ايڊيٽوريلنئون

ڀارت جو سنڌ طاس معاهدو معطل ڪرڻ جو جارحاڻو قدم

ڀارت ۽ پاڪستان جي وچ ۾ هڪ پاڻيءَ جو معاهدو ٿيل آهي، جنهن کي سنڌ طاس معاهدو چيو وڃي ٿو، جنهن جي ٽياڪڙي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ورلڊ بينڪ ڪئي هئي. تازو ئي 22 اپريل 2025 تي ڄمون ڪشمير جي هڪ سياحتي علائقي پهلگام ۾ هڪ ڏکوئيندڙ واقعي ۾ لڳ ڀڳ 20 کان مٿي سياح انڌاڌند فائرنگ ڪري ماريا ويا. بدقسمتي سان پاڪستان ۽ هندستان جي وچ ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال سبب ان واقعي جي ذميداري سرڪاري طور تي ته نه، پر ميڊيا جي طرف کان شروع کان ئي پاڪستان جي مٿان وڌي وئي. ان وقت وزيراعظم نريندر مودي سعودي عرب جي دوري تي ويل هو، سندس واپس اچڻ تي هن پنهنجي ڪئبينٽ سان هڪ گڏجاڻي ڪري اهو فيصلو ڪيو ته ڀارت سنڌ طاس معاهدي کي معطل ڪري رهيو آهي. ڀارت ۾ موجود جيڪي به پاڪستاني هن وقت موجود آهن انهن کي 48 ڪلاڪن جي اندر ڀارت ڇڏڻ جو الٽيميٽم ڏنو ويو آهي. ان کان علاوه پاڪستان جي سفارتخاني ۾ موجود سفارتي عملي ۾ هن وقت 50 ماڻهو موجود آهن، ان جي سائيز کي گهٽائي 30 ماڻهن تائين محدود ڪيو ويو آهي ۽ پاڪستان ۾ موجود سفارتخاني جي سائيز کي به گهٽايو ويو آهي. ان کان علاوه مستقبل ۾ پاڪستان جي ڪنهن به ماڻهو کي ڀارت جو ويزا نه ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.

هن وقت سڄي دنيا ۾ هڪ نئون ڪشيدگيءَ جو اڀار اچي رهيو آهي. ٽرمپ جي چونڊجي اچڻ کانپوءِ ٽرمپ جي انتها پسندانه فيصلن کانپوءِ ايئن ٿو لڳي ته ڀارت به ان جي پوئيواري ڪرڻ ۾ دلچسپي رکي ٿو. پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ آزاديءَ کانپوءِ جي لڳ ڀڳ 78 سالن جي تاريخ آهي، جنهن ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڪڏهن به دوستاڻه لاڳاپن کي قائم ڪرڻ جي ٻنهي ملڪن طرفان ڪابه ڪوشش نه ڪئي وئي آهي، جنهن جو نقصان ٻنهي ملڪن جي عوام ۽ رياستن کي ٿي رهيو آهي. هن وقت سنڌ طاس معاهدي کي معطل ڪرڻ ڀارت جو هڪ انتهائي دهشتگرداڻو قدم آهي جنهن کي يقينن ايتري آرام سان عملي جامو نٿو پهرائي سگهجي، ڇو ته هي معاهدو ورلڊ بينڪ جي ٽياڪڙي سان ٿيو آهي ۽ دريائن تي قومن جا حق تسليم ٿيل آهن، انهن کان ڪوبه انڪار نٿو ڪري سگهجي. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته انڊيا ۾ جيڪي درياهه وهي اچن ٿا اهي چين کان وهي هيٺ اچن ٿا، جيڪڏهن ڀارت پاڪستان جو پاڻي بند ڪري سگهي ٿو ته پوءِ ممڪن آهي ته چين به ڀارت جي دريائن کي بند ٻڌي انهن جو پاڻي روڪڻ جي ڪوشش ڪري. جيڪڏهن اها صورتحال ايئن پيدا ٿي وئي ته پوءِ هن خطي ۾ انسانن جو ته ڇا، پر جانورن ۽ ٻوٽن جو زنده رهڻ به ناممڪن ٿي پوندو.

ان سڄي صورتحال کي جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته ائين ٿو لڳي ته طاقت پنهنجو پاڻ کي مڃرائڻ لاءِ ان قسم جا غير انساني، غير اخلاقي ۽ غير فطري قدم کڻڻ تي مجبور ٿي ويندي آهي، ڇو ته طاقت کي پنهنجو گهمنڊ هوندو آهي، اهو ئي ساڳيو گهمنڊ وارو رويو هن وقت پاڪستان جي اندر صوبي پنجاب ۽ وفاق جو سنڌ طرف نظر اچي رهيو آهي جو 1991ع وارو پاڻيءَ جو معاهدو آئين ۽ قانون جو حصو آهي، پر ان جي باوجود وفاق سنڌ جي پاڻيءَ جي حق کي نظر انداز ڪري نوان ڪئنال ٺاهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ۽ جيترو پاڻي سال ۾ ڊيلٽا ۾ وڃڻ گهرجي ايترو پاڻي ڊيلٽا ۾ نه ڇڏي، نه صرف درياءَ جي حق تي ڌاڙو هڻي رهيو آهي، پر سڄي ماحوليات ۽ فطرت کي به نقصان پهچائي رهيو آهي. هن وقت ڀارت جي ان جارحاڻي قدم کانپوءِ يقينن پاڻيءَ جو نقصان نه صرف سنڌ کي بلڪه سڄي پاڪستان کي ڀوڳڻو پوندو ۽ اسان جي اها ئي خواهش آهي ته ڀارت ۽ پاڪستان جي وچ ۾ جيڪا ڇڪتاڻ پيدا ٿي آهي اها به جلد ئي ڳالهين ٻولهين سان ختم ٿئي. اهڙي صورتحال پيدا ٿيڻ کانپوءِ جڏهن سنڌ هن وقت سراپا احتجاج آهي ته وفاق کي به اهو سوچڻ گهرجي ته جڏهن سنڌ جو پاڻي روڪيو ويندو يا ان جي حصي جي پاڻيءَ کي گهٽ ڪيو ويندو ته نه صرف سنڌ جي معاشي، زرعي ۽ ماحولياتي حالت کي نقصان پهچندو، پر وفاق، پنجاب ۽ سنڌ جي وچ ۾ جيڪي محبتون آهن، لاڳاپا آهن، ڀروسو آهي اهي به خراب ٿيندا ۽ گهٽجي ويندا ان جو نقصان پوري ملڪ کي ڀوڳڻو پوندو. ضروري آهي ته هينئر وفاق پنهنجي هوڏ تان لهي، ڀارت پنهنجي غلط فيصلي کي واپس وٺي ۽ هي ٻئي ڌريون زندگيءَ کي پرامن طريقي سان روان دوان رکڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن.