ڇا 9 مئي طاقتورن کي سوچڻ تي مجبور ڪندو؟
اسانجي ملڪ جي تاريخ اندوهناڪ ۽ افسوسناڪ واقعن سان ڀري پئي آهي، 16 ڊسمبر، 1971 هجي يا 16 ڊسمبر 2014. 16 ڊسمبر، 1971 ۾ جڏهن ملڪ جا ٻه ٽڪرا ٿيا ۽ 16 ڊسمبر 2014 ۾ جڏهن گلن جهڙن ٻارڙن جي سينن کي گولين سان پروڻ ڪيو ويو. اهڙا ڪيترائي ٻيا واقعا به آهن، 12 مئي به اهڙن واقعن مان هڪ آهي، انهن منجهان سبق نه ورتوسين ۽ 9 مئي جو واقعو ٿي ويو. انتهائي مذمت جوڳو رياست سان سڌو ٽڪراءُ بظاهر هڪ سياسي پارٽي جيڪا ٺاهي به طاقتورن هئي، شهيدن جي يادگارن سان جيڪو سلوڪ انهيءَ پارٽي جي بظاهر ڪارڪنن ڪيو، اسانجي تاريخ ۾ مثال نٿو ملي. هڪ دفعو وري به هن ڪالم ۾ انهيءَ جي پرزور مذمت ڪندي، اڳتي هلون ٿا جڏهن چيف آف آرمي اسٽاف جنرل آصف منير صاحب پنهنجين ڇانوڻين جا ۽ ڪورن جا طوفاني دورا ڪري رهيو هو. ته سيالڪوٽ جي اسٽيشن هيڊڪوارٽر تي نوجوان فوجي آفيسرن انتهائي تلخ سوال ڪيو.
جنرل صاحب اسان ملڪ لاءِ رت ڏيون واپسي ۾ عزت به نه ملي؟
اهو سوال نه صرف جنرل صاحب جي سوچ کي لوڏي ٿو، بلڪه هر ساڃاهه وند محبِ وطن پاڪستاني جي ذهنن کي به ڌوڏي ٿو. يقينن ماءُ پيءُ پنهنجن نوجوانن کي فوج ۾ انهيءَ ڪري موڪليندا آهن، ته جيئن هو پنهنجي ملڪ جي سرحدن جي حفاظت پنهنجو رت ڏئي ڪري سگهن. جڏهن انهن جا لاش پاڪستاني پرچم ۾ ويڙهجي انهن جي اباڻن ڳوٺن ۾ پهچندا آهن، ماءُ پيءُ ۽ مائٽن کان علاوه انهيءَ ڳوٺ جي هر ماڻهوءَ جي اک آلي هوندي آهي، پر انهن جو ڪنڌ عزت ۽ وقار سان اوچو هوندو آهي. هن واقعي انهيءَ عزت ۽ وقار تي حملو ڪيو آهي. جنهن جي معافي نه ملندي. نه ئي ملڻ کپي. ڪجهه سوال ڪريون ٿا، سوال ڪرڻ هر ماڻهو جو حق آهي، سوال ڪيترو به بيوقوفاڻو ڇو نه هجي، انهن جي جوابن منجهان ئي ڪو بهتر رستو نڪرندو آهي. الميو اهو آهي ته اسان وٽ سوال ڪرڻ وارو ڏوهاري هوندو آهي. ان کي منع ڪئي ويندي آهي ته سوال ڇو ٿو ڪرين؟ پر وس وارو 2023 ۾ اوهان سوال ڪرڻ وارن کي خاموش نه ڪرايو. انهن کي بهتر جواب ڏيو. ڇا 9 مئي جو واقعو اچانڪ ٿيو؟ پروجيڪٽ عمران ڪنهن ٺاهيو؟ ڇا پروجيڪٽ عمران ٺاهڻ وارن کي ڪا سزا ايندي؟ ڇا طاقت وارا گارنٽي ڏيندا اڳتي اهڙا پروجيڪٽ نه ٺهندا؟ سزائون صرف ڪمزورن کي ملنديون؟ شرفا وري به شريف ٿي ويندا؟ ۽ اهڙا ئي ڪيترا انيڪ سوال آهن، ڪجهه سوال اسان ڪري به نٿا سگهون. اسين جن جو مرڻ، جيئڻ، ملڪ سان آهي. جن کي صرف هڪ شناختي ڪارڊ ۽ هڪ پاسپورٽ آهي، جيڪي روز صبح جو اٿي دعا گهرندا آهيون ته اسانجي ملڪ کي ترقي ڏي ته جيئن هر ماڻهو کي ٻه وقت ماني ملي، بيمار کي اسپتال ۾ علاج ملي، ٻارن کي اسڪول ۾ تعليم ملي، اسان کي پيئڻ لاءِ صاف پاڻي ملي، اسانجي ملڪ ۾ امن امان هجي، هر ماڻهوءَ کي روزگار هجي. اسانجون دعائون الاءِ ڇو نٿيون قبول پون؟
اسان هميشه عمران تي تنقيد ڪئي ۽ جائز ڪئي، عمران سياسي ماڻهو هو ئي ڪونه. هو سياست جي س کان به واقف نه هو، پر سياست سکڻ جي ڪوشش به نه ڪيائين، 2014 جو ڌرڻو، 2018 جي ڌرڻي ڪري ملڪ جي جيڪو نقصان ٿيو، چين ناراض ٿي ويو ۽ اسان وري به آمريڪا جي جهولي ۾ پئجي وياسين. آمريڪا جيڪو اسان کان 7 سمنڊ پار، هميشه اسان کي استعمال ڪندو رهيو. اسان کي باهه ۾ ڌڪيندو ته رهيو. پر ڪڏهن به ترقي جي راهه تي کڻي اچڻ لاءِ تيار نه هو. سدائين بندشون ۽ اسان جا اڪابرين پنهنجي پاڙي وارن کي ڇڏي صرف پنهنجي ذاتي خسيس مقصدن جي لاءِ آمريڪا جي اشارن تي نچندا رهيا. نتيجو اهو نڪتو آهي ته سائوٿ ايشيا ۾ ڪمزور ترين معيشت پاڪستان جي آهي. يعني سريلنڪا جيڪو ڊفالٽ ڪري ويو آهي، اهو به اسان کان بهتر آهي. وس وارا سوچيو!! ڳالهه پي ڪئي سين عمران خان جي ته جڏهن 2018 ۾ کيس وزيراعظم جي لاءِ چونڊيو ويو. ان وقت ٻنهي پارٽين نون ليگ ۽ پيپلز پارٽي اسيمبلي ۾ واضح اعلان ڪيو ته اسين سڀ پويون ڳالهيون ڇڏيون ٿا، اچو ته ملڪ جي ترقي لاءِ گڏجي ڪم ڪريون، ميثاقِ معيشت ڪريون، عمران خان کي انهن سان گڏ ويهڻ، انهن سان ڳالهائڻ، انهن کي ڊاڪو ۽ چور چوڻ کانسواءِ ڪوبه لفظ نه پئي مليو، پوءِ ته همراهه اسيمبلي ۾ اچڻ به ڇڏي ڏنو، ان کانپوءِ اسان ڏٺو ته حڪومت جو سڄو ڪاروهنوار جنرل فيض ۽ جنرل باجوا صاحب هلائي رهيا هئا، ۽ هاڻي پاڻ ٿو چوي ته باجوا سٺو ماڻهو نه هو، جيڪي الفاظ هنن چيا آهن اسان هتي نٿا لکي سگهون، جنرل فيض جي لاءِ اڃا تائين نرم گوشو رکيو اچي ٿو، هي به گذريل قصو آهي، ته 160 سيٽون ڪي پي ڪي جي حڪومت، پنجاب جي حڪومت، پنهنجي غلط فيصلن سان عمران خان ڪيئن وڃائي، سياست هڪڙو آرٽ آهي، هن جا قائدا قانون آهن، جهڙي طرح ڪرڪيٽ جا قائدا قانون آهن، صرف بالر جو پير ڪريز کان هڪ انچ ٻاهر نڪري، ته نو بال ٿي ويندو ۽ سامهون وارو بيٽسمين ڇو نه بولڊ آئوٽ ٿيو هجي، پر انهي کي آئوٽ قرار نه ڏنو ويندو، هن ۾ ته عمران خان هڪ انچ ته ڇا ميٽرن تائين نه بال ڪري چڪو آهي، پوءِ سامهون وارا آئوٽ ڪيئن ٿيندا. جهيڙو ايمپائرن سان پئجي ويو اٿس، هي ته ڀلو ڪرڪيٽر به نه هو، هي ڀلو بالر هو، جڏهن ڪپتان ٿيو پنهنجي ئي ٽيم جي رانديگرن کي گاريون ڏيندو هو، اگر ڪو هن جي بالنگ تي ڪيچ ڊراپ ڪندو هو، سابق اِي سي پي چيئرمين رميز راجا جا انٽرويو ان جي گواهي آهن، ڪرڪيٽ کي گيم آف لارڊز چيو ويندو آهي، اڄ به اسان ڪرڪيٽ جون اهي مئچون جيڪي انگلينڊ ۾ ٿينديون آهن، ڏسندا آهيون ته اچرج وٺي ويندو آهي، پوري اسٽيڊيم ۾ هو جو عالم هوندو آهي، خاموشي هوندي آهي، جڏهن چوڪو يا ڇڪو لڳندو آهي، بهتر فيلڊنگ ٿيندي آهي يا وڪيٽ ڪرندي آهي ته خبر پوندي آهي ته اسٽيڊيم ۾ ماڻهو ويٺا آهن، ڪجهه سيڪنڊن جي لاءِ ڀرپور تاڙيون وڄائي داد ڏئي، وري خاموش ٿي ويندا آهن، عمران خان ڪرڪيٽ مان به نه سکيو، سياست ٽيبل ٽاڪ هوندي آهي، سياست کي جيترو گندو، عمران خان ڪيو، اوترو شايد ٻيو ڪنهن به نه ڪيو، تاريخ ظالم آهي ۽ جيڪڏهن ورق ورايون ٿا، ڀٽي صاحب کي آڻڻ وارا طاقت وارا هئا، ۽ ڀٽي صاحب کي ڦاسي ڏيڻ وارا به طاقت وارا هئا، ڀٽي صاحب جي زبان ڪيتري صاف هئي، ان وقت جا ماڻهو گواهي ڏيندا، پوءِ نواز شريف کي لانچ ڪيو ويو، نواز شريف جي زبان جيڪي گُل ڇٽيندي هئي، اهي به اسان پنهنجي ڪنن سان ٻڌا. 1990 ۾ آئي جي آئي جيڪي گندا فوٽو محترمه بينظير ڀٽو ۽ محترمه نصرت ڀٽو جا جهاز مان اڇلايا، اهي به تاريخ جو حصو آهن، 1993 ۽ 1999 نواز شريف کي ڪجهه سيکاريو ۽ پوءِ محترمه بينظير ڀٽو سان گڏجي ٻين پارٽين سان گڏجي ميثاقِ جمهوريت ڪيو ويو. جنهن ۾ ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ويو ته سياستدان سياسي طور تي هڪ ٻئي جي مخالفت ڪن، نه ڪي ذاتي طور تي، اها رسم 2018 تائين هلندي آئي، جنهن ۾ به شهباز شريف جا چيل جملا، پيٽ ڦاڙيندو سائين، لاڙڪاڻي ۾ گهيليندوسائين، لاهور ۾ لٽڪائيندو سائين انتهائي خراب هوندا هئا، پر جيڪو ڪم، عمران خان بدتميزي جي طوفان طور سياست ۾ آندو، ان مان اڃا اسان گهڻو وقت جان ڇڏائي نه سگهنداسين، پي ٽي آئي وارا ويچارا ڪيترا نظرياتي هئا، يوٽيوب تي ويهي دنيا جهان کي گاريون ڏئي، عمران خان کي آسمان تي پهچائي، هاڻ نظر ئي ڪونه ٿا اچن، هر روز 8 کان 10 پي ٽي آئي جا ليڊر آپريشن پريس ڪانفرنس جي زد ۾ اچن ٿا، ڏک به ٿئي ٿو، کل به اچي ٿي. ڏک ان ڪري ته ڪنهن به سياسي ماڻهو کي بنا ڪنهن ڏوهه جي جيل ۾ وجهڻ سٺو رواج نه آهي، ۽ کل ان ڪري اچي ٿي ته هي جيڪي پاڻ کي جهادي چون پيا، هنن جي لاءِ جيل جون ٻه راتيون به برداشت ڪرڻ ممڪن نه آهي، هنن کي اسان محترمه سان ته ڪونه ٿا ڀيٽيون، جنهن گرمين جي موسم ۾ سکر جيل ۾ بنا اي.سي ۽ خراب ٿيل پکي جي هيٺان، جيل ۾ وقت گذاريو، ان وقت جي سياسي ماڻهن جيڪي ڦٽڪا کاڌا ۽ پوءِ به نعرا هڻندا ايندا هئا، پر اسان سوچيو هو ته شايد هنن منجهان ڪو رانا ثناءُالله جهڙو هجي، شاهد خاقان عباسي جهڙو هجي، جنهن ضمانت جي لاءِ درخواست ئي نه ڏني، سابق وزير خزانه مفتاح اسماعيل به نيب جي جيل ۾ رهيو، ٻيا به گهڻا ئي نالا آهن. ميان صاحب ته پنهنجي گهرواري کي بسترِ مرگ تي ڇڏي ڌيءَ سان گڏجي، گرفتاري پيش ڪرڻ پاڪستان آيو، اعتزاز احسن جهڙا، لفاظي دانشور ان وقت چون پيا ته بيگم ڪلثوم نواز بيمار نه آهي، صرف نون ليگ جو ناٽڪ آهي. پي ٽي آئي اگر سياسي جماعت هجي ها، ائين پن پن ٿي، وکرجي نه وڃي ها، عمران خان، پنهنجن ماڻهن جي تربيت جهيڙي واري انداز ۾ ڪئي، نه ڪي سياسي انداز ۾ جنهن جو نقصان کائي رهيو آهي ۽ کائيندو. هي پاڻ کي 12 مئي تائين لاڏلو سمجهي پيو. جڏهن جسٽس گل حسن اورنگزيب کيس هر ڪيس ۾ ضمانت ڏيندي، گذارش ڪئي ته مهرباني ڪري 9 مئي جي واقعن جي مذمت ڪريو، پر همراهه هوڏ جي انڌي گهوڙي تي سوار هو ۽ هاڻي زمان پارڪ ۾ جڏهن ساڻس ملڻ ڪير به نٿو اچي، شاعر کان شعر کي تبديل ڪرڻ جي معذرت ۽ اجازت وٺندي لکون ٿا.
زمان پارڪ ۾ اڪيلا ڪيون بيٺا هي،
اس طرح تو هوتا هي اس طرح ڪي ڪامون ۾
جهانگير ترين جنهن عمران خان کي طاقتورن جي چوڻ تي پي ايم هائوس تائين پهچايو، ان اڄ نئين پارٽي ٺاهڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. مطلب عمران خان جي پي ٽي آئي گڊ باءِ. عمران کي بچائڻ وارا ڪوششون ڪن پيا ته هن کي ٻاهر وٺي وڃون، نظر مشڪل ٿو اچي. جيتري ڪاوڙ فوج ۾ آهي، محسوس ائين پيو ٿئي. عمران خان کي سزا ايندي. يومِ تڪريم جي سلسلي ۾ ٿيل تقريب ۾ هڪ تصوير ميڊيا جو موضوع بڻي. تصوير جو مطلب مختلف ماڻهن مختلف ورتو. اسان سمجهون ٿا ته پيغام اهو هو اسين پاڻ ۾ گڏ آهيون. سڀني ڪمين ڪوتاهين جي باوجود. جيئن جسٽس عمر عطا بنديال پاڻ سان گڏ جسٽس مظاهر علي اڪبر کي بئچ مان پاڻ سان گڏ ويهاري ۽ اوپن ڪورٽ ۾ واضح طور چيو ته مظاهر علي اڪبر کي مون پاڻ سان گڏ ويهاري هڪ خاموش پيغام ڏنو آهي. ڪاش اهڙو ساڃاهه وندو، عزت وارو، باوقار پيغام سڀئي سياسي ڌرين جا اڳواڻ گڏجي ڏئي سگهن. اهو مشڪل لڳي ٿو.
غريب عوام جو جيئڻ جنجال آهي، آئي ايم ايف نڪ سان لڪيرون پارائڻ کانپوءِ به اسان کي قرض نه ڏنو. انهيءَ کي آمريڪا بهادر روڪيو آهي. ڇو ته آمريڪا بهادر نٿي چاهي ته پاڪستان جا چين سان بهتر تعلقات رهن ۽ چين پاڪستان کي معاشي ترقي ۾ مدد ڏئي. 19 کان 23 تائين سي پيڪ جيڪو گيم چينجر هو، بند ڪيو ويو. خدا خدا ڪري هاڻي جنرل آصف منير صاحب جي ڪوششن جي ڪري. چين اعتبار ڪرڻ شروع ڪيو آهي ۽ اميد ٿي آهي، ته سي پيڪ ۽ ان سان گڏ منصوبا تيزي سان شروع ٿيندا. ڪجهه معاشي بهتري نظر ايندي. غريب عوام ٻه وقت جي ماني کائي سگهندو. وس وارن کي مودبانه گذارش آهي، ڪوشش ڪريو ته پروجيڪٽ عمران کي لانچ ڪرڻ وارن کي ڪا ڪن مهٽ ڪيو. پر ڀلي نه ڪيو. هڪڙي مهرباني ڪيو. اهڙي قسم جا پروجيڪٽ مستقبل ۾ نه ٺاهيو. پوليٽيڪل ماڻهن کي اسپيس ڏيو ۽ انهن تي چيڪ رکو. ماڻهن کي بهتر ڪنڊيشن ۾ اچڻ ڏيو. عام ماڻهو جي حالت ڏاڍي بري آهي. وڌيڪ وس وارا آهيو، اوهانجي مرضي.
***