خاص

نواز ليگ ”ووٽ کي عزت ڏيو“ تان هٽي ويو ته گڏ هلڻ ڏکيو ٿيو: وزيراعظم جيالو ٿيندو: بلاول

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو چيو آهي ته نواز ليگ وارا ووٽ کي عزت ڏيو جي نعري تان هٽيا ته ساڻن گڏجي هلڻ ڏکيو ٿي ويو، اسان جو رابطو عوام سان آهي، پر هُنن جو رابطو سليڪٽو ڪاميٽي سان آهي. ملير ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته پيپلز پارٽي وٽ نواز ليگ کي هارائڻ جو تجربو آهي، ايندڙ چونڊن ۾ کين هارائينداسين، سنڌ جو وزيراعليٰ ۽ وزيراعظم جيالا ٿيندا. هن چيو ته نواز ليگ ۽ ايم ڪيو ايم وچ ۾ اتحاد جو نقصان ٻنهي پارٽين کي ٿيندو. منهنجي اُنهن سان ڪابه شڪايت ناهي پ پ چيئرمين چيو ته پارٽي کي نياپو ڏيان ٿو ته هاڻي ليول پلينگ فيلڊ جي شڪايت نه ڪريو، اسان کي ليول پلينگ فيلڊ نه ملندي، اُن هوندي به 8 فيبروري تي کٽي ڏيکارينداسين.