23-9-17 همسري نيوز
نااهلي جي فيصلي کانپوءِ نواز شريف هڪ دفعو ٻيهر پارٽي جو صدر ٿيندو
پاناما ڪيس جي آيل فيصلي ۾ نواز شريف جي تا حيات نااهلي سان گڏ هو پنهنجي پارٽي جي صدارت کان به هٽي ويو هو. جنهن بعد مريم نواز ان لاءِ اميدوار ٿيڻ چاهيو پئي پر پارٽي جي سينئر اڳواڻن ان جي مخالفت ڪئي. ترميم جي حق ۾ ووٽنگ وقت سسئي پليجو پنهنجي سيٽ تي موجود نه هئي ان ڪري هن جو ووٽ شامل نه ٿي سگهيو. جنهن ڪري فيصلو نواز شريف جي حق ۾ آيو.
……….
سڄي ملڪ ۾ گم ٿيل ماڻهن جي واپسي لاءِ عاشوري کانپوءِ مهم هلائڻ جو اعلان
سماج سڌارڪ تنظيمن پائلر ۽ سنڌ هيومن رائيٽس ڊفينڊرز نيٽ ورڪ پاران اعلان ڪيو ويو آهي ته عاشوري کانپوءِ پنهنجي مهم جو آغاز ڪندا. هنن چيو ته گذريل مهينن ۾ وڏي انگ ۾ سماجي ۽ سياسي ورڪرن کي کنيو ويو آهي جيڪي پاڻ جدوجهد ۾ شريڪ رهيا آهن. هنن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن اهي ماڻهو ڪنهن به ڪيس ۾ گهربل آهن ته انهن کي ڪورٽ ۾ پيش ڪيو وڃي ۽ هڪ شفاف ٽرائل جو حق ڏنو وڃي. ٻي صورت ۾ اسان کي انهن جي جانين جو خطرو رهندو.
………….
آشورا انتظامن هيٺ سنڌ پوليس 1700 اهلڪارن کي واپس گهرائڻ جو فيصلو
آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه ٻڌايو ته ڪل 65129 پوليس اهلڪار سڄي صوبي ۾ محرم جي ڊيوٽي تي موجود هوندا. جنهن ۾ 7939 اهلڪار رزرو فورس مان گهرايا ويندا. پوليس پاران صوبي ۾ 9444 پوليس چوڪيون ۽ 2914 گاڏيون به ان دوران ڪتب آنديون وينديون.
……………
آدم شماري بابت اٿاريل سوالن تي وفاق جو سنڌ سرڪار کي جواب
شماريات کاتي سنڌ سرڪار کي آدمشماري بلاڪن جا تفصيل، ڊيٽا فارم ۽ سيٽلائيٽ نقشا ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. تمام اعتراضن باوجود وفاق سنڌ جي خدشن کي رد ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ کي شڪايت ان ڳالهه تي هئي ته ملڪ جي ميگا شهر ڪراچي جي آبادي کي لاهور جي آبادي کان به گهٽ ڏيکاريو ويو آهي.