بلاگنئون

آگري کانپوءِ عمرڪوٽ جو تاج محل پيار جي هڪ لازوال ڪهاڻي لکندو

محبت سدائين کان انساني جذبن جي سڀ کان گهري اظهارن جو الهام بڻجي آهي. امر شاعري کان وٺي شاندار عمارتن تائين، پر اڪثر خوشي نه، پر وڇوڙي جو ڏک ئي اهڙا دائمي يادگار ٺهرائيندو آهي. انساني تاريخ ۾ بيشمار اهڙيون ڪهاڻيون آهن جتي ڪنهن پيار واري جي وڃاڻي تي اُٿندڙ ڏک، تخليق ڪندڙ کي پنهنجن جذبن جو ڪو نه ڪو مادي روپ ڏيڻ لاءِ مجبور ڪيو آهي. اهڙن جذبن مان بيشمار غزلون، ڪيئي تصويرون ۽ دنيا جي سڀ کان شاندار عمارتن جنم ورتو آهي. اهي يادگارون پنهنجي فن ۽ حسن لاءِ تاريخ جي ورقن ۾ هميشه زنده رهن ٿيون، پر جيڪي ڪهاڻيون انهن جي پٺيان آهن، اُهي ئي انهن کي ٻين ڪم ڪار کان ڌار ڪن ٿيون. بغير ڪهاڻي جي، اهي به ڪنهن عام غزل، ڪنهن عام تصوير يا ڪنهن عام عمارت وانگر وساري ڇڏيون وڃن ٿيون. اهوئي سبب آهي جو شاهجهان جو تاج محل صرف پنهنجي سنگ مرمر جي شاندار تعمير لاءِ امر ناهي، پر ان محبت لاءِ به جيڪو اهو ظاهر ڪري ٿو ۽ انهيءَ ئي محبت جي ورثي جي بازگشت عمرڪوٽ، سنڌ جي هڪ خاموش ريگستاني شهر ۾ ٻڌڻ ۾ اچي ٿي، جتي هڪ سادو ماڻهو رسول بخش پلي پنهنجي زال مريم جي ياد ۾ پنهنجو تاج محل تعمير ڪري رهيو آهي، اهو ڪو سلطنت لاءِ نه، پر پنهنجي محبوبه لاءِ.

عمرڪوٽ مان، محبت سان: 62  ورهين جو رسول بخش پلي پاڻ کي مغل بادشاهه سان مقابلي ۾ نٿو آڻي. هو چوي ٿو: “منهنجي تاج محل جو آگره جي تاج محل سان ڪوبه مقابلو ناهي، پر ٻئي محبت جو اعلان ڪرڻ لاءِ ٺهيا آهن.”

انهن جي ڪهاڻي 1977ع ۾ شروع ٿي، جڏهن 18 ورهين جي عمر ۾ رسول بخش جي شادي 39 ورهين جي مريم سان طئي ٿي. 21 سالن جو عمر جو فرق ماڻهن جي حيرت جو سبب بڻيو، پر جلد ئي هو ٻئي هڪٻئي جي محبت ۾ گرفتار ٿي ويا. رسول ٻڌائي ٿو: “ان وقت عورتن جو گهر کان ٻاهر نڪرڻ ڏاڍو ناياب هوندو هو، پر پوءِ به هر هفتي اسان حيدرآباد فلم ڏسڻ ويندا هئاسين.”

مريم صرف ساٿ نه ڏنو، پر زندگي بدلائي ڇڏي. رسول چوي ٿو: “مريم کان اڳ مان هڪ بي مقصد انسان هئس، ڏيوالو، نشي جو عادي، بنا ڪنهن رستي جي ڀٽڪندڙ مسافر. مريم مون کي بچايو.” سندس مالي ۽ جذباتي سهاري، جنهن ۾ 250 ايڪڙ ورثي ۾ آيل زمين به شامل هئي. رسول کي نئين زندگي ڏني. هن نشو ڇڏڻ کانپوءِ سياسي سائنس ۽ قانون ۾ ڊگريون حاصل ڪيون ۽ زندگيءَ ۾ مقصد مليو. ٻئي گڏ هڪ سادي، پر حسين زندگي گذاريندا رهيا، جيستائين 2015ع ۾ مريم کي دل جو دورو پيو ۽ هوءَ لاڏاڻو ڪري وئي. رسول جي آواز ۾ ڏڪڻي اچي وڃي ٿي: “اسان 40 شاندار سال گڏ گذاريا ۽ هڪ پل ۾ سڀ ختم ٿي ويو. مون کي نه سمجهه ۾ آيو ته ڪيئن سنڀالجي، جيستائين مون کي هڪ خواب ياد آيو.”

خواب ۽ واعدو: 1980ع ۾، ٻنهي آگره جو اصل تاج محل ڏسڻ لاءِ سفر ڪيو. باغ ۾ ويهي هوءَ ۽ رسول ان جي شانداري ۽ محبت ڀري ڪهاڻي تي حيران ٿيا. رسول ياد ڪري ٿو: “اسان ڪلاڪن تائين شاهجهان ۽ ممتاز بابت ڳالهيون ڪيون. اسان کي ڪهڙي خبر ته هڪ ڏينهن سندن ڪهاڻي اسان جي زندگي ۾ به گونجندي.” مريم جي تدفين رسول جي خاندان جي قبرستان ۾ ٿي. ان کانپوءِ اهو خواب هڪ مشن بڻجي ويو. مريم جي قبر تي پنهنجي طرفان هڪ تاج محل تعمير ڪرڻ، بلڪل شاهجهان وانگر.

اهو ڪم آسان نه هو، ڳوٺ جي قبرستان ۾ هڪ ننڍڙو تاج محل ٺاهڻ جي ڳالهه ماڻهن جي تنقيد جو سبب بڻجي. وسيلن جي کوٽ به هئي، پر رسول پنهنجو ڪم جاري رکيو. “مون هڪ مقامي مستري کي رکيو ۽ آهستي آهستي تعمير شروع ڪئي. اڄ تائين لڳ ڀڳ 12 لک رپيا خرچ ڪري چڪو آهيان. اڃان ڪم رهيل آهي، پر مان مڪمل ڪري ڇڏيندس.” اڃان اڌورو هجڻ باوجود، اها عمارت اڳ ئي هڪ طاقتور علامت بڻجي وئي آهي. اها دولت جي نه، پر يادگيري ۽ عقيدت جي نشاني آهي.

محبت ۾ ڪٽيل ورثو: اڄ جي مادي دور ۾، رسول بخش پلي جو عمل هڪ ننڍڙي بغاوت جهڙو آهي. عمرڪوٽ جو هي تاج محل رڳو هڪ يادگار نه آهي، پر هڪ محبت ڀري ڪهاڻي آهي، جيڪا ڪنهن سلطنت نه، پر سادگيءَ ۽ انسانيت سان جڙيل آهي.

هڪ اهڙو ماڻهو، جنهن کي پنهنجي زال زندگي ڏني ۽ جيڪو هاڻي هر سِر رکي سندس ياد کي امر ڪري رهيو آهي. سنڌ جي هن ڪنڊ ۾، جتي خاموشي گهڻو ڪري جذبن کي لڪائي ڇڏيندي آهي، رسول محبت کي نظر ايندڙ بڻائي ڇڏيو آهي. سندس ڪهاڻي ٻڌائي ٿي ته محبت هڪ سادگي ڀري دل مان به ڪجهه هميشه لاءِ جيئرو يادگار بڻائي سگهي ٿي. عمرڪوٽ کي پنهنجي محبت جي هڪ ڏند ڪٿا ملي آهي، جنهن بادشاهت نه، پر همت ۽ وفا مان جنم ورتو آهي.