يورپي يونين افغان شهرين جي لاءِ 6 ڪروڙ 10 لک يورو جي امداد جاري ڪري ڇڏي
يورپي يونين افغانستان ۾ ڪمزور طبقي ۽ پاڪستان ۾ افغان تارڪين وطن جي امداد لاءِ 6 ڪروڙ 10 لک يورو جاري ڪري ڇڏيا. برسلز ۾ يورپي سول پروٽيڪشن اينڊ هيومينٽيرين ايڊ آپريشنز (ايڪو) جي ڊائريڪٽوريٽ جنرل جي طرفان جاري ڪيل هڪ بيان ۾ چيو ويو آهي ته 6 ڪروڙ يورو افغانستان ۾ ڪم ڪرڻ وارن ادارن لاءِ مختص ڪيا ويا آهن ۽ 10 لک يورو پاڪستان ۾ ڪم ڪرڻ وارن ادارن لاءِ رکيا ويا آهن. ان مالي امداد سان افغانستان ۾ خوراڪ جي بحران کي منهن ڏيڻ ۾ مدد ملندي، جتي لڳ ڀڳ اڌ آبادي شديد غذائي کوٽ جي خوف جو شڪار آهي. فنڊنگ جو اڌ حصو افغانستان واپس ايندڙ ماڻهن تي خرچ ڪيو ويندو.