بلاگنئون

ملڪ ۾ 2023  کان 2025 تائين ٻارن سان مختلف زيادتين جا انگ اکر

پاڪستان ۾ ٻار سڀني کان وڌيڪ غير محفوظ ۽ نظر انداز ٿيندڙ آهي. ٻارن سان مختلف زيادتين خلاف آگاھي مھمون ھلائيندڙ سروي رپورٽون جاري ڪندڙ غير سرڪاري تنظيم ساحل جي سروي رپورٽن مطابق، ملڪ ۾ ٻارن سان سال 2023ع ۾ مختلف زيادتين جا انگ اکر ھن طرح رپورٽ ٿيا. پوري ملڪ مان رپورٽ ٿيل ڪيسن جو مجموعي تعداد 4,213 هو، جنهن ۾ ٻارن سان جنسي زيادتين، اغوا، غائب ٻار ۽ ٻارن جي شاديءَ جا واقعا شامل ھئا، انھن انگن اکرن مطابق ڪيترائي ٻار روزانو تشدد يا ٻين زيادتين جو شڪار ٿيا. مجموعي طور تي ٻارن جي عدد ۾ 53 سيڪڙو ڇوڪريون ۽ 47 سيڪڙو ڇوڪرا هئا، 6 کان 15 سالن جي عمرين جي ٻارن جو وڏو تعداد ھو، 5 سالن کان گھٽ عمر وارا ٻار به مختلف زيادتين جو شڪار ٿيا، جنسي زيادتين کانپوءِ قتل جا 61 ڪيس رپورٽ ٿيا، اغوا جا تقريبن 1,833 ڪيس سامهون آيا هئا. کڄي ويل ٻارن جو تعداد 330 ھو، 2023ع ۾ ٻارن جي شاديءَ جا 29 ڪيس رپورٽ ٿيا. ڪل ڪيسن ۾ پنجاب جا 75 سيڪڙو، سنڌ جا تقريبن 13 سيڪڙو ڪيس ھئا، باقي ٻين صوبن جا ڪيس ھئا، ھي انگ اکر فقط اھي آھن جيڪي رپورٽ ٿيا. رپورٽ نه ٿيندڙ معاملا انھن کان الڳ ڪيترا ٿيا ھوندا. ملڪ ۾ سال 2024ع ۾ 3,364 ٻارن تي تشدد جا واقعا رپورٽ ٿيا جن ۾ جنسي زيادتي، اغوا، گمشدگي ۽ ٻارن جي شادين جا واقعا به شامل آهن. انهن 3,364 ٻارن ۾ 1,828 ٻارن سان جنسي زيادتين جا ڪيس شامل آھن. 1,204 ڪيس اغوا جا، 241 ڪيس ٻارن جي گمشدگي جا، 56 ڪيس، جنسي زيادتين کانپوءِ ٻارن کي قتل جا، 45 ڪيس ٻارن جي شادين جا شامل آھن. تقريبن 53 سيڪڙو متاثر ٻار معصوم ڇوڪريون رھيون، باقي 47 سيڪڙو معصوم ڇوڪرا ھئا، سڀ کان وڌيڪ تعداد 11 کان 15 سالن جي عمر جي ٻارن جو رھيو، ننڍڙا 5 سالن کان گھٽ عمر جا ٻار به متاثرين ۾ شامل رھيا. 78 سيڪڙو ڪيس صرف پنجاب مان هئا، 12 سيڪڙو سنڌ مان، باقي ٻين صوبن جا ٻار ھئا. تقريبن 93 سيڪڙو ڪيس پوليس کي ٻڌايا ويا. جنوري کان جون تائين 2025ع دوران 1,956 ٻارن سان زيادتيون رپورٽ ٿيون، انهن مان 950 ڪيس جنسي زيادتي جا ھئا، 605 ڪيس ٻارن جي اغوا جا  ھئا، 192 ٻار گم ٿيا، 34 ٻارن جون ننڍي عمر ۾ شاديون ڪرايون ويون، 62 تازن ڄاول ٻارن جا لاش مليا يا جن کي انھن جا نامعلوم وارث ڇڏي ويا، بي سھارا ڇڏي ويا. 2025ع جي پھرين 6 مھينن ۾ به 11 کان 15 سالن جا ٻار سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيا، تقريبن 52 سيڪڙو متاثر ٻار ڇوڪريون رھيون. 2025ع ۾ متاثر ٻارن 72 سيڪڙو پنجاب جا، 22 سيڪڙو سنڌ جا رھيا ۽ باقي تعداد ٻين صوبن جو رھيو.