سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽيءَ جي گرفتار انسپيڪٽر ضياءَ ڪالا جا اهم انڪشاف
پريڊي ٿاڻي ۾ درج مقدمي ۾ ايس آئي يو عدالت کان ملزم جو 2 ڏينهن جو رمانڊ حاصل ڪيو آهي، ملزم کان 2 ٻين حساس ادارن به تفتيش ڪئي آهي، جنهن ۾ ملزم اهم ۽ ڇرڪائيندڙ انڪشاف ڪيا آهن. ملزم ايس بي سي اي ۾ هڪ منظم ترين ”سسٽم“ جي نشاندهي ڪئي آهي، جنهن تحت آرائين نالي شخص جي واسطي سان روزانو ڪروڙين رپيا ڀتو جمع ڪيو وڃي ٿو ۽ رقم باقاعدي ڳڻڻ کانپوءِ ٿيلهن ۾ ڀري منزل تي پهچائي وڃي ٿي. ملزم مطابق ڪراچي جا تمام گهٽ ملازم سسٽم سان ڳنڍيل آهن، منصوبه بنديءَ تحت ميرپورخاص ۽ سنڌ جي ٻين شهرن کان 200 کان وڌيڪ ملازمن کي ڪراچي آفيس ٽرانسفر ڪري انهن کان سسٽم هلرايو پيو وڃي. ملزم مطابق ايس بي سي اي ۾ بي ضابطگين سبب ڪراچي ڪنڪريٽ جو ڍير بڻجي رهيو آهي.