آهي. جڏهن ته سنڌ صوبو جيڪو انهن اسپتالن کي وفاق جي حوالي ڪرڻ لاءِ تيار نه هو، هن وقت به سنڌ حڪومت طرفان سپريم ڪورٽ ۾ انهن ادارن جي واپسي لاءِ درخواست دائر ٿيل آهي جنهن جو فيصلو اڃان ٿيڻو آهي ان جي باوجود وفاق انهن ٽنهي ادارن جي انتظاميه پنهنجي هٿ هيٺ ورتي آهي پر انهن لاءِ ڪوبه بجيٽ نه رکيو آهي پر ساڳئي وقت سنڌ حڪومت انهن ٽنهي ادارن لاءِ بجيٽ مختص ڪيو آهي. جنهن سان اهي ادارا مسقبل ۾ عوام کي صحت جون سهولتون فراهم ڪري سگهندا. ٻئي طرف وزيراعظم جي صحت وارو خاص صلاحڪار ظفر مرزا به ان ڳالهه جو اعتراف ڪيو آهي ته حوالگي باوجود وفاق ٽنهي اسپتالن لاءِ ڪو بجيٽ نه رکيو آهي. واضح رهي ته سپريم ڪورٽ هڪ فيصلي تحت هي ٽئي اسپتالون وفاق حوالي ڪيون آهن.