خاصنئون

ارشاد رانجهاڻي جو قتل ايمبولينس ۾ ڪيو ويو: انڪشاف

دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ هلندڙ ارشاد رانجهاڻي قتل ڪيس ۾ اهم انڪشاف ٿيو آهي. جنهن مطابق ارشاد رانجهاڻي جو قتل ايمبولينس ۾ ٿيو هو. هي انڪشاف ايمبولينس ڊرائيور پاران ڪيو ويو آهي. ايموبلينس ڊرائيور بيان ڏنو آهي ته هو پوليس انسپيڪٽر علي گوهر سميت ارشاد رانجهاڻي کي اسپتال ڏانهن روانو ٿيو ته ملزم رحيم شاهه موٽرسائيڪل تي آيو ۽ ايمبولينس کي روڪرايو، هو موٽرسائيڪل تان لٿو ته هن جي هٿ ۾ پستول هو، جنهن چيو ته سڀ اڳيان ڏسو ۽ پوءِ ايمبولينس جو دروازو کليو ۽ گولي جي آواز آئي ۽ ارشاد رانجهاڻي جون رڙيون ٻڌڻ ۾ آيون، جنهن بعد اسپتال پهچڻ تي ارشاد فوت ٿي ويو هو. ڊرائيور چيو ته رحيم شاهه جي خوف کان هو خاموش هيو. ٻئي طرف تفتيشي آفيسر پاران چالان تان دهشتگردي جي شق هٽائي اسڪروٽني جو نوٽ لکي ڇڏيو آهي. عدالت اسڪروٽني نوٽ منظور ڪندي چالان دهشتگردي ٽوڙ جي خصوصي عدالت 17 ۾ موڪليو ويو آهي.