تحريڪ انصاف 9 مئي تي جيڪو ڪجهه ڪيو اهو پاڪستان جي رياست مٿان حملو هو: وزيراعظم
وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين مختلف انٽرويوز ۾ کلي عام، ڄاڻي واڻي غلط ڄاڻ ڏئي رهيو آهي. 9 مئي تي جيڪو ڪجهه ڪيو ويو اهو پاڪستان جي رياست مٿان حملو هو. شهباز شريف ٽوئيٽ ڪيو ته 9 مئي کان پوءِ جي واقعن کي انساني حقن جي ڀڃڪڙين طور ان جي وضاحت گمراهه ڪندڙ آهي، انهيءَ جو مقصد ملڪ کان ٻاهر راءِ ڏيندڙن تي اثرانداز ٿيڻ آهي. شهباز شريف چيو ته 9 مئي تي جيڪو ڪجهه ڪيو ويو اهو پاڪستان جي رياست تي ناپاڪ ارادن سان بزدلاڻو حملو آهي. شهباز شريف چيو ته مان سڀني کي يقين ڏياريان ٿو ته ڏوهارين کي قانون تحت منهن ڏنو ويندو. مان ان ڳالهه کي يقيني بنائيندس ته بنيادي انساني حقن جي ڀڃڪڙي نه ٿئي. وزيراعظم شهباز شريف وڌيڪ چيو ته هر معاملي کي قانون تحت مناسب طريقي سان منهن ڏنو ويندو. پاڪستان انساني حقن بابت پنهنجين سمورين آئيني ۽ قانوني ذميوارين جو مڪمل احترام ڪري ٿو.