خاصنئون

پنجاب ۾ ايڊز جا 13000 مريض هجڻ جو انڪشاف

رتوديرو ۾ ايڊز جي وبا پکڙجڻ بعد پنجاب ۾ به  ايڊز جا مريض ظاهر ٿي ويا آهن. سنڌ اندر ايڊز جا ڪل 800 ڪيس ظاهر ٿيڻ تي صوبي ۾ واويلا ٿي رهي آهي هاڻي آيل خبرن موجب پنجاب ۾ 13000 ايڊز جا مريض ظاهر ٿيا آهن. صرف پنجاب جي ضلعي ڊيرا غازي خان ۾ ايڊز جا 3000 مريض ظاهر ٿيا آهن. ان کان علاوه فيصل آباد ۾ 2800 مريض ظاهر ٿيا آهن جڏهن ته پنجاب جي جيلن ۾ 3000 مريضن ۾ به ايڊز جو مرض ظاهر ٿيو آهي. هن کان اڳ ۾ پنجاب جي مختلف ضلعن جهڙوڪ فيصل آباد، ساهيوال، چنيوٽ، جهنگ ۽ ننڪانا صاحب ۾ 2800 ايڊز جا مريض رجسٽر ٿيل آهن.