صبح جو دير سان اٿڻ خواتين ۾ ذيابيطس جي خطرن کي وڌائي ڇڏي ٿو: تحقيق
هڪ نئين تحقيق مطابق خواتين جو رات دير تائين جاڳڻ ۽ صبح جو دير سان اٿڻ کين ذيابيطس جي مرض ۾ 20 سيڪڙو وڌيڪ گرفتار ڪري سگهي ٿو. آمريڪا جي شهر بوسٽن ۾ قائم برگهم اينڊو ويمنز هاسپيٽل جي محققن 2009 کان 2017 جي وچ ۾ تقريبن 64 هزار وچ عمر جي نرسن جي ڊيٽا جو جائزو ورتو. جنهن ۾ محققن کي معلوم ٿيو ته جيڪي خواتين رات جو دير سان سمهن ٿيون ۽ صبح جو دير سان اٿن ٿيون انهن ۾ ذيابيطس ۾ مبتلا ٿيڻ جا خطرا وڌي وڃن ٿا. ماهرين جو چوڻ آهي ته رات جو دير سان سمهڻ وارين خواتين اندر ورزش گهٽ ڪرڻ جهڙا صحتمند طرز زندگي جا امڪان گهٽجي وڃن ٿا. ان ڊيٽا ۾ انهن نرسن پنهنجي ننڊ جي عادت، غذا، وزن ۽ بي ايم آئي، ننڊ جا وقت، تماڪ ڇِڪڻ، الڪوحل جو استعمال ۽ جسماني سرگرمين متعلق ڄاڻ ڏني.