خاص

سنڌ حڪومت جو تعليمي ادارا 31 مئي تائين بند رکڻ جو اعلان

وڏي وزير مراد علي شاھ جي صدارت ھيٺ ڪورونا وائرس جي صورتحال تي سنڌ ڪابينا جو غيرمعمولي اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ تعليمي ادارا 31 مئي 2020 تائين بند رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۽ اعلان ڪيو ويو ته تعليمي ادارا ھاڻي پھرين جون کان کلندا، جڏھن ته اھي موڪلون گرمي جون موڪلون تصور ٿينديون. فيصلو ڪورونا وائرس جي ڦھلجڻ جي خدشي سبب ڪيو ويو. ڪورونا وائرس جي ڦھلجڻ جي خدشي سبب نائين ۽ ڏھين جماعتن جا امتحان منسوخ ڪيا ويا آھن جيڪي 16 مارچ کان شروع ٿيڻا ھئا