سعودي عرب جي موجوده حڪمران ڪرائون پرنس خادم الحرمين شريف “محمد بن سلمان بن عبدالعزيز” پاران اسرائيلي ظلمن ۽ نيتن ياھو جي جنگي جنونيت کي ڏسندي عرب اسلامي ملڪن جي سربراھ ڪانفرنس ڪوٺائي هڪ احساس ڏياريو آھي ته سعودي عرب جا حاڪم ستل نه پر جاڳن پيا. بلاشڪ ھي ڪانفرنس اهميت رکي ٿي جڏھن ھن جديد ٽيڪنالاجي واري دور ۾ فلسطينين مٿان اسرائيل جي وزيراعظم قاتل نيتن ياھو پاران خوفناڪ ظلمتن، وحشتن، بربريت ۽ دھشتگرديءَ ۾ اڳوڻا ظلمتن ڀريا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آھن!
ھن اھميت واري ڪانفرنس ۾ عرب، آفريڪي ۽ اسلامي ملڪن جي سربراھن وڏي جوش ۽ جذبي سان شرڪت ڪئي آھي، جنهن جو سبب اھو به ٿي سگهي ٿو ته دنيا جي مسلمانن طرفان اھا راءِ جڙي رهي ھئي ته “اسرائيلي ظلمن جي جواب ۾ ڪيترن ئي اسلامي ملڪن جي حڪمرانن ايستائين جو سعودي عرب جهڙي وڏي حيثيت واري اسلامي ملڪ جي سربراھ جي خاموشي يا درگذري ٿي ڏٺي” … ھي ڪانفرنس ان رد عمل جي محسوسات جو به سبب ٿي سگهي ٿي.
ان کانسواءِ گڏيل قومن جي اداري، سلامتي ڪائونسل ۽ ٻين ڪيترن اھم فورمن جي فيصلن تي عملدرآمد نه ٿيڻ ڪري به ھي ڪانفرنس ضروري سمجهي وئي ڇو جو اسرائيل پنهجي وحشتن جي ڪري انھن بين الاقوامي فورمن کي اھميت نه ڏيندي ساڳي ريت جنگي جنونيت ۾ اڳڀرو رھندو اچي. ھن اسرائيلي جنونيت ۾ اسڪولن، اسپتالن، درسگاھن، پناهه گاھن ۽ مسجدن جو احترام نه ڪندي خوفناڪ جديد ھٿيارن سان بمباري ڪري معصوم ٻارڙن، مريضن، بزرگن، عورتن خاص ڪري ڳورھاري عورتن کي به بيدردي سان مارڻ ۾ ڪو به احساس ۽ ڪنهن به قسم جو خوف محسوس نه ڪندي ڏٺو ويو آھي. ان ڪري دنيا جي گهڻن ملڪن ۾ ٿيندڙ احتجاج، دانھون، ڌرڻا، مظاهرا احتجاج ۽ مطالبا حقيقت تي ٻڌل لڳن ٿا ته، جيئن اسرائيل فلسطينين جي نسل ڪشي ڪرڻ بند ڪري سگهي. جيڪا جنگ دنيا جي مھذب ملڪن ۾ ڪنهن به حالت ۾ پسند نٿي ڪئي وڃي. سعودي عرب جي شهر رياض ۾ ٿيل ھن شاندار ڪانفرنس ۾ مهمانن جي آجيان ڀاڪرن ۽ روايتي محبتي چمين سان ڪئي وئي.. ڪيترن شهرن خاص ڪري رياض جهڙي عاليشان شهر جي خوبصورتيء ۾ ويتر اضافو ڪري شريڪ ملڪن جي جهنڊن ۽ ڀليڪار جي بينر سان سينگاريو ويو.
ڪيترن برادر ملڪن مان پاڪستان جي وزير اعظم شھباز شريف جي شرڪت ۽ سندس تقرير کي پسند ڪيو ويو جنهن ۾ پاڻ اسرائيلي ظلمن تان پردو کڻي سندس دنيا جي فورمن تان ميمبر شپ جي خاتمي جو مطالبو پيش ڪندي اسلامي ملڪن کي ھاڻ وڌيڪ ماٺ نه ڪرڻ جي صلاح ڏني. اھڙي ريت سعودي بادشاھ وانگر شھباز شريف ايران جي مٿان اسرائيلي حملن ۽ ٽارگيٽ ڪيل خوني ڪارواين جي مذمت ڪئي.
ھن ڪانفرنس جي گڏيل اعلان جي ڪيترن خاص نڪتن مان انساني حقن جي تنظيمن کي فلسطينين جي مدد لاءِ قدم کڻڻ سميت آفريڪي يونين طرفان فلسطيني مقصدن جي حمايت ڪئي وئي. اھڙي ريت دنيا ۾ مسلم مخالف لاڙن، اسلامو فوبيا جي مذمت ڪندي انهن خلاف گڏيل عالمي حڪمت عملي تي عمل ڪرڻ لاءِ زور ڏنو ويو جيئن دنيا جي ڪجهه ملڪن ۾ مسلمانن خلاف ٻٽا معيار روڪيا وڃن ۽ گڏوگڏ مسلم ملڪن جي باھمي اتحاد، آزاديءَ سان واپاري، ڪاروباري سرگرمين جي مختلف نڪتن تي غور ڪيو ويو. ھن ڏس ۾ تعليم، سائنس، ٽيڪنالاجي ھنر ۽ تحقيقي شعبن ۾ پڻ سهڪار کي ضروري سمجھندي اڳڀرو ٿيڻ جا فيصلا ڪيا ويا آھن.
ھن ڪانفرنس جي خاص نڪتن ۾ سعودي بادشاھ پاران اسلامي جمھوري ايران جي کلي عام حمايت ڪندي اسرائيل کي اڳرائي ڪرڻ جي منع ڪئي وئي آھي. رياض ۾ ٿيل “عرب، اسلامي سربراهي ڪانفرنس” ۾ اسرائيل جي پٺي ٺپيندڙ خاص طور آمريڪا جو ذڪر اڻ سڌي ريت ٿيندي محسوس ٿيو.
اميد ڪجي ٿي ته ھي اھم اسلامي سربراھ ڪانفرنس فقط لفظي مذمتن تي نه ڀاڙيندي، پر عملي طور جلد سر عام ميدان تي پنهنجن مقصدن جي پورائي واسطي سرگرم رھندي. فلسطينين جي ھر ضروري مدد و امداد ڪندي جيئن اسرائيل ۽ سندس حمايت ڪندڙن کي سخت جواب ملي سگهي.