گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل پاران پاڪ ڀارت مذاڪرات تي زور
گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انٽونيو گورٽريس پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڳالهين جي نئين دور تي زور ڏنو آهي ۽ اميد ظاهر ڪئي آهي ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ اثرائتيون ڳالهيون ڪيون وڃن. اهي ڳالهيون هن گڏيل قومن جي هيڊڪوارٽر ۾ هڪ پريس ڪانفرنس ۾ ڪيون. هن وڌيڪ چيو ته گڏيل قومن جي اداري ڪشمير بابت هڪ تفصيلي رپورٽ تيار ڪئي آهي، رپورٽ تيار ڪري گڏيل قومن جي اداري پنهنجو واضح ڪردار ادا ڪيو آهي. هن اهو به چيو ته مان پنهنجي آفيس کي ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڳالهين جي لاءِ پيشڪش ڪندو رهندو آهيان پر اڄ تائين ڪابه ڪاميابي حاصل نه ٿي آهي.