ايڊيٽوريلنئون

شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ موجوده پيپلز پارٽي

            لاڙڪاڻي شهر ۾ 5 جنوري 1928 ۾ پيدا ٿيندڙ شخصيت جنهن کي دنيا ذوالفقار علي ڀٽي جي نالي سان سڃاڻي ٿي ۽ پاڪستان جي عوام جي اڪثريت کيس شهيد ذوالفقار علي ڀٽو چئي مخاطب ڪري ٿي. آمريڪا ۽ انگلينڊ مان اعليٰ تعليم يافته ذوالفقار علي ڀٽو جڏهن سياست ۾ پير پاتو ته ان وقت ملڪ ۾ آمريت هئي ۽ ان آمراڻي حڪومت جو وزير پڻ بڻيو، پر پنهنجي خداداد صلاحيتن ۽ ذهانت سان پنهنجو پاڻ کي نه صرف ملڪ جي عوام ۾ مقبول بڻايو، پر دنيا اندر پڻ پنهنجو نالو پيدا ڪيو. تاشقند ٺاهه کانپوءِ جنرل ايوب جي حڪومت کان بغاوت ڪندي جنهن جو هو وزير خارجه هو، سياسي پارٽي جو بنياد رکيو، جنهن جو نالو پاڪستان پيپلز پارٽي آهي. ڪجهه وقت کانپوءِ گڏيل پاڪستان اندر چونڊن جي نتيجي ۾ اولهه پاڪستان ۾ پيپلز پارٽي کي اڪثريت ملي جڏهن اوڀر پاڪستان عوامي ليگ ٻُهاري وئي.

            ان وقت جي حڪمران جنرل يحيٰ سياسي بصيرت ۽ سياسي اصول کان هٽي ڪري فيصلو ڪيو ۽ مشرقي پاڪستان جي چونڊن کي ڪالعدم قرار ڏنو ويو. جنهن جي نتيجي ۾ ملڪ ٻه حصا ٿي ويو، اوڀر پاڪستان بنگلاديش بڻجي ويو، باقي بچيل ملڪ جو حصو هن وقت جو پاڪستان کي ڊسمبر 1971ع ۾ ذوالفقار علي ڀٽي جي اڳواڻيءَ ۾ پيپلز پارٽي جي حوالي ڪيو ويو. جنگ ۾ تباهه ٿيل ملڪ کي ٿورڙي عرصي ۾ آئين جو دستاويز ڏيندڙ ذوالفقار علي ڀٽو ئي هو، جنهن جي ڪري پاڪستان ۾ پهريون دفعو 1973ع ۾ متفقه آئين منظور ڪيو ويو ۽ ملڪ کي آئين تحت هلائڻ جي شروعات ڪئي وئي. ڀٽي صاحب جي مخالفن جي تنقيد سندس مٿان هر وقت ٿيندي رهي آهي. اهو انهن کي حق حاصل آهي، پر صرف پنجن سالن جي مختصر وقفي ۾ هڪ تباهه حال ملڪ کي اسلامي بلاڪ جو طاقتور ملڪ بنائڻ اهو ذوالفقار علي ڀٽو جو ڪارنامو هو. 1974ع جي اسلامي سربراهي ڪانفرنس کانپوءِ پاڪستان هڪ ئي وقت ان وقت جي ٻن عالمي طاقتن جي اکين ۾ چڀڻ لڳو. ذوالفقار علي ڀٽو چاهيو پئي ته اسلامي ملڪن جو بلاڪ جيڪو آمريڪا ۽ يورپ جي تسلط هيٺ آهي اهو پنهنجي عوام جي لاءِ پاڻ فيصلا ڪري ۽ انهن ملڪن ۾ پڻ يورپ وانگر ۽ آمريڪا وانگر تعليم ۽ ترقي جو هڪ دور شروع ٿئي. ذوالفقار علي ڀٽي کي خبر هئي ته انهن ملڪن ۾ وسيلن جي کوٽ نه آهي، پر صرف طرز حڪمراني جي ڪري اسلامي بلاڪ جا ڪيترائي ملڪ پنهنجي عوام لاءِ اهو ڪجهه ڪرڻ ۾ ناڪام وڃي رهيا آهن جيڪو ترقي يافته دنيا پنهنجي عوام لاءِ ڪري رهي آهي. پنهنجي ملڪ اندر ذوالفقار علي ڀٽي ترقياتي ڪمن جو هڪ ڄار وڇائي ڇڏيو، جنهن ۾ روڊ رستا، اسڪول ڪاليج، اسپتالون ۽ عوام جي ڀلي لاءِ ڪيتريون ئي اسڪيمون تيزيءَ سان مڪمل ڪرايون. پاڪستان جي عوام کي مزدوري جي لاءِ عرب ملڪن طرف لکن جي تعداد ۾ موڪليو، ملڪ ۾ خوشحالي جو دور اچڻ شروع ٿيو. سرڪاري نوڪريون تقريبن هر پڙهيل لکيل نوجوان کي بنا سفارش ۽ رشوت جي ملي رهيون هيون. جيئن اسان چيو ته پاڪستان ان وقت جي عالمي طاقتن جو نه صرف مرڪز بڻجي چڪو هو، پر اهو کين ڪنڊي وانگر چڀي رهيو هو جنهن جي اڳواڻي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ڪري رهيو هو، ان ڪري کيس آمر ضياءُ کان قتل ڪرايو ويو، جنهن ۾ پاڪستان جون عدالتون پڻ شامل هيون. پيپلز پارٽي جي انهي دور جي ترقي تي نظر وجهون ٿا ته اهو پارٽي جي هڪ روشن باب وانگر نظر اچي ٿو، جنهن جو سهرو شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي مٿي تي آهي.

            سنڌ ۾ هن وقت پيپلز پارٽي جي حڪومت آهي جيڪا 2008ع کان مسلسل حڪومت ڪري رهي آهي. سنڌ جو عوام ذوالفقار علي ڀٽي جي سالگره واري ڏينهن تي موجوده پيپلز پارٽي جي اڳواڻن کان ۽ سنڌ حڪومت کان پڇڻ جو حق رکي ٿو ته هن وقت جيڪو انڌير سنڌ ۾ ٿي رهيو آهي جتي رشوت ڏئي نوڪريون حاصل ڪيون وڃن ٿيون جتي امن امان نٿو لڀي، جتي ترقياتي ڪمن ۾ ڪرپشن جو بازار گرم آهي، جتي صرف اقربا پروري ڪئي وڃي ٿي، چاپلوس ماڻهن کي اڳيان آندو وڃي ٿو، ميرٽ جي لتاڙ ڪئي وڃي ٿي، اهليت کي ترجيح نه ڏني وڃي ٿي، ڇا اهو خواب ذوالفقار علي ڀٽي جو هو؟ ڇا سنڌ حڪومت ان جو جواب ڏيندي؟ يقينن هن وقت جي پيپلز پارٽي ۽ ذوالفقار علي ڀٽي صاحب جي پيپلز پارٽي ۾ ڏينهن رات جو فرق آهي. اهو ئي سبب آهي جو اڄ جي پيپلز پارٽي جا اڳواڻ اڄ به ووٽ ڀٽي جي نالي تي وٺي رهيا آهن، پر پارٽي جي شهيد اڳواڻ جي سوچ يعني عوامي خدمت ڪرڻ کان بنهه پاسو ڪري رهيا آهن. هاڻي پيپلز پارٽي کي عوام لاءِ سوچڻو پوندو، جيڪڏهن ايئن نه ٿيو ته پوءِ سنڌ جو عوام خاص طور تي پيپلز پارٽي لاءِ سوچيندو.