خاص

پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو سرڪاري دوري تي بغداد پهچي ويو

ملڪ جو پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو  زرداري ٽن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي بغداد پهچي ويو آهي. عراقي نائب پرڏيهي وزير ۽ پاڪستاني سفير  بلاول ڀٽو جو استقبال ڪيو. پرڏيهي وزير اڄ عراقي هم منصب سان ملاقات پڻ ڪندو. پرڏيهي وزير دوري دوران عراق جي اعليٰ سياسي قيادت سان به ملاقات ڪندو. بلاول ڀٽو نئين سفارتخاني جي پيڙهه جو پٿر رکڻ کان علاوه مقدس هنڌن جي زيارت تي پڻ ويندو.